سنڌ جودور ساز قومي اڳواڻ: سائين جي ايم سيد :بخشل ٿلهو

“ڇو ادا، اسانجي ليڊر اوهانجي منهن ۾ ……آهي ڇا جو سڄي جهان تي لکو ٿا پر سائين تي نه ٿا لکو” سائين بشير شاهه جا لفظ اندر ۾ کُپي ويا. ڳالهه برحق هُئي، سو مون به ٿڏي تي واعدو ڪيو. حقيقت اها آهي ته سائين تي لِکڻ جو ارادو به عرصي کان هو پر جڏهن به ڪجهه لکڻ جي ڪوشش ڪئي ته اردو جو محاورو ٿي ياد آيو ته “ڇوٽا مُنه بڙي بات” ۽ ڇو نه اچي. اسانجي سڄي ڄمار کان تهان گهڻو سائين جو سياسي تجربو ۽ اڻ توريو پورهيو هيو. سائين کي ۽ سائين بابت پڙهيو ۽ ٻُڌو به گهڻو آهي پر جڏهن هي مضمون لکڻ جي نيت ڪيم ته لڳو اڃا گهڻو پڙهڻ ۽ ٻُڌڻ جي ضرورت آهي. ڪو وقت ايندو جڏهن محقق سيد تي پي ايڇ ڊيز ڪندا پر هاڻي جو مامرو اِهو آهي ته جنهن ملڪ ۾ ان جي باني تي پي ايڇ ڊي کي ننديو (discourage) وڃي، اُتي جي ايم سيد جهڙن “غدارن” تي ڪير ڪم ڪندو يا ڪرڻ ڏيندو. بهرحال سائين جي ايم سيد جي 117 هين سالگرهه جي موقعي تي سنڌ جي سياسي شعور جي خدمت ۾ هي ونڊ شل قبول پئي”

زماني ڪارگُذاري ۽ اهم واقعا
1904 سائين جو جنم
پنهنجي تعلقي جي اسڪول بورڊ جو چيئرمين بڻجڻ1919
1921 گانڌي سان ملاقات ۽ هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصو
1928 ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ڪراچي جو صدر، ڳوٺ سُڌار سماج سُڌار تحريڪ، سنڌ جي بمبئي کان آزادي جي تحريڪ ۾ ڪردار
1930 ۾ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد ۽ اُن جو سيڪريٽري ٿيڻ
1931 سنڌ پيپلز پارٽي (سنڌ سطح جي پارٽي) جو بنياد
1936 سنڌ اتحاد پارٽي جي جوڙجڪ
1937 سنڌ اسيمبليءَ ۾ چونڊجي اچڻ
1938 مسلم ليگ ۾ شموليت. جناح سان ملاقات ۽ سنڌ ۾ مسلم ليگ جي تشهير
1940 تعليم جو وزير ٿيڻ ۽ تعليمي سُڌارا آڻڻ
1943 مسلم ليگ سنڌ جو صدر ٿيڻ
1943 (20 مارچ) پير پاڳاري سيد صبغت الله شاهه راشدي کي ڦاسي
1943 (14 مئي) الله بخش سومرو جي شڪارپور شهر ٻاهران شهادت
1946مسلم ليگ کان عليحدگي (پروگريسو مسلم ليگ جو قيام)
1948 خان عبدلغفار جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان عوامي پارٽي
1954 سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين
1955 نعپ جي قيام ۾ ڪردار
1955 اينٽي ون يونٽ محاذ تان سرگرمي
1966 بزِم صوفيائه سنڌ جو قيام
1969 سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ (متحده محاذ)جي جوڙجڪ
1972 جيئي سنڌ محاذ جو بنياد ۽ نظربندي
1987 خان غفار کان مزاج پُرسي لاءِ هندستان روانگي، سنڌ جو سياسي دورو ۽ گرفتاري
1988 سنڌ قومي اتحاد جو ٺهڻ
1989 گرفتاري
1992 ڪراچي نشتر پارڪ وارو جلسو ۽ نظربندي
1995 نظربندي دوران ئي وفات

سُتي سيج هياس، مونکي آهه اُٿاريو:
13 اپريل 1919 تي امرتسر جي جليان والا باغ ۾ هڪ پُرامن جلسي تي جنرل ڊائر گوليون هلائي 389 ماڻهو شهيد ۽ 1200 ماڻهو زخمي ڪيا. ان واقعي سن شهر جي سورنهن سالن جي هڪ حساس ٻار جي روح کي به رهنڊي زخمي ڪري ڇڏيو هو. خلافت تحريڪ جا به اثر هيا، ايئن 7-8-9 فيبروري 1920 ڌاري اُهو ٻار لاڙڪاڻي ۾ سڏايل ٽن ڏينهن واري “خلافت ڪانفرنس” ۾ شريڪ ٿئي ٿو ۽ مولانا ابوڪلام آزاد جهڙن شعوله بيان مقررن کان متاثر ٿئي ٿو (1). غلام مرتضي شاهه نالي ان ٻار کي اڄ اسان جي ايم سيد طور سڃاڻون ٿا. لاڙڪاڻي کان واپس اچي جي ايم سيد تَرَ جي خلافت ڪاميٽي سان رابطي ۾ اچي ٿو ۽ پنهنجي شهر ۾ پهرين خلافت ڪانفرنس سڏائڻ جو اعلان ڪري ٿو، جيڪا 17 مارچ 1920 ڌاري حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي صدارت ۾ سن اندر ٿي گذري ٿي. سيد سائين جون خانداني زمينون “ڪورٽس آف وارڊس” جي قانون هيٺ سرڪار جي ظابطي ۾ هيون ۽ اُتان گذر سفر لاءِ ڪجهه معاوضو به ملندو هو. تنهنڪري گوري سرڪار، جي ايم سيد کي هلندڙ تحريڪ کان الڳ ٿيڻ جو چيو. پر سيد ٺُپ جواب ڏئي ڇڏيو. ايئن نوجوانيءَ واري اصول پسندي (جيٺي سپاهيملاڻي جي لفظن ۾ ڪٿي ڪٿي ضديپڻو) پڇاڙي تائين سائين جي شخصيت جي خاصيت رهي. سيد سنڌ جي آزادي ۽ خوشحاليءَ کي پنهنجو مقصد بڻائي عملي سياست ۾ جيڪو پير پاتو سو وري ڪڏهن کنيو ڪونه.
