سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس،سنڌ ۽ بلوچستان جو گڏيل اتحاد جوڙي سامونڊي پٽيءَ تي قبضي جي سازش کي ناڪام بڻايو ويندو.

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي پنجين ٽينيوئر جو ٻيون اجلاس اڄ جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو تي پارٽي صدر سيد جلال محمود شاھ جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو. اجلاس ۾ سنڌ جي مجموعي سياسي صورتحال تي تفصيلي بحث ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايس يو پي جي سينٽرلايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبر مير مولا بخش لغاري ، ايس يو پي ليديز ونگ اڳواڻ ادي ياسمين ٿيٻو جي والدھ جي وفات تي 2 منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. اجلاس ۾ 15 نومبر تي ڪراچيءَ ۾ رٿيل مارچ ۾ شرڪت جي حوالي سان تيارين جو جائزو ورتو ويو ۽ تياري لاءِ مختلف ڪميٽيون پڻ جوڙيون ويون. اجلاس کي خطاب ڪندي سيد جلال محمود شاھ چيو ت وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان گڏجي سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي قبضي جي ڪوشش ڪري رھي آھي ڏنگي ٻيٽ تي وفاقي ادارن جي فورسز کي بيھاري اتي تعميراتي ڪم گذريل ڪيتري عرصي کان ڪرايو پيو وڃي ، جتي ملٽي نيشنل ڪمپنين سان معاھدي ۾ سنڌ حڪومت برابر جي شريڪ آھي . پيپلزپارٽي سنڌ جي جاگرافيائي سرحدن جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام رھي آھي ۽ خود سنڌ جي وسيلن جي لٽ مار ۾ ڀاڳي ڀائيوار رھي آھي .
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ت پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موممينٽ ( پي ڊي ايم ) سنڌ جي قومي مفادن ۽ سنڌ جي وسيلن جي مالڪي کي سنڌ جو حق سمجھندي ان نقطي کي پنھنجي پروگرام جو حصو بڻائيندي ت سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پي ڊي ايم جي تحريڪ جو ڀرپور ساٿ ڏيندي.
ايس يو پي سربراھ جو وڌيڪ چوڻ ھو ت پيپلزپارٽي سرڪار جي ترجيحات ۾ ن سنڌ جي وحدت ۽ وسيلا آھن ۽ ن ئي وري سنڌ جي عوام جي ڀلائي ۽ خوشحاليءَ جو ذڪر آھي. ان ڪري سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ سنڌ جي باشعور ماڻھن کي سنجيدگي سان جدوجھد ڪرڻي پوندي. سيد جلال محمود شاھ چيو ت سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل سمورن قومپرست ۽ سياسي جماعتن سان مشاورت ڪرڻ کانپوءِ ھن تحريڪ کي اڃا وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو ۽ بلوچستان جي قومپرستن سان گڏجي سنڌ ۽ بلوچستان جو گڏيل اتحاد جوڙي سامونڊي پٽيءَ تي قبضي جي سازش کي ناڪام بڻايو ويندو. اجلاس ۾ ايس يو پي ڪارڪن اختيار سوڍر ۽ ايس يو پي ڪراچيءَ جي سينيئر ڪارڪن عبدالرزاق شر جي پٽن بشير احمد شر ۽ غلام رسول شر جي کنڀي گم ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سندن فوري رھائي جو مطالبو ڪيو ويو.