سنڌ جا مسئلا ڪرپشن سبب حل نٿا ٿين: نواز خان زنئور

قاضي احمد:- جيئي سنڌ لبرل فرنٽ جي چئرمين نواز خان زنئور چيو آھي ته سڄي سنڌ مسئلن جو شڪار آھي، مسئلن جي انبارن باوجود به مسئلا حل ڪرائڻ بدران پيپلي سرڪار کليل ڪچھريون ڪرائي عوام جا مسئلا ٻڌن ٿا ڇا سڄي سنڌ مسئلن جو شڪار آھي وزيرن ڪامورن کي سڀ خبر ھوندي به عوام جي اکين ۾ لوڻ وجھي رھيا آھن مسئلا ڪرپشن سبب حل نٿا ٿين ڪرپشن ختم ٿيندي ته ماڻھن جا مسئلا حل ٿيندا, اھڙو اظھار ھن قاضي احمد ۾ قومي ڪارڪنن سان ڳالھائيندي ڪيو ھن وڌيڪ چيو ته جڏھن حڪمران ڪرپٽ ٿيندا آھن تڏھن عوام مشڪلاتن جو شڪار ٿيندي آھي سنڌ ۾ به حڪمرانن جي غلظ پاليسن سبب عوام تڪليفن جو شڪار آھن اسپتالن ۾ مٿي جي سور جي گوري به نٿي ملي,ڪيترائي اسڪول بند آھن, روڊ رستا تباھ آھن، گندگين جي ھر شھر ۾ ڍير لڳل آھن جڏھن ڪرپٽ ماڻھن کي شڪست ملندي نوان چھرا نروار ٿيندا ته عوام جا ڪم ڪار به ٿيندا باقي وڏيرن ڀوتارن سڄي سماج کي تباھ ڪري ڇڏيون.