جڏهن ڪر ٿيام ساڃاه سپرين جي
تڏهن کان تِر جيترو ويل نه وسريام
اندر روح رهيام سڄڻ اوطاقون ڪري

اها سڄڻ ۽ سپرين سنڌ هُئي. ۽ سيد سنڌ کي سياسي اصول سان هڪ ڪري سنڌ کي سياسي وجود بڻايو. ايئن جي ايم سيد قومپرست سياست جو سڀ کان سگهارو نانءُ ٿي سامهون آيو. جڏهن جڏهن به سنڌ مٿان قهر ٽُٽو ۽ سازشي هوائين جو زور وڌيو تڏهن تڏهن سيد ئي لڪي جي پهاڙن ۽ خليفي نبي بخش جي سٽن “ويا اُڏامي ڪک، پِڙ تان پهڻ نه چُري” جيان اڏول بيٺو رهيو. جڏهن جڏهن سنڌ تي ڏکيو وقت آيو تڏهن تڏهن سيد ئي پنهنجو سينو سهايو. سيد جي اوٽ ۾ ئي ڏاڍا ڏريا پئي. ون يونٽ جي پنجوڙ ۾ جڏهن سنڌ کي ڦاسايو ويو ته اُن خلاف رشيد ڀٽي جهڙا نوجوان کُهڙن کانوٺي قاضين تائين سمورن سينئر سياستدانن ڏانهن ڀڳا پر “ڀڳو آءُ نه چوان” جي سٽ تي سيد ئي پورو لٿو ٿي.بيٺڪي دور ۽ ان کانپوءِ جي ڪاموراشاهي هميشه هُن کي (اڪثريت ۽ حق هوندي به) حڪومت کان ٻاهر رکڻ کي ئي پنهنجو ڪم سمجهندي رهي. هُو ئي هو جنهن سڄي ننڍي کنڊ ۾ سڀ کان اڳ پاڪستان لاءِ قرارداد منظور ڪرائي ۽ هن کي غدار قرار ڏئي ڪري 28 سال قيد ۽ بند ۾ رکيو ويو. هو شايد دنيا جي تاريخ جو واحد غدار آهي جيڪو پاڻ مٿان الزامن جي پاڻ تصديق ڪرڻ ۽ پنهنجي سزا ٻُڌڻ لاءِ پاڻ کڻائي منصفن وٽ پُهچندو هو ۽ بورجوا انصاف کان ڳري هن سادي سچي منش کي ڪٽهڙي ۾ ڏسي، منصف پنهنجي منصب کي ڇڏي ڀڄي ويندا هيا. اهڙن منصفن لاءِ سيد جا به اُهي لفظ هوندا هيا جيڪي اولهه ۾ سچ ۽ سائنس جي پهرين قيدي گيارڊينو برونو وقت جي عدالت کي چيا هُئا “منهنجي سزا ٻڌڻ جي ڊپ کان وڌيڪ شايد تون سزا ٻڌائڻ کان ڊڄين ٿو”.هن وٽ اميد، عزم ۽ حوصلو هيو، هُن جي چيلهه ۾ ڪڏهن ور نه پيو. هن جي صحبت ۾ ته ڪُٻا سڌا ٿيا، محروم ماهر بڻيا ۽ ڏُکيا ڏِک (تخت) ويٺا. هن کي جيترو ڇانگيو ويو، هو تيڏو سائو ٿيندو رهيو. ڇاڪاڻ ته هُن جون پاڙون سندي ڌرتيءَ ۾ گهڻيون گهريون هيون. هو سنڌ جي مٽي ۽ مهڪار جي مجسم صورت ۽ انهن سمورين فڪري ۽ عوامي روايتن جو امين هو جنهن کي سنڌ صدين کان سانڍيو ٿي. هاري ڪاميٽي کانوٺي سنڌ يونيورسٽيءَ جهڙن اداران جي قيام تائين اڻ ڳڻين سماج ۽ قوم دوست حاصلاتن پُٺيان سائين جي ايم سيد جو پورهيو، واضح نظر اچي ٿو. سائين جي کوڙ سارن سياسي فيصلن ۽ ان فيصلن پٺيان نظرياتي بنيادن (2)سان اختلاف جي گنجائش پنهنجي جاءِ تي پر سيد جي ثقافتي ۽ علمي سياسي پورهيي سان شايد ئي ڪو ڏاهو يا رهنما ڪلهو هڻي سگهي. ماڻهو انسان ساز ٿي ڪري ڪمال بڻجي ويا، جي ايم سيد ته دور ساز ماڻهو هو. هُن پاڻ کان گهڻي ننڍي حشو ڪيولراماڻي کان وٺي ڪنهن اڻپڙهيل ڌنار کان سکڻ ۾ ڪڏهن ڪونه ڪيٻيايو. اهو ئي سبب آهي جو هن آخر ساهه تائين نوجوانن کي متاثر پئي ڪيو. اهڙي مڻيا انتهائي گهٽ ماڻهن ۾ هوندي آهي.
نٽشي چيو هو “هر قوم پنج اٺ ماڻهن چوڌاري هڪ انبوهه هوندي آهي” ۽ اسان ڏسون ٿا ته سنڌ هر دور ۾ اهڙا پنج اٺ جُنگ جوان جنميندي آئي آهي. سويت اشتراڪي انقلاب جي اثرن ۽ ٻي مهاڀاري جنگ وارو دور ٽين دنيا جي پورهيتن ۽ قوم دوستن لاءِ نيئن سُڄاڳي وارو دور هو. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ واري سنڌ انهن ڏينهن ۾ انيڪ ڪمال ڪردار ڄڻيا جن ۾ صبغت الله شاه، الله بخش سومرو، علامه آءِ آءِ قاضي، عبيدالله سنڌي، سوڀو گيانچنداڻي، حشو ڪيولراماڻي، حيدر بخش جتوئي ۽ جي ايم سيد ڳڻائڻ جهڙا ماڻهو هيا. عبدلواحد آريسر پنهنجي ڪتاب “جي ايم سيد ” (3) ۾ سائين کي دنيا جي ٻين انقلابين سان گڏ چين جي مائوزي تنگ سان ڀيٽيو آهي. ڀيٽڻ مان مراد ڪنهن کي ننڍو يا وڏو ثابت ڪرڻ نه پر ٻنهي اڳواڻن جي مختلف سياسي سماجي حالتن جو ڇيد ڪرڻ هو. جڏهن ته منهنجي خيال ۾ جي ايم سيد پنهنجي سمجهه ۽ سياست جي حوالي سان وڌيڪ ويجهو چيني قوم ۽ قومپرستيءَ جي “ابي” سن ياتسين سان هو. بعد جي چيني سياست جا سمورا رنگ ۽ اهم ڪردار (جهڙوڪ چيانگ ڪائي شيڪ، مائوزي تنگ، لن پيائو، چواين لائي وغيره) سن ياتسين جي پورهيي جا ئي غونچ هئا، بس ڪميونسٽن جي معاملي ۾ ان ۾ ڪمنٽرن (ڪميونسٽ انٽرنيشنل) جي پيوندڪاريءَ ٿيل هُئي. سن ياتسين ۽ جي ايم سيد ٻنهي جي سياست وهين صديءَ جي شروعات ۾ شروع ٿئي ٿي ۽ ٻنهي جو بنيادي مقصد پنهنجي قوم کي سامراجي غُلامي منجهان آزاد ڪرڻ هو. ٻئي قومپرست هُئا ۽ ٻئي ڄڻا ان فڪر جي عوامي (نه ڪي جاگيرداراڻي) پاسي جي ترجمان هُئا ۽ ان سبب ڪري پنهنجي دور جي ترقي پسند رجحان سان ويجها رهيا.
