سنڌ جي آبادگارن ڪمند جو اگهه 250 روپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

حيدرآباد :- سنڌ آبادگار اتحاد اڳواڻن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي سنڌ شگر ڪين ايڪٽ تحت صوبي ۾ ڪمند جو اگهه 250 روپيا في مڻ مقرر ڪري سموريون شگر ملون چالو ڪرائي ڪمند جي ڪريشنگ شروع ڪرائي وڃي. ٻئي صورت ۾ مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته هو عدالت ۾ وڃڻ سان گڏ روڊن تي احتجاجي تحريڪ هلائڻ تي مجبور ٿي ويندا.سنڌ آبادگار اتحاد جي مرڪزي صدر نواب زبير ٽالپر، مير ظفر الله ٽالپر، محمد انوار، عبدالرحيم درس ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پاسما آڏو بيوس بڻجي وئي آهي، ان ڪري سنڌ حڪومت کي گهرجي ته زراعت کاتي کي هاڻي هلائڻ لاءِ پاسما جي حوالي ڪري ڇڏي. هنن چيو ته پاسما هڪ هٽي قائم ڪري ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي آبادگارن جو معاشي قتل عام ۽ استحصال ڪري رهي آهي، جڏهن ته ان سڄي عمل ۾ سنڌ حڪومت جو ڪردار خاموش تماشائي وارو بڻيل آهي، هنن چيو ته ڪمند جي نئين سيزن جو وقت شروع ٿيڻ باجود حڪومت ڪمند جو نئون اگهه مقرر ڪرڻ سان گڏ شگر ملون هلائڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري نه ڪري سگهي آهي، جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته حڪومت پاسما وارن جو پاسو وٺي بيٺل آهي جنهن کي آبادگارن جو ڪو به خيال نٿو اچي. هنن چيو ته سنڌ جي آبادگارن هلندڙ سال ڪمند جو گهٽ ۾ گهٽ اگهه اڍائي سو روپيا في مڻ ڏيڻ جي گهر ڪئي آهي، پر پاسما گذريل سال جيان هن سال به پنهنجي هوڏ تي قائم رهندي سنڌ حڪومت کي ڪمند جو اهڙو اگهه آبادگارن لاءِ ڏيڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي سنڌ شگر ڪين ايڪٽ تحت صوبي ۾ ڪمند جو امدادي اگهه 250 روپيا في مڻ مقرر ڪري سموريون شگر ملون چالو ڪرائي ڪمند جي ڪريشنگ شروع ڪرائي وڃي. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن سندن مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته هو عدالت ۾ وڃن سان گڏ روڊن تي احتجاجي تحريڪ هلائڻ تي مجبور ٿي ويندا.