سنڌ جو امر ڪردارشھيد روپلو ڪولهي: ليکڪ انيس باقي بلوچ

انگريزن خلاف بغاوت ۽ ويڙهه ڪندڙ سنڌ جي قومي سورمي شهيد روپلي ڪولهيءَ، ننگرپارڪر کان 15ڪلوميٽر اتر اوڀر طرف ڳوٺ ڪونڀاريءَ ۾ 1818ع ڌاري جنم ورتو. سندس پيءُ جو نالو شامتو ۽ ماءُ جو نالو ڪيسر ٻائي هو.
سنڌ جي پھاڙي سلسلي ۾ ڪارونجهر جي ٽڪري پٿرن جي وجود کان وڌيڪ، اڏولتا جي اھڄاڻ، جستجو ۽ جدوجهد جي علامت آھي، جنھن کي پارڪر جي سوڍن ۽ ڪولھين پنھنجي رت سان رڱي امر ڪري ڇڏيو. تاريخ جي ورقن توڙي لوق ڪٿائن ۾ سوڊن جي صاحبي دوران ڪارونجھر جي ھيري طور امر روپلي ڪولھي جو نالو مٿانھون نظر اڇي ٿو.
تصور ۾ سرڪش سوڍن جي تلوارن جو تجلو ٿئي ٿو، ڪولھين جي قاتلن جا سوساٽ ڪنن م گونجن ٿا. پارڪر جي پٽ کان ھزارين ڪلوميٽر پري دفن ٿيل توڙي جو تروٽ ۽ سندس ساٿين جون گڏيون ڪرڪاٽ ڪن ٿيون.
انگريز سامراج ننڍي کنڊ تي غلاميءَ جا ڄار وڇائيندي 1843ع ۾ سنڌ جو وڏو حصو مياڻي ۽ دٻي جي مورڪي ۾ ميرن کي شڪست ڏئي پنھنجي نالي ڪري ورتو، پر سنڌ جي ڏکڻ ۽ اڀر ڪنڊ تي امرڪوٽ ۽ پارڪر جي پٽ کي مڪمل طور ھٿ وس ڪرڻ لاءِ کين 16 سال رڪ جا چڻا چٻڻا پيا.
راجپوتنن جا ننڍا ننڍا رجواڙا وقفي وقفي سان بغاوت جي باھ بڻجي گوري کي ڳوٺن مان ڪڍندا رھيا. پر بغاوت جو وڏو بھڀڙ 15 اپريل 1859ع تي ڪارونجهر جي اوٽ ۾ ڀڙڪيو، انھيءَ وچ ۾ انگريز سامراج ويڙھايو ۽ حڪومت ڪريو، خريد ڪريو ۽ کارايو ڪريو، لقب ڏيو ۽ لاچار بڻايو واري پاليسي تحت ھزارين حربا ھلايا. پر ماروي جي مٽي جي ماڻھن:
اھو ن ماريو ريت،
جو سيڻ مٽائين سون تي.
جي روايت تي رھندي، وطن جي ويڙھن سان وچن ڪري ورتو ت،
سڄڻ ۽ سارين،
ڪنھن اڻاسين وسري،
حيف تن ھوئي،
وطن جن وساريو.
جنھن جي موٽ ۾ ويري سامراج نئين حڪمت عملي ساڻ ڪري ننگر جي راڻي ۽ ان جي پرڌان ويرا واهه جي سوڍي سميت پارڪر جي مکيه ڪوثڙين جي ڌڻين کي ڌرتيءَ ڌڪاڻا ڪرڻ جي لاءِ روينيو جو پورو سرشتو بدلائي ٿر ۽ پارڪر جا ٻئي ڀاڱا سنڌ جي ڪمشنر حوالي ڪري ڇڏيا ، سوڍن جي مختلف معاشي ذريعن تي جاچ ڪاميٽيون ويھاري سڌو سنئون للڪارڻ شروع ڪيو، ت راجپوتي رت جي ٽھڪڙ ۾ شدت اچي وئي، ڪارونجهر ۾ ڪوڪرا ٿي پيا،
رڻ گٿي راڙو ٿئي،
راجپوت گھر ويھي، اھو مھڻ برابر ھو.
