سنڌ جو ناليوارو راڳي الهداد زرداري لاڏاڻو ڪري ويو

مورو :-  مورو شھر سان تعلق رکندڙ سنڌ جو ناليوارو راڳي الهداد زرداري ٻانڌي روڊ پنھنجي گھر م 56 سال جي ڄمار ۾ انتقال ڪري ويو، هو گذريل پنجن سالن کان جگر جي بيماري ۾ مبتلا هو ثقافت کاتي سميت ڪنهن به حڪومت سندس جي سار سنڀال نه لڌي نه ئي سرڪاري سطح تي علاج ڪرايو ويو. الھداد زرداري جي جنازي جي نماز مورو ڀرسان ڳوٺ مڪراري درگاه ٻڍل شاھ وٽ ادا ڪئي وئي. وفات جي خبر پوڻ تي شھر ۾ سوڳ ڇائنجي ويو، فنڪار ۽ پرستار سندس جي رهائش گاهه تي پهچڻ شروع ٿي ويا آھن، فنڪار الهداد زرداري 1975 کان ڳائڻ جي شروعات ڪئي سندس ڳائڪي ۾ 2 استاد جنهن ۾ فوٽو خان زرداري ۽ مٺو خان ميراسي سندس فن جا استاد هئا. هو 800 کان مٿي ڪيسٽن جا البم ڪري چڪو هو ۽ سنڌ جي نالي وارن شاعرن جي شاعري ڳائي خوب داد ۽ مقبوليت حاصل ڪئي فنڪار الهداد زرداري ملڪ پاڪستان سميت ٻاهرين ملڪن سعودي عرب دبئي ۽ انڊيا سميت مختلف ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري سنڌ جو نالو روشن ڪيو سندس ٻه شاديون ٿيل هيون جنهن مان کيس 4 پٽ ۽ ڏھ نياڻين جو اولاد آھي. هن پنهنجي زندگي ۾ ڪافي شاگرد تيار ڪيا سندس پرستارن ۽ ٻڌندڙن ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي آھي سندس جو خال ڪڏهن به نه ڀرجي سگهندو.