عام طور سنڌ جي قومپرست سياست کي ٽن دورن ۾ ورهايو ويندو آهي. هڪ بمبئي کان سنڌ جي عليحدگي وارو دور، ٻيون ون يونٽ جي مخالفت وارو دور ۽ ٽيون ستر ۽ اسي کانپوءِ جو دور جيڪو هڪ حد تائين هلندڙ به آهي. سائين جي ايم سيد منهنجي ڄاڻ موجب اُهو واحد ماڻهو آهي، جنهن جي ڇاپ انهن ٽنهي دورن تي ٿوري گهڻي فرق سان موجود رهي. ڪانگريس کان مسلم ليگ ۽ مسلم ليگ کان جيئي سنڌ جو سفر ۽ تقريبن هڪ صديءَ تائين ڦهليل سندس شخصيت جي تعارف ۽ ڀيٽا سان هڪ مضمون ۾ انصاف ڪرڻ لازمي طور ڏکيو ته ڇا پر هڪ ناممڪن ڪم آهي پر ضروري آهي ته قطعي عقيدت ۽ قطعي رد جي انتهائن کان بچندي (4)، سائين تي عام طور لڳندڙ الزامن ۽ تنقيدن جو تنقيدي جائزو وٺجي. پر اُن کان پهرين ٻه اکر ان سياسي ثقافت بابت جيڪا تنقيد کان ڇرڪي ٿي.

جي ايم سيد سان ناانصافي:
جڏهن سائين جي ايم سيد جي وفات جي خبر پئي، تڏهن آءُ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ جساف جو ميمبر هيس. پوءِ زرعي جي شاگردن جو قافلو ڄام شوري وٽ اڳ کان بيٺل اُن عوام جو حصو ٿي ويو ، جيڪو ڪراچي کان نڪتل پنهنجي محسن ۽ محبوب اڳواڻ جي مڙهه جو انتظار ڪري رهيو هيو ۽ ائين اسان ڄامشوري کان سن تائين سائين سان پنهنجو پهريون ۽ آخري سفر گڏ ڪيوسين. سائين جي موڪلاڻي هڪ اهڙي وقت ۾ ٿي جڏهن کاٻي ڌر (5) جي سياست هر ڏسا سوڙهي ٿي رهي هئي. سائين جي هوندي ئي جيئي سنڌ مختلف ڌڙن ۾ ورهايل هُئي. سيد انهن سڀ جو تنظيمي نه پر نظرياتي رهنما هئو. سائين جي موڪلاڻيءَ گهڻن تڻن ڌڙن کي هڪ تنظيم (جسقم) ۾ گڏ ته ڪيو پر عوامي سياست جي لاٿ واري دور ۾ پُراڻين تنظيمي بيمارين ۽ بي راهه روين ڪجهه ئي عرصي ۾ وڃي هڻي هنڌ ڪيو . ڪجهه عرصي کان پوءِ جسمم جي نالي سان هڪ نئون ڌڙو پنهنجي انتهاپسند ۽ نسل پرست ايجنڊا سان اڳيان آيو ۽ باقي جسقم به ٿورو اڳيان هلي ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي نون ڌڙن ۾ ورهائجي وئي. جسمم جي پُرتُشدد سياست کي بنياد بڻائي رياست تهان وڌيڪ تشدد ۽ ڏهڪاءُ پيدا ڪري، خاص طور قومي مزاحمتي سياست کي ڪجهه ڏهاڪن لاءِ مزمتي بيان ڏيڻ جهڙو به نه ڇڏيو. توڻي جو ابراهيم جويي کان وٺي عرفان مهدي تائين سيد انيڪ نسلن جي فڪري ۽سياسي آبياري ڪئي ۽ جن موٽ ۾ پنهنجي محنت سان سنڌ کي ساڃاهه ۽ سيد کي مان پِڻ ڏنو پر ان سڀ باوجود مان سمجهان ٿو سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ شايد ئي ڪنهن سياسي اڳواڻ سان سندس چاهيندڙن جي اڪثريت ايتري ناانصافي ڪئي هجي جيتري جي ايم سيد سان ٿي آهي. جنهن شخص جي دوا ۽ دعا بقول ابراهيم جويو امن جي جهجائي، اندر اُجار ۽ آزادي جي عنصرن تي آڌاريل هجي، جيڪو اڳواڻ پنهنجي قومپرست سياسي فڪر کي ڀل يوٽوپيائي پر “امنِ عالم، اتحادِ انساني، ترقيءَ بني آدم” جهڙن اصطلاحن ۾ اظهاري، جيڪو پاڻ کي مارڻ لاءِ ايندڙ ماڻهو (گلستان خان) کي به معاف ڪري ڇڏي، تنهن عدم تشدد جي داعي اڳواڻ جي نالي ۾ تشدد جي تبليغ ۽ ترويج کان ٻيو وڏو قهر ڪهڙو ٿي سگهي ٿو (6). هر وڏو اڳواڻ نه صرف تنظيم، انقلابي فڪر پر انقلابي ثقافت جو به سرجڻهار هوندو آهي ۽ ايئن سيد به هميشه صالح ڪارڪن ٿيڻ لاءِ صلاحيو پر ٻي دور ۾ڪارڪنن جي گهڻائي جي صلاحيت اها رهي ته لفظ “صالح ۽ ڪامريڊ” پنهنجي پوئين معني به وڃائي ويٺا. جڏهن 50 کان وڌيڪ ڪتاب لکندڙ هڪ عالم اڳواڻ جا (گهڻا تڻا) جاهل جانثار علم ۽ ڪتاب دوستي کي طعنو بڻائي ڇڏين ، تڏهن اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته سيد کي تنقيد جي ٽياس تي ٽنگڻ ۾ نه ته ٽنگرائڻ ۾ ، سيد جا پيروڪار ۽ ڏنگا ٻار شايد کي رياست کي به کُٽائي ويٺا. اهو سچ آهي ته (ڪجهه اهم مامرن کي ڇڏي ڪري، جنهن جو ذڪر مضمون ۾ هيٺ ايندو) جيڏانهن سنڌ جو مفاد هو تيڏانهن سيد هو. پر عقيدتمندن ان ترتيب کي به ابتو ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته جيڏانهن سيد هوندو اوڏانهن ئي سنڌ جو مفاد هوندو. سياست ۾ عقيدت جي اهڙي انتها ڪنهن رهنما کي جڏهن بُت بڻائي ڇڏيندي آهي ته پوءِ بُت جي قسمت ۾ ڀُرڻ هوندو آهي. اهڙي ريت سيد سان عقيدت ۽ عشق جي نالي ۾ سائين جي نفي سندس حياتي ۾ به ٿيندي رهي ته اڄ تائين به جاري آهي. پنهنجي حياتي ۾ اهڙن ڪارڪنن کي سائين ڄڻ ته چوندو رهيو ته جي اوهين جيئمسٽ آهيو ته پوءِ آءُ جيئمسٽ ناهيان (7).
