سنڌ جو ترقي پسندَ، آزاد خيال ۽ قومي آزاديءَ جو خواھان ڏاھو سائين محمد ابراھيم جويو: سارنگ جويو

سائين محمد ابراھيم جويو سنڌ جي ترقي پسند ادب، سنڌي ٻوليءَ، سائنسي ادب، تحقيق ۽ فلسفي جي نمايان ستاري سان گڏوگڏ ھُو گھاٽي بَڙ جي ڇانوَ مثل ھو، جنھن جي ڇانوَ ۾ ڪيترائي پَتنگا اچي ساھس وٺندا ھُئا ۽ کانئس ڌرتيءَ ۽ انھن جي ماڻھن لاءِ جيئڻ جو سليقو سکندا ھُئا. سائين محمد ابراھيم جويي 1915ع ۾ ضلعي دادوءَ( ھاڻوڪي ضلعي ڄامشوري) جي ڳوٺ آباد ۾ جنم ورتو. سائين جن ابتدائي تعليم لڪي شاھ صدر مان حاصل ڪئي ۽ ان کان پوءِ سن شھر ۾ پڻ پڙھيو، سائين محمد اڀراھيم جويو ننڍي ھوندي کان ئي نھايت ذھين ۽ خوددار قسم جو ھو، سندس ذھانت کي ڏسي سائين جي ايم سيد سندس اعليٰ تعليم پرائڻ جو بندوبست ڪيو، سائين محمد ابراھيم جويي سنڌ مدرستہ الاسلام مان 1934ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏنو ۽ بي اي ڊي جي سنڌ ڪاليج يونيورسٽي آف بمبئيءَ مان ڪئي. سائين محمد ابراھيم جويو 1941ع ۾ سنڌ مدرستہ الاسلام ۾ اُستاد مقرر ٿيو، ان دوران سائين محمد ابراھيم جويي سنڌ جي سياست جي وڏن نالن سائين جي ايم سيد، شھيد اللہ بخش سومري، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سورھيہ بادشاھ صبغت اللہ شاھ راشدي ۽ ٻين جي ھوندي اھو واحد نوجوان ھو، جنھن ان وقت Save Sindh Save the Continent جھڙو شاندار دستاويز لکي پنھنجي سياسي ڏاھپ ۽ دورانديشيءَ جو مظاھرو ڪيو، جنھن دستاويز لکڻ جي سزا ۾ پير الاھي بخش جي چوڻ تي سائين محمد ابراھيم جويي کي سنڌ مدرستہ الاسلام مان ھٽايو ويو. ان کان پوءِ سائين محمد ابراھيم جويو ٺٽي جي ميونسيپل ھاءِ اسڪول ۾ استاد طور ڀرتي ٿيو، ان کان پوءِ سائين حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج بدلي ٿيو، جتي سائين جن پنھنجا فرض سرانجام ڏنا، جتي سائين جن ڪيترن ئي استادن جي تربيت ڪئي. سائين محمد ابراھيم جويو 1951 ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري چونڊيو ويو جتان سائين 1961ع ۾ رٽائر ٿيو، ان کان پوءِ بہ سائين 1973 تائين سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري رھيو، سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري شپ دوران سنڌي ادب ۽ تحقيق جي ميدان ۾ وڏو ڪم ٿيو، بلڪہ آئون بغير ڪنھن ھٻڪ جي اھو چوان ٿو تہ سنڌي بورڊ ۾ جيڪو علمي، فڪري ۽ ادبي ڪم سائين محمد ابراھيم جويي جي دور ۾ ٿيو، اوترو ڪم غلام رباني آڳري جي دور کان علاوہ ٻيو ڪنھن جي ڀہ دور ۾ ناھي ٿيو. سائين محمد ابراھيم جويو سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جو چيئرمين پڻ رھيو، جتي رھي پاڻ ترقي پسند نصاب کي جوڙڻ ۾ پنھنجو شاندار ڪردار ادا ڪيو. سائين محمد ابراھيم جويو سنڌ اندر ترقي پسندي يعني مارڪسزم جو فڪري بُنياد وجھندڙ ھو، جنھن ئي