سنڌ جون زمينون ڌارين کي ڏيڻ خلاف مزاحمت ڪبي:ڄامشورو ۾ جي يو آءِ جي اي پي سي ۾ مطالبو

ڄامشورو:-  ڄامشورو ڪوهستان جي زمينن کي بحريا ٽائون حوالي ڪرڻ ۽ سنڌ دشمن منصوبن جي خلاف ڄامشورو ۾ جمعيت علماءَ اسلام ضلعي ڄامشورو جي ميزباني هيٺ هوٽل ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنهن ۾ مختلف پارٽين جسقم، ايس يو پي، فنڪشل ليگ، عوامي تحريڪ، ايس ٽي پي، شهيد ڀٽو، ڪوهستان بچايو ايڪشن ڪاميٽي ، ڪوهستان بچايو عوامي اتحاد، ڄامشورو شهري ايڪشن ڪاميٽي سميت ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي آل پارٽيز ڪانفرنس جي ميزباني ڪندڙ جي يو آءِ جي اڳواڻن مرڪزي پريس ترجمان مولانا تاج محمد ناهيون، اعظم جهانگيري، مولانا محمد قاسم خاراني، حافظ جميل احمد لغاري ، مولانا سڌير احمد رند خطاب ڪندي چيو ته سنڌ خلاف سمورا منصوبا ناڪام بڻائينداسين، سنڌ سنڌين جي آهي ۽ سنڌين جي رهندي سنڌ جي زمينن تي قبضن جي سخت مذمت ڪيون ٿا ڪوهستان ڄامشورو جي زمينن کي بحريا ٽائون حوالي ڪرڻ جي خلاف اسان عيد بعد سمورين پارٽين جي صلاح مشوري ۽ جمعيت علماءَ اسلام جي اڳواڻ راشد محمود سومرو سان ملاقات ڪرڻ بعد ڀرپورنموني احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪيو ويندو. اڳواڻن چيو ته پيپلزپارٽي هميشا سنڌ دشمن منصوبن حمايت ۾ فيصلا ڪيا آهن هڪ طرف سنڌ سان محبت جو اظهار ڪري اجرڪن وارا ماسڪ ۽ گاڏين تي نمبر پليٽ لڳائي پئي ٻئي طرف سنڌ ۽ ڪوهستان جون زمينون بحريا ٽائون جي حوالي ڪيون پيون وڃن. جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ديدار شام، شهيد ڀٽو محمد سليمان ڀلائي، فنڪشل ليگ جي فقير حق نواز برهماڻي، ايس يو پي اڳواڻ، ساگر جمن بڙدي، پيربخش سهارڻ، ايس ٽي پي اڳواڻ علي شير ڇڇر، عوامي تحريڪ جو اڳواڻ مبارڪ جسڪاڻي ، ڪوهستان بچايو ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن محمد بخش بروهي، محمد بخش چانگ، ڪوهستان عوامي اتحاد جو چيئرمين محمد بخش مري، عباس فائونڊيشن چيئرمين شيخ عبدالله ڪوهستاني، ڄامشورو شهري ايڪشن ڪاميٽي چيئرمين ربنواز ابڙو، دربان عالماڻي،سماجي اڳواڻن امتياز پالاري، ايڊوڪيٽ غلام سرور بليدي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪوهستان جي زمينن کي سنڌ حڪومت ملڪ رياض جي حوالي ڪري گرين بحريا سٽي اسڪيم ٺاهي رهيو آهي هي زمينون سنڌ جون آهن ۽ غريب هارين پورهيتن جون آهن ڪنهن به صورت ۾ اهي زمينون ملڪ رياض جي حوالي نه ڪيون وينديون انهن جي خلاف ڀرپور نموني احتجاج ڪيو ويندو. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڪوهستان جي مقامي سالن کان آباد ڌرتي ڌڻين کي بي گهر ڪرڻ لاءِ بااثر ماڻهن ۽ ايجنٽن جي ذريعي زبردستي گهٽ قيمتن جي عيوض ڀڳڙن مٺ تي زمينون لکرائي وڪرو ڪيون پيون وڃن. هنن چيو ته زمينون بحريا ٽائون حوالي ڪرڻ سان ڪوهستان جا اعلي نسل جا جانور، تقريبي ماڳ، قبرستان ۽ ڳوٺ متاثر ٿيندا، آخري دم تائين وڙهنداسين پر ڪوهستان جون زمينون بحرياٽائون حوالي ٿيڻ نه ڏينداسين. اڳ ۾ خوشحالي وارا خواب ڏسي ذوالفقار آباد ، بحرياٽائون ٺاهي اتي ڌارين ماڻهن جي آباد ڪيو ويو جتي مقامي ماڻهن کي وڃن تي به پابندي آهي هاڻي وري بحريا گرين سٽي جي نالي تي ڪوهستان ۽ ڄامشورو جون وڌيڪ ديهون شامل ڪري قبضو ڪيو پيووڃي .اي پي سي ۾ گڏيل طور قرارداد منظور ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته فوري طور تي ڪوهستان ڄامشورو جو زمينون جيڪي بحرياٽائون جي حوالي آهن انهن کي خالي ڪيو وڃي. غيرقانوني مقامي ماڻهن کان کاتا تبديل ڪرڻ،  بااثر ماڻهن ۽ ايجنٽن جو بائيڪاٽ ڪرڻ، ايجنٽن ۽ بااثرن جي خلاف عدالتن جو سهارو ورتو ويندو . اي پي سي ۾ ايڊووڪيٽ غلام سرور بليدي پاران اعلان ڪيو ويو ته ڪوهستان ۽ ڄامشورو جا جيڪي به زمينون بحرياٽائون حوالي ڪيون ويون آهن انهن جي خلاف عدالت ۾ مفت ۾ ڪيس وڙهڻ جو اعلان ڪريان ٿو. اي پي سي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عيد بعد آل پارٽيز ڪانفرنس جو ٻيو اجلاس حيدرآباد ۾ ٿيندو جنهن جي صدارت راشد محمود سومرو ڪندو . جنهن بعد احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي