سنڌ جو يگانو ليکڪ ۽ تخليقڪار عبدالقادر جوڻيجو لاڏاڻو ڪري ويو

حيدرآباد :- سنڌي ۽ اردو ٻولي جو ناميارو ليکڪ، ڊراما نويس ۽ ڪهاڻيڪار عبدالقادر جوڻيجو لاڏاڻو ڪري ويو.عبدالقادر جوڻيجو ڊگهي عرصي تائين بيمار هو، ڪالهه شام اسريٰ اسپتال ۾ هن 75 ورهين جي ڄمار ۾ دم ڌڻي جي حوالي ڪيو. “راڻي جي ڪهاڻي” ۽ “ديوارين” سميت ڪيترن ئي ڊرامن ذريعي مڃتا جي بلندي تي پهتل عبدالقادر جوڻيجو 1945ع ۾ ٿر جي ڪس يعني بئراجي ۽ ٿر جي زمين جي حد عرف مهراڻي تي واقع ڳوٺ جنهاڻ ۾ اک کولي، جڏهن ته هُن ڪيترائي سوپ سيريل، ڊراما، ڪهاڻيون ۽ خاڪا لکيا. هو سنڌي لينگويج اٿارٽي جو چيئرمين ۽ سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر به رهيو. سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران گذريل سال کيس ادبي مڃتا طور لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو هو. عبدالقادر جوڻيجو هونءَ ته ڪيترائي ڊراما، ڪهاڻيون لکيون  پر هن کي وڏي مشهوري“راڻي جي ڪهاڻي” ۽ “ديوارين” ڊرامي مان ملي.