سنڌ جو فاٽا، اتر سنڌ جو ڪچو : ليکڪ نصير ميمڻ

گذريل هفتي ٻن دوران سنڌ جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن جي ڪاررواين سبب ميڊيا خاص طور تي سوشل ميڊيا تي وڏي وٺ وٺان ٿيندي رهي خاص طور تي ڌاڙيلن هٿان ٻن سپاهين جي قتل ٿيڻ تي نهايت سخت ردعمل ٿيو. ڌاڙيلن جي جديد هٿيارن پوليس جي بڪتر بند گاڏين کي به چيري ڦاڙي رکيو. ان واقعي کان سست پوءِ وزيراعظم سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد کي سنڌ موڪلڻ جو اعلان ڪيو. صوبي اندر خاص طور تي اتر سنڌ ۾ بدامني ۽ اغوا جا واقعا لڳاتار پيش ايندا رهيا آهن، جن ۾ ڪجهه پڌرا ۽ ڳجها هٿ سڀني کي معلوم آهن، نه سنڌ ۾ ڌاڙيل اوچتا سامهون آيا هئا ۽ نه سندن وارداتون نيون هيون. وزيراعظم صاحب کي سنڌ جا معاملا ٺيڪ ڪرڻ کان وڌيڪ سنڌ جا معاملا اسلام آباد مان هلائڻ جي جيڪا خواهش آهي اها اهڙا وجهه ڳوليندي رهندي آهي جيتوڻيڪ ڌاڙيلن جي معاملي ۾ اتر سنڌ اندر سنڌ سرڪار جي ڪمزور ڪارڪردگي بنهه پڌري آهي پر بحرحال آئيني طور امن امان صوبي جو سبجيڪٽ آهي ۽ وفاقي حڪومت ان ڏس ۾ صوبائي حڪومت جي گذارش کان سواءِ پاڻ ڪا به مداخلت نه ٿي ڪري سگهي. ڪراچي ۾ بارشن جو پاڻي نيڪال ڪرڻ ۽ ٻيٽن تي شهر اڏڻ جي بهاني سنڌ جي معاملن ۾ سڌي مداخلت کان پوءِ وري ڪچي ۾ ڌاڙيلن واري بهاني هڪ ڀيرو وري وفاقي حڪومت سنڌ جا معاملا هلائڻ جي ڪوشش ۾ اهي ڪيترا سياڻا سيبتا دوست جيڪي ڌاڙيلن جي اسرڻ ۽ وڌڻ ويجهڻ جي سموري تاريخ کان واقف آهن اهي به شيخ رشيد جي آمد کي ڌاڙيلن جي خاتمي جو مسيحائي ذريعو سمجهڻ لڳا، سڀني کي خبر آهي ته شيخ رشيد کي سنڌ ۾ ڌاڙيل ختم ڪرڻ سان ڪيتري همدردي هوندي
اتر سنڌ ۾ ڌاڙيل گردي پٺيان سياستدانن ،سردارن، سپاهين ۽ سگهارن جو چوڪنڊو سرگرم آهي اهي علائقا اتر ۾ ڏاکڻي پنجاب ۽ اولهه ۾ بلوچستان ڏانهن سوين لنگهه هجڻ سبب هر طرح جي ڏوهارين جي سرگرمين جو مرڪز بنيل آهن جيئن پختونخوا ۾ فاٽا هڪ علائقا غير بنيل رهيو آهي. اتر سنڌ جا اهي ضلعا به هڪ عرصي کان حڪومت بجاءِ سردارن جا آکيرا بڻيل رهيا آهن. انهن سردارن کي سپريم ڪورٽ جي بندش باوجود سرڪاري عملدارن جي موجودگي ۾ جرڳاڪوٺائڻ ، ڏنڊ وجهڻ ، چرٻيليون ڪرائڻ ، سڱ چٽي وجهڻ ۽ هر طرح جون سزائون ڏيڻ جا اختيار آهن. جيئن ته اتي حڪومتي ڍانچو سردارن ۽ وڏيرن جي اوطاقن ۾ يرغمال ٿيل آهي تنهنڪري اتي جو عوام عدالت ۽ ٿاڻي وٽان انصاف جي اميد لاهي اوطاقن جي غلامي قبول ڪري چڪو آهي. جڏهن حڪومت جا ادارا پڌري پٽ سردارن جي اشاري تي چرپر ڪندا ۽ سردارن کي وري صوبائي حڪومت کان وٺي ملڪ جي اصل حڪومت تائين هر پاسي کان آشيرواد مليل هوندي ته پوءِ عوام وٽ اطاعت کان سواءِ ڪهڙو رستو بچندو.