ڪارونجهر جي جي آس پاس ڳوٺ گڏ ٿيڻ لڳا، اچتو ھڪ ڏينھن ننگر شھر جي ٽيليگراف کاتي جي ڪاردين جي ڪنھن ڳالھ يا حرڪت ڪولھي قبيلي سان اڻوڻندڙ حرڪت ڪولھين جي اندر جي ڪروڌ کي وڏي ويڙھ تي تيار ڪري وڌو، راڻي ڪرڻ جي حڪل تي سندس ڀاءُ ويراواھ جو لاڌو سنگھ، ڏھراڻي جو راڻو ڪلجي، ٺاڪر ماسينگھ، ٺاڪر پونجو ۽ ٻيا جي اچي راڻي جي ڪئمپ م ڪٺا ٿيا، ڪنڀاري جو ڪوئل روپلي ڪولھي پنھنجي بھادر ساٿين ڏجو ۽ مڏو جي اڳواڻيءَ ۾ پنج ھزار ساٿين سميت اچي شامل ٿيا، سڀني گڏجي بغاوت جو جھنڊو بلند ڪندي 15 اپريل 1859ع تي ننگر پارڪر جي پوليس ٿاڻي تي حملو ڪيو ، ڪاردار جي ڪچھري درٻار کي باھ ڏني وئي مواصلاتي نظام جون تارون ڪٽڻ سان گڏ زميني رستن جا لنگھ بند ڪيا ويا، پر ان وقت جو مختيارڪار منشي ڏيئومل ڪنھن طريقي انھيءَ مورڪي ۾ پاڻ بچائڻ سان گڏ ويڙھ جي اھا خبر حيدرآباد موڪلڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ڪرنل ايواننس ترت ٿرڊ بلوچ ريجمينٽ جي ھڪ ونگ کي ننگرپارڪر وڄڻ جو حڪم ڏنو ۽ ڪجھ طوپ ڪراچيءَ مان گھرائي روانا پڻ ڪيائون.
ڪرنل ايواننس پاڻ ڏيساھ، حيدرآباد ۽ ڪڇ کان ايندڙ مختلف فوجين جي ڪمانڊ سنڀالڻ جي حڪم تحت کين 30 اپريل تي اسلام ڪوٽ اچي رسيو.
ٿرپارڪر جي ڊپٽي ڪليڪٽر ب ڪرنل ايواننس سان اچي اتي مليا، جن کان ضرورت معلومات وٺڻ کانپوءِ ڪرنل ايواننس جو قافلو اڳتي وڌيو.
سوڍل اھڙا سماچار سڻندي،
وطن جي ويرين کي تڻپائي مارڻ لا۽ رستي کي کوھن ۾ زھر وجھرائي ڇڏيو، ڏيسا کان ايندڙ ميجر ڪوھلي جي اڳواڻيءَ ۾ سڀ کان پھرين ننگرپارڪر پھتي، جنھن کي سيکت ڏيڻ لا۽ سوڍن جي ھٿن ۾ تلوارون تيار ھنيون.
انھيءَ فوج تي 1 مئي 1859ع تي حملو ڪيو ويو، سوڍن جي حملي جي جواب ۾ گورن جي فوج گولن جا جيڪي ٺڪا۽ ڪيا تن جو آواز ڪرنل ايواننس پنجاھ ميل جي مفاصلي تي ٻڌو، ڪارونجهر جي سپاھين ان جي پرواھ ڪرڻ جي بدران پڙ ۾ پھلوان ٿي جواب ڏنو.
1 مئي تي ڪرنل ايواننس کي ويراواھ شھر ۾ فقط ھڪ سامي نظر آيو، سڄو شھر سنسان ۽ ويران ھو، ڀوڏيسر جا ٺاڪر سمٿ جي ۽ ھٻٿ جي پنھنجي وڏڙن جي ريت روايت کي پٺي ڏئي،
مون پڪ سڄاتا پنھنجا ھا،
ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾،
پنھنجن چند ماڻھن سان گڏجي ٻئي ڏينھن تي رستي ۾ ڪرنل ايواننس سان مليا گوري سان وفاداري ڪندي کيس پھرين قدم ۾ راڻي ڪرڻ سنگھ جي کوھ ۾ زھر ملائڻ واري خبر کان آگاھ ڪيو، ڪرنل ايواننس کي اھڙن غدارن ڳوٺاڻن جي ضرورت ھئي، ھن مختصر لفظن ۾ مھرباني مڃيندي، سمٿ جي ۽ ساٿين کي ننگرپارڪر پھچڻ جو حڪم ڏنو.
3 مئي تي وطن جي سورمن سان ننگر پارڪر ۾ انگريز فوج جو سخت مقابلو ٿيو.
