سنڌ تي ڌارين جي يلغار ۽ والار ختم ڪري جبري گم ڪيل سنڌين کي بازياب ڪيو :عاقب چانڊيو جي وارثن ۽ سنڌ سڀا جو مطالبن جي مڃتا لاء احتجاج

ڪراچي (رپورٽ: رزاق عاصي) ڪراچي پريس ڪلب آڏو سنڌ سڀا.سنڌ سجاڳي فورم ۽ عاقب چانڊيو جي واثن پاران پريس ڪلب آڏو سنڌ مان کنڀي گم ڪيل جي آزدي لاء احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي عاقب چانڊيو جي امڙ مخيتار بيگم . ڀينرن شازيا چانڊيو . فضا چانڊيو. عاقب چانڊيو جي وني فروا چانڊيو چيو ته عاقب اسان جو آخري سهارو آهي. جنهن کي 7 جولائي تي ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر مان کنڀي گم ڪيو ويو آهي. اسان عدالت جو در به کڙڪايو آهي. پر اڃا تائين عاقب چانڊيو جو ڪوبه پتو ناهي پئجي سگهيو. انهن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي عاقب چانڊيو کي آزاد ڪيو وڃي. سنڌ سڀا جي اڳواڻ سنڌي انعام. سنڌ سجاڳي فورم اڳواڻ سارنگ جويو. سهڻي جويو ۽ ٻين چيو ته سنڌ سرڪار سنڌ جي اهم مسئلن کان لاتعلق بڻيل آهي. سنڌ حڪومت ڌارين کي ڊوميسائل ڏئي سنڌ جي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻائي ڇڏيو آهي. ملڪ رياض کي ڪوهستان وڪڻندڙ به ڌاريو آفيسر آهي. جڏهن ته سنڌ حڪومت مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ کي ڊي سي بڻائي پنهنجي سياسي ياري نڀائي اسين سمجهون ٿا ته پ پ جي اهڙي يار سنڌ کي نقصان سواء ڪجھ به ناهي. انهن وڌيڪ چيو ته سنڌ دشمن منصوبه فوري طور بند ڪري سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي. سنڌ سان ظلمن خلاف اسان جو احتجاج جاري رهندو.