اهو سڄو چوڪنڊو ڏهاڪن جي عرصي ۾ اسريو ۽ سگهارو ٿيو آهي. ان وچ ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ايماندار ۽ اهل پوليس سربراهه اچي ويو ته اهو ان ڪري جٽاءَ نه ڪري سگهندو جو اهو ان چوڪنڊي کي ڪمزور ڪندو هو. اهو سوال هاڻي ٻچي ٻچي جي زبان تي آهي ته جديد جنگي هٿيار سڄو ملڪ لتاڙي سنڌ جي ڪچي تائين ڪيئن ٿا پهچن؟ اتي انهن هٿيارن جي بارود جي لڳاتار فراهمي ڪيئن ٿي ٿئي ۽ اڻ پڙهيل مال چاريندڙن کي اهي هٿيار هلائڻ جي سکيا ڪيئن ٿي ملي؟ انهن سڀني سوالن تي سوچڻ کان پوءِ به ڪنهن کي لڳي ٿو ته شيخ رشيد سنڌ ۾ امن ڪرائڻ لاءِ آيو هوندو ته ان سوچ تي ماٺ لڳي ٿي وڃي. هڪ گهڙي لاءِ فرض ڪيو ته اسلام آباد کي سچ پچ به سنڌ جي امن امان جي ڳڻتي ٿي آهي ته ان لاءِ شيخ رشيد کي سنڌ اچڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. اهي موتمار هٿيار سندس علائقي مان لنگهي سنڌ پهچندا آهن انهن کي اتي ئي روڪائي ڇڏي ته باقي ديسي هٿيارن وارن ڪرمنلز کي پوليس ئي منهن ڏئي وٺندي. جيڪڏهن ملڪ اندر امن جي ڳڻتي واقعي به موجود هجي ها ته پوءِ شيخ رشيد واپسي تي پنجاب ۾ به ترسي ها جتي ٻن ڏينهن اندر ڊيره غازي خان ۾ ڌاڙيلن هڪ مغوي جا ڳڀا ڳڀا ڪري وڊيو عام ڪئي. ملتان لڳ نئين پرڻيل ڪنوار جي گهر ڀاتين اڳيان لڄالٽ ڪئي وئي ۽ فيصل آباد ۾ هڪ جنوني مسيت سونهاري اندر ٻن نمازين کي ڪهاڙيون هڻي ماري جنت کٽڻ جي دعويٰ ڪئي. اهي سمورا واقعا به ڪي گهٽ ڀوائتا ناهن جن کي ايئن نظرانداز ڪري ڇڏجي
سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي فيڪٽري 80 واري ڏهاڪي ۾ جنرل ضياءَالحق جي دور ۾ لڳائي وئي. 83 ع واري ايم آر ڊي واري هلچل کان پوءِ سنڌين کي سيکت ڏيڻ لاءِ شهرن ۾ دهشتگرد ۽ ٻهراڙين ۾ ڌاڙيل پيدا ڪيا ويا. اها ڪا هوائي دعويٰ ناهي ان لاءِ اڻ ڳڻيا ثبوت گذريل چاليهن ورهين ۾ عام ٿيا آهن. شاهه لطيف يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر امداد حسين سهتي جي آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران ڇپرايل تحقيقي مقالي “Decade of Dacoits” ۾ هن پنهنجي ڪيل کوجنا سان ڄاڻايو آهي ته سنڌ اندر 1984ع کان 1994ع وارن ورهين ۾ ڪل 436 ،11ماڻهو اغوا ڪيا ويا. انهن اونداهن ورهين ۾ هزارين ڪٽنب ڳوٺڻ مان لڏ پلاڻ ڪري شهرن ڏانهن منتقل ٿيا. سوين ماڻهو قتل ٿيا جن جا پورا انگ به نه ٿا ملن. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ستر جي ڏهاڪي دوران ڀٽي جي حڪومت ۾ هڪ وچولو طبقو اسري رهيو هو . ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪري ان اوسر کي ڪاپاري ڌڪ هنيو ويو. اهو سڀڪجهه پاڻ مرادو نه ٿيو هو، جن قوتن سنڌ مٿان اهو عذاب مڙهيو هو انهن مڪمل هوم ورڪ سان اهو سڀ ڪجهه ڪيو هو.
هاڻي به انهن ئي قوتن جي مهرباني آهي جو ڌاڙيل حڪومت کان وڌيڪ ڏاڍا بڻيل آهن. ٻئي پاسي صوبي جي سياست پاڻ انهن ڪرمنلز کي پاليندي رهي آهي. هر سردار هر حڪومت ۾ ساڳي سرپرستي ماڻي ٿو وٺي. ان مان اندازو لڳائي ٿو سگهجي ته انهن سردارن جي اصل سرپرستي ڪٿان ٿي ٿئي. وفاق جو سنڌ ڏانهن رويو پنهنجي جاءِ تي پر خود سنڌ سرڪار اتر سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ قبائلي تڪرارن کي سختي سان نه چٿي سگهي آهي. نتيجي ۾ انهن ضلعن جا لکين رهواسي اذيت واري زندگي گذارين ٿا. انهن علائقن ۾ امن امان جي صورتحال سبب زراعت تعليم ، صحت ۽ سفر سميت زندگي جو سمورو نظام اپاهج ٿيل آهي. حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ واري اهم ذميواري کان پاسيري ٿيل آهي. ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪچي ۾ آپريشن ۽ وزيرن جا بيان شروع ٿي وڃن ٿا، جيڪي وري هوريا هوريان هوريان گم ٿي وڃن ٿا
اتر سنڌ ۾ زندگي ۽ حڪومت بحال ڪرڻ لاءِ گهڻ پاسائين رٿابندي ۽ وسيلا گهرجن، ان علائقي ۾ سٺي ساک وارا پوليس عملدار ۽ ضلعي عملدار مقرر ڪري کين با اختيار بنايو وڃي. ساڳي وقت انهن علائقن کي سماجي بحالي لاءِ به هڪ ڏهاڪي واري رٿابندي گهرجي، جنهن ۾ تعليم ، صحت روزگار ۽ زراعت کي سڌارڻ لاءِ اپائن جي ضرورت آهي. هنن علائقن کي انساني ترقي جي مڪمل پيڪيج جي ضرورت آهي. ان قسم جي چٽي سياسي نيٺ نه هجڻ جو مطلب ان علائقي اندر هر ڏوهه ۾ حڪمرانن جي ڀائيواري هجڻ آهي