ننڍي کنڊ جي کاٻي ڌر جي سياست ۽ ثقافت منجهه اڄ به کوڙ سارا رجحان اهڙا آهن جيڪي ساڄي ڌر جيان رجعتي ۽ نقصانڪار آهن. انهن منجهان هڪ آهي پنهنجي تنظيم ۽ اڳواڻ تي تنقيد ڏانهن غير تنقيدي رويو. عام خلق جيڪڏهن پنهنجي تربيت ۽ ڄاڻ جي گهٽتائي کي عقيدت جي عنصر سان ڀري ته اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي پر سياست کي سائنس ۽ معروضي منطق ڪري مڃيندڙ به اها غلطي ورجائين ته چئبو مرض هڏن جي مِک تائين پهتل آهي. حقيقت اها آهي ته هر طبي آپريشن وانگي تنقيد تڪليف ڏيندڙ آهي پر اها ئي سچ ۽ صحت کي سانڍيندي ۽ بچائيندي آهي. اسان تنقيد ڪندڙ ننڍا ماڻهو ٿي سگهون ٿا پر ڇا جي ايم سيد تنقيد کان مٿانهون هو؟ حالت اها آهي ته جي ايم سيد جهڙن وڏن ماڻهن بابت سس پُس ۽ نجي ڪچهرين ۾ گهڻو ڪجهه ڳالهايو وڃي ٿو ۽ ايئن خبر ناهي ته ڪيتريون اهڙيون خبرون به گردش ڪن ٿيون جيڪي جيڪڏهن کُلي ڪري رکجن ته گهڻيون تڻيون بي بنياد حوال ٿي جيڪر هوا ٿي وڃن. پر ايئن ٿئي نه ٿو ۽ سول سوسائٽي جي اخلاقيات، سياسي دائري ۽ سنڌ جي وهين صديءَ جي هڪ وڏي سياسي ماڻهوءَ کي به مونجهاري جي منڊ ۾ منڊي ڇڏي ٿي. اهو ساڳو ڪم ڪميونسٽ سياست جي حوالي سان به ٿيو. اسان پاڻ جڏهن پنهنجي تاريخ ۽ غلطين کي غير ضروري وضاحتن ۾ ڍڪڻ شروع ڪيو ته دشمن انهن وضاحتن جي اُکيڙ ڪري اسانجي حاصلاتن مٿان به هٿ ڦيري ڇڏيو. اهڙين حالتن ۾ نٽشي بلڪل صحيح چيو هو ته “ڪنهن به سچ سان ان کان وڏي ناانصافي نه ٿي ٿي سگهي ته ان جو انتهائي غلط دليلن سان دفاع ڪيو وڃي.”
جي ايم سيد جو پنهنجي نقادن ڏانهن رويو:
جي ايم سيد ان معني ۾ به ڪمال ماڻهو هيو ته هُن پاڻ مٿان تنقيد کي هميشه پنهنجي اصلاح لاءِ استعمال ڪيو ، پنهنجي غلطين کي قبول ڪيو ۽ پنهنجي نقادن کي انتهائي احترام ۽ سچائي سان پنهنجي لکڻين ۾ رقم ڪيو. هيٺ ڪجهه مثال سائين جي پنهنجي لکڻين منجهان ڏجن ٿا.
(1) سيد صبغت الله شاهه :
“هتي آئون اھا گفتگو درج ڪرڻ چاھيان ٿو جيڪا منھنجي ۽ پير صاحب جي وچ ۾ ٿي ھئي ، ۽ جيڪا سنڌ جي مشھور ليکڪ مرحوم عثمان ڏيپلائي پنھنجي تاريخي ناول “سانگھڙ ” ۾ شامل ڪئي آھي:
“ پير صبغت الله شاھ ثانئَ وٽ سنڌ مسلم ليگ جو روح روان جي ايم سيد وفد وٽ آيو ته “ اوھين مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو.”
پير صاحب مُرڪي چيو “ ڇالاءِ؟”
سيد صاحب چيو “ ھن لاءِ ته 1940ع جي ٺھراءُ موجب وطن آزاد ڪرائجي.” پير صاحب ٽھڪ ڏئي چيو ، “ مسلم ليگ ۽ وطن آزادي ڪرائيندي؟ شاھ صاحب ! مون ته اوھان کي وڏو سياستدان سمجھيو ھو، پر شايد اوھين سياست جي ابجد مان به واقف نه آھيو.”
سيد صاحب پير صاحب سان بي تڪلف ھو، ھن مُرڪي چيو: “ اوھين شايد مختلف جبلن ۾ رھي ، مختلف سياسي قيدين سان ملي ، سڄي سياست ازبرباد ڪري ويٺا آھيو.!”
“ اسين سياست جي ازبريءَ جي دعوا ته ڪونه ٿا ڪريون ،پر جيڪا جماعت سڀڪجھ انگريزن جي مشوري سان ڪري، جنھن ۾ سمورا سر، خانبھادر ، وڏيرا ۽ سيٺيون ھجن، سان به ڪري آزدي جي دعوا، ته پوءِ ته ڍاڪئون ئي پڪو! ” شاھ صاحب سنجيدو ٿي چيو، “ ڏسو! اسين ته اسيمبليءَ ۾ به تُرت پاڪستان جي آزاديءَ جو ٺھراءُ بحال ڪرائينداسين.”
پير صاحب ٽھڪ ڏئي چيو: “ بس ! اوھان ٺھراءُ بحال ڪرايو ۽ انگريزن اوھان کي آزادي ڏيئي ڇڏي! شاھ صاحب ، ياد رکو! انگريز اول ته پاڪستان ڏيندا ئي ڪونه پر جي ھندو ٺاھ تي نه آيا ته ڪجھ ڏنائون کڻي ته اھو پاڪستان اھڙو وڍيل ۽ چچريل ھوندو، جنھن جي واڳ ڪيترائي ورھيه ته وري به انگريزن جي ھٿ ۾ ھوندي.”
سيد صاحب ٿورو جوش ۾ اچي چيو: “ اسان ھنن ( انگريزن) کي پنھنجي آزاد وطن ۾ ڪو به دخل ڏيڻ نه ڏينداسون.”
پير صاحب ٽھڪ ڏيئي چيو، “ ۽ اوھين ھوندئو ڪٿي ؟ شاھ صاحب! ڀُليل آھيو وڙھڻ لاءِ اوھين ھوندوء ۽ فتح وقت واڳون انھن جي ھٿ ۾ ھونديون ، جي انگريزن جا ازلي غلام ھوندا. اوھان کي کير جي مک وانگر ڪڍي ڦٽو ڪيو ويندو. بلڪ شڪ ناھي جو جيل ۾ به رکيا وڃو! جيڪڏھن زندگي آھي ۽ اسان جي پيشنگوئي سچي نڪري ته پوءِ ٻڌائجو ته سياست مان گھڻو ڪير ٿو ڄاڻي اوھين يا اسين.. انشا الله تعالي ، اسين ته “ وطن يا ڪفن ” حاصل ڪنداسون، پر اوھين پيا ڏکين ڏوراپن وارا ڪتاب ڪڍندا.”
