سنڌ جا ماڻهون ٻيٽن تي ڪا سوديبازي قبول نه ڪندا ٻيٽ سنڌ جي عوام جي ملڪيت آهن:انڊيجينئس رائٽس الائنس سنڌ جي مرڪزي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاهه

انڊيجينئس رائٽس الائنس سنڌ جي مرڪزي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاهه پورٽ ۽ جھاز راني جي وزير علي زيدي جي پريس ڪانفرنس ۾ بُنڊاڙ ٻيٽ منصوبي ۾ مقامي سنڌين کي نوڪريون ڏيڻ واري اعلان کي ٺڳي ۽ لالي پاپ قرار ڏيندي چيو آھي تہ ڪجھ ميھنا اڳ ساڳئي علي زيدي پورٽ قاسم جي مقامي متاثر خاندانن جي ماڻھن کي نوڪريون ڏيڻ واري سوال جي جواب ۾ چيو ھو تہ ھاڻي پورٽ قاسم ۾ پٺاڻن ۽ پنجابين کي نوڪريون ڏنيون وينديون ھاڻ وري ڪھڙي منھن سان چئي ٿو ته بُنڊاڙ ٻيٽ منصوبي ۾ مقامي ماڻهن نوڪريون ڏنيون وينديون جيڪو وڏي ۾ وڏو دوکو ۽ ڪوڙ آھي،
ھن چيو ته پورٽ قاسم اسان جي زمين ڳوٺن ۽ قبرستان تي ٺھيو پر مقام متاثر خاندانن کي ڌرتي ڌڻين کي نوڪريون نه ڏنيون ويون ۽ نه ئي سندن ٻيھر آبادڪاري ڪئي وئي
پورٽ قاسم م آيل 31 ڳوٺن جي 592 خاندان کي پنھنجي ئي ڳوٺن مان لڏايو ويو پر اڄ تائين اڌ صدي گذرڻ جي باوجود ڪنھن ھڪ به ماڻھوءَ کي پنھنجي گھرن جو معاوضو نه مليو آھي جڏھن ته 1989 ۾ ان وقت جي وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پورٽ قاسم جي متاثرين جي آبادڪاري ۽ نوڪريون ڏيڻ لاءِ وزيراعظم انسپيڪشن ڪميشن جوڙي ھر خاندان کي ھڪ لک روپيه گھرن جو معاوضو ڏيڻ ۽ متاثرين کي پورٽ قاسم ۾ نوڪريون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ھو جنھن تي اڄ ڏينھن عمل نه ٿي سگهيو آهي
فيبروري 2003 ۾ پورٽ قاسم انتظاميا روينيو کاتي ۽ مقامي نمائندن جي وچ لکت ۾ فيصلو ٿيو ھو ته معاھدي تي عمل ڪيو ويندو سال 2007 ۾ سنڌ ھاءِ ڪورٽ به ان لکيل معاھدن تي عمل ڪرڻ , گھرن جو معاوضو پلاٽ ۽ نوڪريون ڏيڻ جو حڪم ڏنو ھو،
ساڳئي ريت 2009 ۾ موجوده چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ سنڌ ھاءِ ڪورٽ ھڪ ٻيو فيصلو ڏنو آھي ته جنھن ۾ وزيراعظم انسپيڪشن ڪميشن ۽ لکيل معاھدن ۽ عدالتن جي 2007 واري فيصلي تي عمل ڏنو آهي پر پورٽ قاسم انتظاميا عدالتن ۽ وزيراعظم جي فيصلن ۽ سندن لکيل معاھدن تي ڪڏھن به عمل نه ڪيو آھي
جيڪو مزمت جوڳو آهي عدالتي انتظامي فيصلن جي توھين آھي ھاڻ وري بُنڊاڙ ٻيٽ تي شھر اڏي مقامي ماڻھن کي نوڪريون ڏيڻ جو لالي پاپ ڏنو پيو وڃي جيڪو سراسر دوکو آھي ۽ ٻيٽن تي والار خلاف جيڪو عوامي ردعمل سامھون آيو آھي ان کي ماٺو ڪرڻ جي ھڪ ناڪام ڪوشش آھي جنھن تي ڪنھن صورت ۾ ويساھ نه ٿو ڪري سگھجي
علي زيدي کي گھرجي ڪوڙي اعلان کان اڳ پورٽ قاسم جي متاثر خاندانن سان لکت ۾ ڪيل فيصلن ۽ انتظامي عدالتي حڪمن تي منوعن عمل ڪرائي ڪوڙيون دعوائون ڪرڻ کان پاسو ڪري
سنڌ جا ماڻهون ٻيٽن تي ڪا سوديبازي قبول نه ڪندا ٻيٽ سنڌ جي عوام جي ملڪيت آهن جنھن تي راتاهو ڪنھن به صورت ۾ سنڌ جي عوام قبول نه ڪندي.