مذھبي انتھاپسند لاڙن جو فڪري ۽ نظرياتي طور مقابلو ڪيو. نہ صرف اھو پر سنڌ جا ان وقت ڪيترائي وڏا ليکڪ اردو ٻوليءَ ۾ ڪتاب لکي رھيا ھُئا، جن ۾ شيخ اياز پڻ ھڪ ھو. شيخ اياز پنھنجي آتم ڪٿا ”ڪٿي نہ ڀڃڀو ٿڪ مسافر“ ۾ لکيو آھي تہ ابراھيم جويي جي ڪري ئي مون سنڌي ۾ لکڻ شروع ڪيو، نہ صرف اھو پر ڪيترن ئي منھجن نثر توڙي شاعريءَ جي ڪتابن جي ٻوليءَ کي سنواريندڙ محمد ابراھيم جويو آھي. خود سنڌ جو ڏاھو سڏجندڙ رسول بخش پليجو پڻ سائين ابراھيم جويي کي پنھنجو اُستاد مڃيندو آھي. سائين محمد ابراھيم جويو سائين جي ايم سيد جي ڪيترن ئي ڪتابن جي ٻوليءَ جو پڻ سنواريندڙ بہ رھيو آھي. سائين محمد ابراھيم جويي” سيڪيولر ازم ۽ عقليت پسنديءَ“ جھڙو شاندار ڪتابچو لکي مذھبي انتھاپسند مولوين ۽ ٺيڪيدارن جي منھن تي چماٽ ھنئي آھي، سائين محمد ابراھيم جويي ”انقلاب فرانس“، پائلو فريري جي شاھڪار ڪتاب جو شاھڪار ترجمو ”علم تدريس مظلومن لاءِ“، روسو جي تعليم تي لکيل ڪتاب جو ترجمو “ايملي عرف تعليم“، جارج پوليزر جي فلسفي تي لکيل ڪتاب جو ترجمو ” فلسفي جو ابتدائي ڪورس“ ” فڪر جي آزادي“، ”ڏاھپ ساري ڏيھ جي“، مئڪسم گورڪي جي آتم ڪٿا اياز قادريءَ سان گڏ ڪيل ترجما ھن صديءَ جا بھترين ۽ شاندار ترجما آھن. سائين محمد ابراھيم جويي سنڌي ادب، ٻوليءَ، تحقيق، سائنسي ادب ۽ فلسفي تي تمام گھڻو ڪم ڪيو آھي، ان سلسلي ۾ سائين ڪيترائي ڪتاب ترجما ڪيا، سھيڙيا ۽ ان سان گڏ ڪيترائي ناياب تحقيقي ڪتاب پڻ لکيا آھن. جن ۾ سنڌ جي فلاسافر شاعرن جي ٽمورتيءَ تي شاندار تحقيقي ڪتابچو ” شاھ، سچل ۽ سامي“، جيڪو ڪتاب تحقيق جي ميدان ۾ ھڪ مُنفرد حيثيت رکي ٿو. ان کان علاوہ ”مُٺ مُٺ موتين جي“، ”ھوءَ جا ٽِمڪي باھڙي“، ”عورتازاد“، ٽن جُلدن تي مشتمل ”ڳالھيون ڪتابن جون” جيڪو ھاڻي ھڪ ئي جُلد ۾ ڇپرايو ويو آھي، جيڪو ھادي بخش ڀَٽ سھيڙيو آھي. سندس خطن ۽ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ”سڏ ۽ پڙاڏو” جيڪو پروفيسر سليم ميمڻ سھيڙيو آھي، ”ادب ٻولي ۽ تعليم“، ” مون ڏات انوکي آندي آ“، ” مارئي، مارو ۽ ملير“، ”جڙون جنين جي جيءَ ۾“، ۽ ان کان علاوه سندس ٻيا بہ ڪيترائي اھم ڪتاب ڇپيل آھن.

سائين محمد ابراھيم جويو پنھنجي ذات ۾ ھڪ وڏو انسان ھو، جيڪو انتھائي شفيق ھو، مُنھنجو ساڻس لاڳاپو ھڪ شاگرد ۽ سکندڙ جي حيثيت ۾ گُذريل 10 سالن کان رھيو. سائين اڄ کان 5 سال اڳ مون کي بلوچستان جي نالي واري ليکڪ شاھ محمد مريءَ جو اردو ۾ لکيل ڪتاب ” ھوچي منھ“ تحفي طور ڏيندي چيو تہ پُٽ ھيءُ ڪتاب تون ترجمو ڪر آئون ان وقت حيران ٿي ويس تہ سائين مون جھڙي ادنيٰ ماڻھوءَ کي ان لائق سمجھيو آھي ۽ مون کان اھو ڪتاب ترجمو ڪرائڻ پيو چاھي، دراصل اھو سائين محمد ابراھيم جويي جو وڏ ماڻھپو ھو، جو نوجوانن کي اُتساھيندو ھو تہ ھو لکن ۽ ترجما ڪن، اھي ھڪ وڏي انسان جون نشانيون آھن.