شاھ صاحب چپ ٿي ويو ۽ ھو خاموشئَ سان خدا حافظ ڪري پوئتي روانو ٿيو.”
( (1998) حوالو: ناول سانگھڙ، عثمان ڏيپلائي ، ص 93-95)
بحرحال ، پير صاحب جون ڪڙيو ڳالھيون اڪثر اڄ حقيقت ثابت ٿيون آھن. ھو سچو ديش ڀڳت، پڪو سامراج دشمن ۽ مذھبي رواداريءَ جو قائل ٿي چڪو ھو، باقي “ نئين سنڌ ” لاءِ سندس ذھن ۾ جيڪڏھن ڪو خاڪو ھو، ته به اھو ھن اسان تي ظاھر نه ڪيو ھو ۽ نه وري وقت ھن کي ايترو عرصو زنده ڇڏيو جو ھو اڳتي ھلي ظاھر ڪري سگھي ھا، پوءِ به اسان جي نظر ۾ ھن سنڌ تي ڪنھن به قسم جي ڌارين جي بالادستي پسند نه ٿي ڪئي. افسوس آھي جو اڄ سندس جاءِ نشين ۽ وڏو پُٽ پنھنجي پئُ جي صفتن کان عاري نظر اچي ٿو ۽ انگريزن جي جاءِ نشين پنجابي سامراج جي صفن ۾ ويٺو آھي.” (08)
(2) الله بخش سومرو
“تون (جي ايم سيد) سمجهين ٿو ته پاڪستان قائم ٿيڻ سان سنڌ جي سڀني مشڪلاتن، مصيبتن ۽ خرابين جو حل حاصل ٿيندو. اِهو تنهنجو خيال غلط ۽ ملڪي حقيقتن کان پري آهي. اڳتي هلي توکي معلوم ٿيندو ته اسانجي مصيبتن ۽ مشڪلاتن جي شروعات پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ ٿيندي…… هن وقت توکي هندو عامل جي دماغ ۽ هندو سيٺيي جي لوٽ کسوٽ توکي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، پر اڳتي هلي توکي پنجاب جي سول سرونٽ، سولجر ۽ يوپيءَ جي دماغ جو مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ پوءِ پتو پوندو ته ملڪ جو ورهاڱو مفيد هو يا مضر”
شهيد الله بخش سومرو جي ايم سيد سان مخاطب ٿيندي. (9)
الله بخش سومري جي شهادت بابت ڳالهائيندي جي ايم سيد پاڻ لکي ٿو “اسان جا مرحوم سان سياسي مسئلن تان ڪافي اختلاف هئا. پر هي سنڌ جو مُحب وطن سياستدان ۽ سچو دوست هئو. پر اسان کيس زندگيءَ ۾ صحيح طرح ڪونه سُڃاتو. (10)

(3) علي محمد راشدي:
“آءُ توکي فقط اِهو چوندس ته جنهن رستي تان تون وڃي رهيو آهين، تون به دلشڪستو ٿي شايد مري وڃين ۽ تنهنجي قبر تي هي قطبو هوندو ته “ هن جڳهه تي اُهو انسان رکيل آهي، جنهن شِر جي ذريعي خير هٿ ڪرڻ گهريو ٿي، جنهن جي ابتدا انقلابي هُئي ته جنهن جي انتها رجعت پسندي هُئي، جنهن جي ملڪ جي مامري ۾ جدوجهدن، چٽائي عيوض گمراهي پيدا ڪئي.”
پير علي محمد راشدي جو جي ايم سيد ڏانهن خط (11)
(جيتوڻيڪ جي ايم سيد سميت سڀ ڄاڻين ٿا ته علي محمد راشدي پاڻ اسٽيٽس ڪو ۽ شر جي نمائيندگي ڪندو رهيو. پر سيد ان جي تنقيد کي به جاءِ ڏئي ٿو)

قصو سائين جي نقاد قربان بگٽي جُو:
جي ايم ڀڳت هڪ اهڙي ڪچهري جو ذڪر ڪري ٿو جنهن ۾ جماعت اسلامي جا ڪجهه ماڻهو سائين سان ملڻ آيا ۽ کين سندس ڪتاب “جيئن ڏٺو آهي مون” تي قربان بُگٽي جو هڪ تنقيدي ڪتاب ڏنو. سائين اهو ڪتاب ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ته ڪنهن ايتري محنت ڪئي آهي جو نه صرف پڙهيو اٿس پر تنقيد به ڪئي اٿس سو پنهنجي ماڻهن کي چئي پنهنجا ٻيا ڪتاب به گهرايائين ۽ اهي جمعيت وارن کي ڏنائين ته ليکڪ جي منهنجي طرفان مهرباني مڃجو ۽ منهنجي طرفان هي تحفو به اڳيان ڪجو.
اهڙا ڪيترائي واقعا ۽ حوالا ڏئي سگهجن ٿا پر انهن جي تفصيل ۾ اڃا وڌيڪ وڃڻ بدران اچو ته
سائين مٿان عام طور لڳندڙ ڪجهه اهم الزامن کي (12) وري نئين سِر ۽ مختصر طور جانچيون.