ننگرپارڪر ۾ سوڍين ۽ ڪولھين جي ويڙھ جي ڪئمپ جو مرڪز ڪارونجهر جي پھاڙي تي، راڻي چندن سنگھ جو اڏايل چندن ڳڙھ ھو، وڏي ويڙهاند کانپوءِ سامراجي لشڪر چندن ڳڙھ جو گھيرو ڪري ورتو، طوپن جي گولا باري ۾ ڳڙھ اڏائي ڇڏيو، ڪارونجھر پنھجن سپاھين لا۽ ٻانھون کولي ڇڏيون، مقامي جوڌين جي وڏي حصي ڪارونجھر ۾ پناھ ورتي، راڻو ڪرڻ جي ۽ ڪجھ ٻيا سوڍا ۽ ڪولھي گرفتار ٿيا، انگريز سامراج ماحول ۾ ائين ٺاپر آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪجھ باغي سوڍين جون ڪاروايون رڪيون، پر ڪرنل ايواننس کي چين ن آيو ھو ڀوڏيسر جي ٺڪرين جي ساٿ سان باغي سوڍين جي ھڪ ٻئي ٺڪاڻي 18 مئي تي ڪڙڪي پيو، سامراج جي انھيءَ حملي ۾ ڪيترن ئي مقامي ماڻھن جو قتل عام ڪيو ويو، جيڪي گرفتار ٿيا تن کي قيد ڪري سزائن لاءِ موڪليو ويو. ڪي جوڌا جوان وري روپوش ٿي ويا جن کي ڳوٺن ۾ ڳولڻ لا۽ سامراجي ٽولي وڏي ڪوشش ڪئي پر ھٿ اچي ن سگھيا، ڪرنل ايواننس وڏي وٺ پڪڙ کانپوءِ نيٺ واپس موٽيو، ننگر پارڪر انھي سڄي جنگي ماحول دوران ويراواھ جي وير لاڌي سنگھ جو پٽ ادي سنگھ ٻاھر ويل ھو،واپس ماڳ اچي رھيو ھو ت جڏھن راڻي واري ڳوٺ پھتو ت ڳوٺ ۾ ڪنھن شڀ موقعي جي مناسبت سان وڄندڙ دھل جي ٿاپ تي سندس ڀلوڙ گھوڙو نچڻ لڳو انھيءَ مھل، ننگر پارڪر کان کيس ھڪ ايندڙ ڪولھي کيس طعنو ڏيندي چيو ادي سنگھ اتي پيو گھوڙو نچائي، سندس پيءُ ويرا واھ جو ٺاڪر جيل ۾ پيو آھي، اھي لفظ ادي سنگھ جي ڪنن تي جيئن ڇاپيا تيئن جوش ۾ اچي تپي باھ ٿي ويو، گھوڙي کي مينھن واء ڪري اچي ننگرپارڪر پھتو، ۽ھڪ ھڪل تي روپلي ڪولھي سميت پنھنجا ساٿي گڏ ڪري، ترن جا در دريون ٽوڙي وطن جا سمورين قيدين کي آزاد ڪرايائين، پو۽ انھي ساڳي جوش سان بندوڳ ڀري تروڙ جي تنبو ڏانھن روانو ٿي ويو. اڄا تنبو جي ويجهو ئي مس پھتو ت جوش مان بندوق جو ٺڪاءُ ڪڍيائين.
پر ھن جو سارو بدن ڏڪي رھيو ھو، لوڪ قوي چيو آھي ت:
آيو ادي سنگھ اوچتو،
ڀورو ڀڄايو، ڪر ڀوري را ڪمپيا،
موچي بچايو.
مقامي سورمين اڌي سنگھ جي اڳواڻيءَ ۾ تروٽ کي ڳوليو ، پر ن ملڻ تي مارجي ويل سمجھي وري بقايا گورين ۽ ساٿين جي لاءِ ننگر پارڪر ۾ ٻڙڌڪ مچايو،
ٽروٽ جا سپاھي ماريا ويا ۽ ان جي ڪچھري درٻار تي حملو ڪيو ويو.
پارڪر جا سورما ھر پاسي جيت جا جلوا پائي رھيا ھئا ، وطن واسين جي اندر ۾ ھڪ اتساھ جنم وٺي رھيو ھو، اھڙي ريت ڪارونجهر جي مايوس مورن کي ب حوصلو ملي ويو ، جين مندر ۾ ڏيئا ٻرڻ لڳا وري ڳوٺاڻن جا ماڻھون ننگر پارڪر جي راڻي ڪرن جي ويرا واھ جي لاڏي اوڌي سنگھ ۽ روپلي ڪولھي جي اڳواڻيءَ ۾ ڌرتي جي دفاع لاءِ ھڪ ٿي ويا.
