سنڌ جوعظيم قومي دانشور جي ايم سيد جو ساٿي رسول بخش درس لاڏاڻو ڪري ويو

حيدرآباد: (رپورٽ: انور بڙدي) سنڌ جي قومي اديب ۽ ڪھاڻيڪار ھڪ بھادر شخص ۽ مھمان نواز جي ايم سيد جي ساٿي کان محروم ٿي وئي، رسول بخش درس ڪافي عرصي کان صحت ناساز هئڻ ڪري علاج ڪرائيندو رهيو، جنهن ۾ صحت بهتري به اچي وئي هئي، پر اچانڪ صحت خراب ٿيڻ ڪري حيدرآباد جي ايم ڪي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، ساهه کين سنڌ کان جدائي ڪري ورتي، سندس وارث ۽ سيد جا پيروڪار تمام گهڻا ڏکارا آهن مڙهه کي ڳوٺ روانو ڪيو ويو