1. سائين ساداتن کي منظم ڪيو ۽ مسجد منزل گاهه واقعي ۾ ڌر بڻيو:
ماڻهو سياست خلا ۾ يا تجريدن آڌار ناهي ڪندو. هر ماڻهو پنهنجي تاريخي حالتن ۽ سياسي سکيا جي ڏاڪي پٽاندر سياست ڪندو آهي. ان معني ۾ جيڪڏهن ڪو جاگيردار طبقي ۽ مذهبي گهراڻي جو سيد ماڻهو پنهنجي شروعاتي ڏينهن ۾ سيدن کي منظم ڪري ٿو ته اها ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي. وڏي ڳالهه اِها هجي ها ته هو ان ئي قسم جي سياست کي جاري رکي ها. جيسيتائين مسجد منزل گاهه وارو واقعو آهي ته اُهو به جي ايم سيد هو جنهن مسلم ليگ جي صوبائي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ مذهبي مامرن کان پاسي رهڻ تي زور ڏنو پر اُهو به جي ايم سيد هو جنهن مسجد منزل گاهه تي وڃي قبضو ڪرايو جڏهن ٻي سموري قيادت يا ته گرفتار ٿي چڪي هُئي يا هيسجي وئي هُئي. سيد پنهنجي پوئين زندگي ۾ پنهنجي ان عمل تي افسوس جو اظهار ڪري ٿو. سيد جي عظمت جا جيڪي بنياد آهن تن ۾ اهم عنصر اهو آهي ته هو پاڻ پنهنجي غلطين جو نقاد هو. بدقسمتي آهي جو سائين جا پوئلڳ سائين منجهان به سکڻ لاءِ تيار ناهن ۽ سيد کي مٿس لڳل انهن سمورن ڏوهن کان به بچائڻ چاهين ٿا. جيڪي سيد پاڻ قبولي به چڪو هئو. ايوب کُهڙي جي اڳواڻيءَ ۾ مسجد بحال ڪيو تحريڪ درحقيقت الله بخش سومري جي حڪومت کي غير مستحڪم ڪري ختم ڪرڻ لاءِ هُئي. اِهو چوڻ ته سيد مسجد بحال ڪيو تحريڪ سان متفق نه هو پر کيس زوري خط لکي اقتداري سياست ۾ ڦاسايو ويو ۽ هُن سکر اچي ان تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ حيدرآباد جيل ۾ پوءِ نظربند ڪيو ويو (13) هڪ غير ضروري جواز آهي. هڪ پاسي اسان سيد کي ملڪ ۽ ننڍي کنڊ جو وڏو سياستدان چئون ٿا ۽ ٻي پاسي پنهنجي سادگي ۾ کيس ايترو ته ننڍو ڪري ڇڏيون ٿا جو ڪجهه ماڻهو کيس نه صرف استعمال ڪري وڃن ٿا پر ان جي نئي سياست جا نقش به چٽين ٿا. سو اهڙي روش کان بچجي جنهن ۾ سڀ چڱايون الله جي کاتي ۾ سڀ برايون عبدالله جي حصي ۾ اچي وڃن.
2. سائين ٻه قومي نظريي جي سياست ڪئي ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ڪري پاڪستان ٺهرايو:
هي پڻ هڪ اهڙي تنقيد آهي جيڪا سيد پاڻ قبولي ٿو. سائين پنهنجي سياست جي شروعات ڪانگريس کان ڪئي. پر ڪجهه ڪانگريس جي کوٽن ۽ ڪجهه سائين جي غلطين جي نتيجي ۾ سائين مسلم ليگ جو ميمبر بڻيو. صحيح ٿو چئي حسن مجتبي ته خان غفار (سرحد جو گانڌي) وانگي سيد به سنڌ جو گانڌي سڏجي ها، جيڪڏهن هو مسلم ليگ ۾ شموليت نه ڪري ها. جيسيتائين ٻه قومي نظريي کي قبولڻ جو سوال آهي ته ان حوالي سان ٻئي پاسا دليل ملن ٿا. مثال طور هڪ پاسي سائين پاڻ قبولي ٿو ته “پاڪستان جي گُهر مسلمانن جي جُدا قوم هُئڻ جي بنياد تي ڪئي وڃي ٿي”. (14) ٻي پاسي جيئن ابراهيم جويو لکي ٿو ته سيد پاڪستان جي حق ۾ 1940 واري قرارداد کي سامهون رکي ٿيو هو. جويي صاحب مطابق (انهن ڏينهن ۾به) اول کان آخر تائين سيد جي سمجهه، سڀاءُ يا سياست جو مرڪز سنڌ هُئي. ساڳي وقت اهو به سچ ته سيد مسلم ليگ ۾ هوندي به سن ۾ شانتي نڪيتن جهڙو ادارو ٺاهڻ لاءِ سرگرم ٿيو هو ۽ ان ڏس ۾ سندس ڳالهيون ٻولهيون سنڌ جي ٻين اُنهن ٽن اهم ماڻهن (علامه آءِ آءِ قاضي، مولانا عبيدالله سنڌي، شهيد الهه بخش سومرو) سان به ٿيون هيون جيڪي مسلم ليگ مخالف هيا (15). بهرحال سنڌي قوم ۽ مسلمان قوم جي مختلف ۽ متضاد تصورن کي پنهنجي انهن ڏينهن جي سياست ۾ سيد ڪيئن هڪ ڪيو؟ ان سوال ۽ تاريخي منڌل مامري کي مستقبل جي محققن لاءِ ڇڏيندي، جيڪڏهن پاڪستان کي ٻه قومي نظريي جي بنياد تي قبولڻ واري سوال کي ڏسجي ته ان دور جي ڪميونسٽ پارٽي جيڪڏهن اِها غلطي ڪري سگهي ٿي ته پوءِ جي ايم سيد نالي هڪ فرد تي اُها معيار گهڻو ڪانه بيهندي (16). اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪميونسٽ پارٽي پنهنجي ٿيسز کي هڪ سال کان پوءِٰ (1948 جي ڪانگريس) ۾ بدلايو پر سائين کي پنهنجو بدليل نقطه نظر سياسي طور رکڻ ۾ 25 سال ٻيا لڳا.
3. سائين ايم آر ڊي کي ڪفن چور تحريڪ چئي اُن جي مخالفت ڪئي ۽ ضياءُ کي شريف النفس چئي هڪ آمر جي ثنا ڪيائين:
هي هڪ اهڙو مامرو آهي، جنهن کي سائين پاڻ پوئين حياتيءَ ۾ ۽ سندس گهڻا تڻا سلجهيل ساٿي اڄ تائين درست نقطه نظر طور ورجائيندا رهيا آهن. دليل طور ايم آر ڊي جي جاگيردار قيادت ۽ اُن جي تاريخي موقعي پرستي، خود سائين کي ايم آر ڊي جي دعوت نه ڏيڻ، تحريڪ پاران 73 جي آئين (جنهن کي سائين پوءِ سنڌ دشمن قرار ڏنو) جي نفاذ واري مطالبي ۽ رياست کي مظبوط ڪندڙ نظام طور جمهوريت کي اڳيان ڪيو ويندو آهي.
