سنڌ جو آواز جي ايم سيد : پير حسام الدين راشدي

جي. ايم. سيد هاڻي هڪ شخص نه رهيو آهي، پر هو هڪ تحريڪ بنجي چڪو آهي، کيس سنڌ جي وجود کان الڳ ڪري نه ٿو سگھجي ۽ نه وري سنڌ کي سيد کان جدا سمجھي سگھجي ٿو. جي ايم سيد پنهنجون وفاداريون، قربانيون ۽ ڪوششون سنڌ سان وابسته ڪري، هميشه لاءِ پاڻ کي امر بنائي ڇڏيو آهي. اهي قومون خوش قسمت آهن، جن کي جي ايم سيد جھڙا ليڊر ملن ٿا. هن ننڍي کنڊ ۾ ٻه ماڻهو اهڙا آهن جيڪي پنهنجي اصولن، ڪردارن ۽ اخلاقن جي ڪري مثالي حيثيت رکن ٿا. اهي آهن جي.ايم سيد ۽ عبدالغفار خان، پر بدقسمتيءَ سان اسان جي ملڪ ۾ هر سچي ۽ مخلص ماڻهو کي الزامن ۽ فتوائن جو نشانو بنايو ويو آهي.
جي ايم سيد تي اسلام جي ٺيڪيدارن ڪفر جون فتوائون ڏنيون. آءُ دعوىٰ سان چوان ٿو ته اسلام جي پوري تاريخ ۾ مولوي ڪڏهن به دين جي صحيح خدمت نه ڪئي آهي. هن جو قلم حسين کان وٺي سرمد تائين هميشه جلاد جي تلوار سان گڏ اهل حق جي رت ۾ ٻڏل رهيو آهي. اسلام جي حفاظت مولوي نه ڪندو آهي. اسلام جي حفاظت خود خدا ڪندو آهي.
هي جو مسلم قوم جو نعرو هنيو ٿو وڃي، تنهنجو مطلب خود غرضيءَ کانسواءِ ڪجھه نه آهي ۽ انهيءَ جي ذريعي مقامي ماڻهن کي پنهنجي جائز حقن کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. عرب ملڪ هڪ مذهب، هڪ ٻولي ۽ هڪ معاشرت هجن جي باوجود هڪ قوم نه بڻجي سگھيا، پوءِ به هو مسلمان آهن ۽ اسان تي جدا قوميت جي ڳالهه ڪرڻ وقت ڪفر جا الزام هنيا ٿا وڃن.
سنڌين جي موجودهه تباهه حاليءَ جو ذميوار بعض ماڻهو خود سنڌين کي قرار ڏيئي کين سست ۽ بزدل چوندا وتن. آءٌ کانئن ايترو پڇڻ چاهيان ٿو ته غير سنڌي جيڪڏهن ايترائي باصلاحيت هئا ته انهن جا اهي جوهر هندوستان ۾ ڇونه کليا! ڇا اتي سندن صلاحيتن کي زنگ لڳي ويو هو. هتي لياقت علي خان کان وٺي ميونسپالٽيءَ جي پٽيوالي تائين غير سنڌي هئا، جن پنهنجن ماڻهن کي پلاٽن ۽ قرضن جون آسانيون فراهم ڪري، سنڌين کي پوئتي رکيو. جيڪڏهن لياقت علي خان کان وٺي پٽيوالي تائين سنڌي هجن ها ته پوءِ دنيا ڏسي ها ته سنڌي اڳتي وڌي ڄاڻن ٿا يا نه؟
منهنجي قوم کي چيڀاٽي پوءِ کيس سست سڏيو ٿو وڃي سا ڳالهه شرم جھڙي آهي، ساٿيو!
ياد رکڻ گھرجي ته هاڻي سنڌ جي پٺ ۾ ڇري ٽنبڻ جي حرڪت برداشت نه ڪئي ويندي. اوهان جي هر ڪا شيءِ معافي لائق ٿي سگھي ٿي، پر سنڌ جي خلاف ڪابه حرڪت معافي لائق نه ٿيندي. هاڻي سنڌ 47 ۽ 1955ع جي سنڌ نه آهي، پر 1973ع جي سنڌ آهي. جيڪا پنهنجي ۽ پرائي کي سڃاڻي ٿي ۽ پنهنجي حقن لاءِ وڙهڻ ڄاڻي ٿي، سنڌي زبان کي ڪابه ٻولي ختم ڪري نه ٿي سگھي، ڇوته هن زبان جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ کتل آهن.
سنڌيءَ ۾ لطيف، سچل ۽ روحل فقير جو فڪر آهي. انهيءَ فڪر جا مڃيندڙ ڪافر نه ٿا ٿي سگهن. جيڪڏهن اهي ولي الله به مسلمان نه هئا ته پوءِ اهڙي ڪفر تي اسان فخر محسوس ڪنداسين.

(پير حسام الدين راشدي)