انھي ويڙھ جو اطلاع ڪرنل ايواننس کي ڳوٺ ڏيسي وٽ مليو، اھڙو اطلاع ملڻ تي فوج واپس ٿي، انگريزن جي سامراج فوج 18 جولائي 1859ع ۾ ننگرپارڪر شھر جو گھيرو ڪيو، راڻو ڪرڻ جي ۽ سندس وزير وغيره شھر ڇڏي ، ڪارونجهر جي پھاڙ ۾ پنھنجي پناھ گاھ ڳولي ويھي رھيا، راڻي جا انتھائي با اعتماد ويجھا ساٿي سيٺ مھاجي لوھاڻو ۽ روپلي ڪوھلي جبل ۾ راڻي کي رسد پھچائڻ سان گڏ شھر جي سماچار پڻ ڏيندا رھيا، انھي ڳالھ جو پتو ڪنھن مقامي گدار انسان جي ذريعي تروٽ کي جيئن پيو ھن چڪاس شروع، ڪئي ھڪ ڏينھن روپلو ڪارونجهر ۾ راڻي ڏانھن ويندي ، ساڙ ڌڙي ڌام جي رستي وٽ ھڪ کوھ تان پاڻي ڀريندي پڪڙجي پيو، ھن ڪارونجھر جي قيدي کي تروٽ ھر طرح جي لالچ جي ڏني سندس وڏيون آڇون ڏنيون، ت تون راڻي جو ڏس ڏئي اسان جو مددگار ٿي، پر روپلو ن ڪڇيو، اھڙي طرح ھڪ ڏينھن روپلي ڪولھي جي ماءُ کي گھرايو ويو ت ھو روپلي کي سمجھائي پر ھن ڪولھڻ جيجل روپلي کي پنھنجي ٿڄ جو واسطو ڏيندي پڪو ڪيو ت :
روپلا وطن جي ويڙھ لا۽ پڪو ٿي بيھجا،
منھنجي ٿڄ ن لڄائجا، راڻي جو ڪڏھن ب ڏس ن ڏج.
پو۽ روپلي جي گھر واريءَ کي ب گھرائي ويو، ھن روپلي جي نرڙ کي چمي ڏيندي چيو ت:
روپلا: تنھنجو روپلو منھنجي پيٽ ۾ پلجي رھيو آھي،
تون گھٻرائيجان ن، ھي ھڪ سر آھي،
اھڙا سو سر ڪارونجهر تان قربان،
تون منهنجو ۽ ڪارونجهر جو ڪنڌ ڪڏھن ن جھڪائيج.
گوري ڏٺو ھي سڀ سمجھائڻ جي بدران راڻي جي وفاداريءَ جي لاءِ سندرو ٻڌرائي رھيا آھن، گورو اھڙين ڳالھين تي ڪاوڙجي پيو ۽ روپلي کي طرح طرح جي سزا ڏيڻ تي لھي آيو، روپلي جي ھٿ جي آڱرين ۾ تيل وجھي ڏيئا بڻائي جلايو ويو، پر روپلي راڻي سان وفا جي ريت م ڪسي ن ڪئي، تمام گھڻي تشدد کانپوءِ ھن سورمي کي ڦاسي چاڙھيو ويو.
گسي ۾ ڀريل ڪارونجھر گمگين ٿيو، روپلي جي ماءُ ۽ گھر واري ڪنڌ مٿي ڪري اٿيون.
دوستن جي دغا تي راڻو ڪرن جي پنھنجي ساٿين سميت گرفتار ٿي پيو. راڻي ڪرڻ جي ۽ ان جي وزير تي بغاوت جو ڪيس ھلايو ويو، جنھن تحت 1860ع ۾ راڻي کي انڊمان جي پاسي 14 سال ڪاري پاڻي جي سزا ۽ وزير کي 10 سال قيد جي سزا ڏني وئي، ڪارونجهر جي گدارن سان گڏ اڻ مڄيندڙ ماڻھن کي انگريز سامراج پاران انعام ۽ جاگيرون ڏنيون ويون، مزاحمت جي تحريڪ جي سرواڻي ڪندڙ سوڍين ۽ پارڪر جي ڪولهين جنھن جو خون وطن لاءِ وڙهندي مٽيءَ م ملي خوشبو ٿي ويو، تن کي ڌرتي جي شاعرن ۽ انقلابي اديبن جي ھر نسلن پنھنجو معشوق بڻائي ڇڏيو، لوڪ جي رھاڻ رسمي پنھنجي وطن جي سورمن کي پنھنجي شاعري جي سٽن ۾ جس ڏئي ريت رسم ادا ڪرڻ جو رواج وڌو ويو.
سوڊا وتاڙون لاج ڄائي، مارون لاجي پاراڻو ديش،
ڪارونجهر ري ڪارڻي ھو، سؤ سؤ ڪپائون سيس،
تروٽ تون ڏاکو جي ديش وديش، ڪولھي مليا تان ڪارونجھر نا.
مطلب جيڪڏھن توھان کي مان سوڊي جو ڏس ڏيان ت مان غدار سڏايان ۽ لڄ وڄايان ۽ پنھنجي پارڪر ديس تي ٽڪو لاھيان يا داغ لاھيان ، آ۶ ڪارونجھر واسطي سوين سر ڪپائڻ لاءِ تيار آھيان ، تروٽ تون ڏيھ توڙي پرڏيھ وڄي ٻڌائي ت مون کي ڪارونجهر جو بھادر ڪوھلي گڏيو ھو.
aneesbaqi@gmail.com