سنڌ جا ئي مفاد، سائين جي سياست جو محور ۽ بنيادي اصول رهيا پر جيئن هر لازميت منجهه اتفاق جي گنجائش هوندي آهي. تيئن ٻه مامرا خاص طور اهڙا آهن جتي منهنجي خيال ۾ سيد جي سرگرمي ۽ سنڌ جامفاد الڳ الڳ هيا. هڪ مسجد منزل گاهه وارو واقعو ٻيو ايم آر ڊي جي مخالفت. سيد به هڪ ماڻهو هو ۽ هر ماڻهو جيان کُٽندو به هو ۽ هُن غلطيون به ڪيون. اهو سچ آهي تحريڪ جي قيادت جاگيردارن جي هٿ ۾ هُئي ۽ انهن پنهنجي قيادت پنهنجي طبقاتي ڪردار پٽاندر موقعي پرستي به ڪئي پر ڇا اهو سچ ڪونهي ته سياست امڪانن جي راند هوندي آهي؟ جيڪڏهن سائين ان تحريڪ جي حمايت ڪري ها ته هوند موقعي پرستي جا امڪان گهٽجي وڃن ها ڇو ته ان تحريڪ ۾ پيپلز پارٽي سان گڏ ٻيون به عوامي سياسي قوتون موجود هيون ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته عام ماڻهو به ان تحريڪ ۾ متحرڪ هيو . ان ڏس ۾ پُراڻو مثال اين ايس ايف جو ( جيڪو ساڄي ڌر جو جوڙيل شاگرد فرنٽ هو ۽ جيڪو عام شاگردن جي شموليت کانپوءِ کاٻي ڌر جو شاگرد فرنٽ ٿي ويو) ۽ تازو مثال وڪيلن جي تحريڪ جو آهي جنهن کي شروع ته مشرف خلاف ايڪس سروس مين (رٽائرڊ فوجين) ڪيو هو پر عوامي شموليت کانپوءِ ان جو ڪردار عمومي طور تي فوج مخالف بڻجي ويو. مٿين مثالن منجهان اهو نتيجو ڪڍڻ انتهائي غلط هوندو ته انٽرزم جي پاليسي هميشه انقلابي هوندي آهي يا ٻيو اِهو ته جيڪا به تحريڪ يا مضاهمت رياست يا طاقت جي مرڪز خلاف پيدا ٿئي تنهنجون اکيون ٻوٽي، بنا ڪنهن شرط جي حمايت ڪرڻي آهي. (جيڪڏهن ايئن هجي ها ته پوءِ اسان سڀ ڪنهن حڪمران طبقي جي جماعت ۽ طالبان جي حمايت ۾ بيٺا هجون ها) پر مطلب اهو آهي ته هڪ اهڙي تحريڪ جيڪا اسٽيبلشمينٽ مخالف هُجي، جنهن ۾ سنڌ جو عوام، سون جي تعداد ۾ جانين جو نظرانو ڏئي، قربانين جا نوان مثال رقم ڪري رهيو هُجي، تنهن تحريڪ جي قيادت رسمي دعوت نه به ڏي تڏهن به ان تحريڪ جي واضع حمايت (17)، سيد جي قومي، جمهوري، سيڪيولر سياست ۽ سنڌ جي مفاد ۾ ئي هُئي. عوامي تحريڪون قطع نظر پنهنجي آخري نتيجن جي، پنهنجي عمل ۾ ئي آزادي بخش هونديون آهن. باقي اهو ته سمجهڻ جوڳو آهي ته ڇو ايم آر ڊي جي هلڪڙي ۽ موقعي پرست قيادت، جي ايم سيد جهڙي ڳري ۽ بااصول ماڻهوءَ کي پري رکيو ٿي. آخر سائين جهڙي ڏور نظر ماڻهو ايئن ڇو ڪيو؟ مان سمجهان ٿو ان جا نظرياتي سان گڏ تاريخي ۽ نفسياتي ٻيا به سبب هئا. سائين ته شاهنواز ڀُٽي جو دوست هيو ۽ پهرين پيپلز پارٽي جوڙي ان جو کيس صدر بڻايائين. سائين ته ذوالفقار جي طهرن ۾ به شريڪ ٿيو هو ۽ پوءِ ان جي سياست کي ڀوڳيائين به. آخري مهرباني ذوالفقار ڀُٽي اها ڪئي ته 72 ۾ عبوري آئين جي جوڙجڪ ۽ منظوريءَ ۾ (18) سائين جي اهم ڪردار باوجود،آئين قبول ٿيڻ کانپوءِ سائين کي نظربند ڪيائين. اهڙي ريت توڻي جو سائين کي ڀُٽن جا هٿ سوايا لڳل هئا پر ڀُٽن ۽ جمهوريت جي سوال کي هڪ ڪري ڏسڻ سائين جي غلطي هُئي. اهو سچ آهي ته سائين ۽ ضياءُ جون جيڪي ٻه ٽي مختصر ملاقاتون ٿيون سي سڀ مختلف موقعين تي ضياءُ جي پنهنجي ڪوششن (انيشيئٽو) سان ٿيون (19) نه ته سيد هميشه لنوائيندو ئي رهيو ۽ انهن ملاقاتن ۾ سيد صفا سڌو ۽ کرو ئي رهيو. ٻيو ته ايم آر ڊي جي تحريڪ هلندي ماڻهن ۽ صحافين جو سيد ڏانهن وڃڻ ۽ رهي به پوڻ گهڻو ٿيندو هو ۽ اهڙي ڪنهن نجي ڪچهري ۾ سيد ضيا کي شريف النفس چيو ۽ ان ڳالهه کي کنيو ويو. (20) پر تنهن هوندي به هڪ اهڙي آمر کي (جنهن جو ڪيتو اڄ به اسان لوڙيون ٿا) شريف النفس چوڻ ڪنهن به ريت ٺيڪ نه هو. ڇو ته بقول نٽشي وڏن ماڻهن جا ڪوڙ (يا غلطيون) ننڍن ماڻهن جي سچ کان وڌيڪ اهميت رکندا آهن.
سائين جي ايم سيد کي ڪيئن سمجهجي؟
کوڙ سارا ماڻهو پاڻ کي سيڪيولر سمجهندي، سيدن کان پيا خار کائيندا آهن. پر ڇا اِهو سچ ڪونهي ته سنڌ جي تاريخ جي تارازي ۾ هڪ پاسي ٻيا سڀ ڪردار پر ٻي پاسي جيڪڏهن ٻه سيد ( ڀٽ ڌڻي ۽ جي ايم سيد) رکجن ته اُهو پُڙ وڌيڪ ڳرو هوندو. ٿي سگهي ٿو ڪنهن حقيقت پسند کي اها ڳالهه ٺيڪ نه لڳي پر ان ڳالهه ۾ ڪو شڪو ڪونهي ته سائين جي ايم سيد اسان سڀ جي مڙني تجزين يا راين کان تهان وڏو ماڻهو آهي ۽ شايد ويجهي متسقبل ۾ رهي به. سائين بابت هڪ ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ بلڪل ٺيڪ چيو هو ته “ جي ايم سيد کي پوري طرح پروڻ ۾ شايد وقت لڳندو. اڃا اسان مخالفت ۽ مزاحمت (يا قطعي حمايت) واري ماحول ۾ آهيون. شايد اسان انصاف نه ڪري سگهون. وقت لڳندو..”
ڪل اور آئينگي نغمون ڪي
کِلتي ڪليان چُنني والي
مجهه سي بهتر ڪهني والي
تم سي بهتر سنني والي. ساحر
ايئن سنڌ جا لافاني ڪردار نئين قدرسازي ۽ نيئن دور ۾ نئين معني ۽ سونهن سان پيا کڙندا رهندا ۽ ايندڙ نسلن کي پنهنجي اثر ۾ وٺندا, بلڪل ائين جيئن سائين پاڻ قومي ڪردارن جي پنهنجي دور جي حساب سان نئين اُکيڙ ڪري ڪيو. ان لاءِ ضروري آهي ته ڪو ادارو جوڙي سائين جي ايم سيد تي تحقيق ڪئي وڃي. ان ڪم لاءِ بنيادي ۽ ضروري ڪم سائين پاڻ ئي ڪري ويو هو. يعني هو هر ڪم جو ڪاغذ، پنو ۽ چٽ به سنڀالي رکندو هو. اها گُهر سنڌ جي هر سُڄاڻ ماڻهو جي آهي ته اهو سڄو مواد سنڌ جي آرڪائيوز ٿي ظاهر ٿئي. ايئن نه ٿئي ته سائين جو سمورو سهيڙيل مواد به حيدر منزل وانگي هوا ٿي وڃي. سائين جي ايم سيد بابت پنهنجي مضمون کي سنڌ جي هڪ ٻي وڏي نانءُ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي هڪ ليک جي اختتامي لفظن سان ختم ڪيون ٿا ته “اهڙا به ڪي آهن، جيڪي سيد جي غلطين کي معاف ڪري نه سگهيا آهن، جن جو ذڪر هو پنهنجي خلاصين محفلن ۾ وڏي فراخدليءَ سان ڪندو آهي، پر مان ان راءِ جو آهيان ته سيد جو ڏاڻ (contribution) هن جي غلطين کان تمام گهڻو وڌيڪ آهي. (21)

حوالا ۽ تشريحون
1. خلافت تحريڪ ۽ جي ايم سيد (آزاد قاضي)
2. سياست کي اخلاقيات سان هڪ ڪري سادو ڪرڻ، ستر کان پوءِ جهموريت کي سنڌ جي خلاف ۽ آمريت کي سنڌ جي عليحدگيءَ جي حق ۾ ڏسڻ، قومي ۽ طبقاتي سوالن جي هيڪڙائي بدران انهن کي بنيادي ۽ ثانوي سوال طور ڏسڻ، تنظيمي مامرن کان ڇڄي ڌار بيهڻ، ايم ڪيو ايم ۽ اردو آبادي کي هڪ ڪري ڏسڻ (اها ساڳي غلطي رسول بخش پڻ ڪري ٿو . سيد جيڪڏهن اردو آبادي جي ڪري ايم ڪيو ايم کي به پنهنجو ڪري ٿو ته پليجو وري ايم ڪيو ايم جي ڪري اردو آبادي کي به سنڌ دشمن سمهجي پيو) وغيره
3. جي ايم سيد (عبدالواحد آريسر 1988 ) صفعو نمبر (166)
4. سائين جي حوالي سان خود قومپرست سياست جون ٻه انتهائون ته اسان سامهون اڳ کان ئي آهن. هڪ جيئي سنڌ جي جنهن ۾ سائين تنقيدن کان مٿانهون سنڌ جو هڪ پيغمبر آهي ۽ ٻيو عوامي تحريڪ (خاص طور رسول بخش پليجي) جي جنهن ۾ سائين سنڌ جي ساڃاهه جو سرواڻ نه پر پنهنجي سادگي ۽ روايتي سمجهه سبب سنڌ جي تباهي جو سامان ئي ثابت ٿيو.
5. اڄ جي سياسي لغت، گهڻي تڻي فرانسيسي انقلاب جي سرجيل آهي. لفظن ۽ اصطلاحن جون معنائون ساڳيون نه ٿيون رهن ۽ وقت سِر تبديل به ٿين ٿيون. پر اسان وٽ عام طور تي کاٻي ڌُر منجهان مُراد سوشلسٽ يا ڪميونسٽ سياست ورتي ويندي آهي، اُن جي اُبتڙ اهو اصطلاح، هڪ وسيع معني ۾ هميشه ساڄي ڌُر جي نسبت سان استعمال ٿيندو آهي ۽ پاڻ منجهه ڪميونسٽ، قومپرست، جمهوريت پسند، ٽريڊ يونينسٽ، سُڌارپسند ۽ انقلابين سميت سمورين انهن ڌُرين کي سانڍي ٿو جيڪي جاري وهنوار (اسٽيٽسڪو) تي عوامي ۽ حال تي ماضي بدران مستقبل جي سياسي اک سان تنقيدي ٿين ٿيون ۽ پاڻ پتوڙين ٿيون)
6. انقلابي تنظيمن وٽ تشدد يا عدم تشدد جي چونڊ، حڪمت عملي جو سوال هوندوآهي. پر سنڌ جي قومپرست سياست اندر اهو پاليسي جو سوال بڻجي قطعي عدم تشدد يا قطعي تشدد جي لائين ۾ اظهاربو رهيو آهي.
7. مارڪس جڏهن ڪجهه اهڙن نوجوانن سان مليو جن هيگل کي پڙهڻ کان نابري واري ته مارڪس کين هڪ مشهور جملو چيو هو ته “جي اوهين مارڪسسٽ آهيو ته پوءِ آءُ مارڪسسٽ ناهيان”.
8. سنڌ ڳالھائي ٿي (عدالتي بيان) ص 39 ـ 40
9. ساڳيو…. (ص 62)
10. (ساڳيو . ص 61)
11. (ساڳيو ص 63)
12. سائين جي خوبي چئجي يا خامي پر سائين عام طور تي غالب جي شعر وانگي ته
غالب بُرا نه مان جو واعظ بُرا ڪهي
ايسا ڀي ڪوئي هي ڪه سڀ اڇا ڪهين جسي،
پاڻ مٿان لڳندڙ سچن ڪوڙن الزامن جا جواب يا ترديدون ڪونه ڏيندو هو. توڻي جو رياست سان گڏ قومي مزاحمتي ڪيمپ منجهان به سائين تي تنقيدن ۽ الزامن جون چوپڙيون ۽ ڪتاب ڇپبا رهيا. جوابن ۽ وضاحتن جو ڪم سائين جا ساٿي ڪندا رهيا.
13. سنڌ ڪهاڻي ۽ جي ايم سيد. 2015. ص 71
14. سنڌ ڳالهائي ٿي. ص 53
15. جڏهن ته ڪجهه حوالن مطابق مسلم ليگ ۾ شموليت لاءِ صلاحيندڙ ماڻهو به ٻيو ڪير نه علامه آءِ آءِ قاضي هو
16. توڻي جو رئوف ملڪ جهڙا ڪامريڊ آخر تائين پارٽي جي پاڪستان قبوليت واري لائين کي ئي درست فيصلو ڪري مڃيندا رهيا.
17. ڪجهه پُراڻن قومپرست سياسي ڪارڪنن جو خيال آهي ته سائين ايم آر ڊي جي واضع مخالفت ۽ مزاحمت ڪانه ڪئي، اُن جي اُبتڙ ڪٿي ڪٿي خاموش حمايت ڪئي.
18. خالق جوڻيجو
19. جڏھن جنرل ضياءُ سائين جي ايم سيد سان ملاقات ڪئي (ذوالفقار قادري)
20. ايم آر ڊي تحريڪ، قومپرستن ۾ ڀڃ ڊاهه جو ڪارڻ (علي نواز ٻُٽ)
21. سائين جي ايم سيد: سنڌ جو عظيم اڳواڻ (سوڀو گيانچنداڻي)