سنڌ جو وفادار پٽ آهيان، جيستائين زندهه آهيون، ڌرتيءَ کي ڪير ورهائي نه ٿو سگهي: مصطفيٰ ڪمال

لاڙڪاڻو :-  پاڪ سرزمين پارٽيءَ جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال سنڌ جي ورهاڱي خلاف مزاحمت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اردو ڳالهائيندڙ سنڌين سان گڏجي رهڻ چاهين ٿا.  لاڙڪاڻي ۾ پاڪ سرزمين پارٽي پاران شهرجي جناح باغ چوڪ تي سياسي قوت جو مظاهرو ڪري جلسو ڪوٺايو ويو.  جلسي عام کي خطاب ڪندي پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته  هو سنڌ جو پٽ آهي، سنڌ ۽ پاڪستان سندن ئي آهن، هو سنڌ، پنجاب، بلوچستان، ڪي پي ڪي جي هڪ هڪ ڀاءُ وٽ ويندو.  هن چيو ته سنڌ ڪارڊ استعمال ڪندڙن کي توبهه ڪرڻ گهرجي، سنڌ کي ڪير به ٽڪڙا ڪري نه ٿو سگهي ڇاڪاڻ مهاجر سنڌ جي ورهاست نه ٿا چاهن، هو هڪ ٿي رهڻ چاهين ٿا، ڪراچي جي هڪ گهٽيبه ڪير ورهائي نه ٿو سگهي ۽ سنڌ کي ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪندڙن کي اِهو ٻڌائڻ ٿا چاهي ٿو ته جيسيتائين هو ۽ پي ايس پي زندهه آهي سنڌ کي ڪير به ورهائي نه ٿو سگهي.  هن چيو ته رياست مدينه جي نالو وٺي دعويٰ ڪندڙن کي ٻڌائڻ ٿو چاهي ته هو اچن ته  کين ٻڌائي ته رياست مدينه جي باني حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جون ٻه ڳالهيون ٻڌو شايد اوهان کي هوش اچي وڃي.  سندس چوڻ هو ته الله تعاليٰ کي پنهنجي مخلوق سان گهڻي محبت آهي ايتري محبت جو بدڪار عورت کي ۽ اڃايل ڪتي کي به پاڻي پيئارڻ تي معاف ڪري ٿو متقي ۽ پرهيزگار عورت کي ٻلي ٻڌڻ ۽ ٽن ڏينهن تائين کاڌو نه ڏيڻ تي جهنم ۾ موڪلي ڇڏيو ٿو. مصطفيٰ ڪمال چيو ته رياست مدينه جا دعويدار ٻڌي ڇڏين ته پاڪستان جو ٻچو ٻچو اُڃايل ۽ صاف پاڻي کان محروم آهي الله جي افضل مخلوق لاءِ صاف پاڻي به موجود ناهي، ٿر ۾ ٻارڙا مري رهيا آهن ۽ ٽي هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڇتن ڪتن ڏاڙهي وڌو آهي . هن چيو ته رياست مدينه جي ڪوڙي ڳالهه نه ڪريو، ڪوڙيون ڳالهيون ڪندڙن کي الله جهنم ۾ وجهي ڇڏيندو.  مصطفيٰ ڪمال چيو ته کيس ووٽ ڏنو وڃي هو  آئين ۾ هڪ ڏينهن اندر ترميم ڪندو آئين جي آرٽيڪل 149 کي چار لائينن لکي ڇڏيو ويو آهي پر وڏو وزير آئين جي ان آرٽيڪل جي پنهنجي مرضيءَ جي تشريح ڪندو آهي. هن چيو ته حڪمران چونڊ سڌارا نه ٿا چاهن تنهن ڪري اليڪشن ڪميشن کي بهتر بڻائڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته سندس دشمن به مٿس ڪرپشن جو الزام لڳائي نه ٿو سگهي جيڪڏهن لڳائي به پر ثابت ڪري نه سگهندو.  مصطفيٰ ڪمال چيو ته ظالم اُهو ناهي جيڪو ظلم ڪري رهيو آهي پر ظالم اُهو آهي جيڪو ظلم برداشت ڪري رهيو آهي، تنهن ڪري ظلم خلاف اٿي کڙو ٿيڻ گهرجي.  جلسي کي انيس قائم خاني، شبير قائم خاني، اشفاق منگي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.  جلسي ۾ ارشد ووهره، اڳوڻي ايم پي اي سيد حفيظ الدين، آسيه اسحاق سميت ٻين اڳواڻن توڙي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.