سنڌ جو ڀلوڙ لوڪ گلوڪار علڻ فقير کي وڇڙي 20 سال گذري ويا

ڪراچي: – صوفياڻي ڪلام ۾ ڌار انداز رکندڙ صدارتي نشان ماڻيندڙ لوڪ گلوڪار علڻ فقير کي اسان کان وڇڙئي 20 سال گذري ويا.سنڌ جو روايتي لباس پهري مخصوص انداز ۾ صوفياڻه ڪلام پيش ڪندڙ علڻ فقير جو منفرد آواز اڄ به پرستارن کان ناهي وسري سگهيو. آمري ۾ پيدا ٿيندڙ علڻ فقير جو تعلق منگراچي قبيلي سان هو ان جي ڳائڪي جا چرچا سنڌ ۾ ته اڳ ۾ ئي هئا پر گلوڪار محمد علي شهڪي سان گڏ گيت کيس شهرت جي عروج تي پهچائي ڇڏيو.لطيفي راڳ ٻڌي علڻ فقير تي وجد جهڙي ڪيفيت ٿي ويندي هئي. بزرگان دين سان خاص محبت سبب علڻ فقير مشهور صوفي بزرگ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي رهائش اختيار ڪئي ان جي شوق کي ڏسندي دوستن باقاعده ڳائڻ جو مشورو ڏنو.علڻ فقير کي صوفياڻي ۽ لوڪ موسيقي جي حوالي سان ان جي خدمتن تي پاڪستان جي حڪومت کيس 1980ع ۾ نشان امتياز جي ڪارڪردگي سان نوازيو.هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ، شهباز ۽ ڪنڌڪوٽ ايوارڊ به حاصل ڪيا. علڻ فقير بيماري وگهي 4 جولاءِ سن 2000 تي ڪراچي جي مقامي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو