سنڌ اندر لاقانونيت، جڙتو پوليس مقابلن، جبري مذهب تبديلي خلاف سکر ۾ احتجاجي ريلي

سکر :-  سکر ۾ سنڌ اندر لاقانونيت، جڙتو پوليس مقابلن، جبري مذهب تبديلي ۽ صحافي عزيز ميمڻ جي قتل خلاف شڪارپور کان نڪتل ريلي پريس ڪلب پهتي، رياض چانڊيو چيو آهي ته سنڌ  هٽلر، ميسولني ۽ فرعون جي دور مان پئي گذري، پوليس کي بيگناهه ماڻهو مارڻ جا اختيار ڏنا ويا آهن، پرامن سياسي ڪارڪنن کي جڙتو مقابلن ۽ صحافين کي ڀوتارن جي ڇاڙتن ذريعي قتل ڪرايو پيو وڃي.  جيئي سنڌ محاذ سنڌ اندر لاقانونيت، جڙتو پوليس مقابلن، هندو نياڻين جي جبري مذهب تبديلي، صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ۽ صحافين کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ خلاف مرڪزي چيئرمين رياض چانڊيو جي اڳواڻي ۾ شڪارپور جي شهيد قيوم چوڪ کان سکر پريس ڪلب  تائين ريلي ڪڍي ، ريلي سکر پهچڻ تي ايوب گيٽ کان پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪيو ويو، ريلي ۾ عورتن جو به وڏو انگ شامل هو، ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن جي هٿن ۾ شهيد صحافي عزيز ميمڻ، مبينا طور جبري مذهب تبديل ڪرايل مهڪ ڪماري، جڙتو پوليس مقابلي ۾ ماريل سهيل مغيري، سهڻل گوپانگ، سعيد جکرو، رمضان سمون، محمد حسن تيغاڻي جي تصويرن تي ٻڌل پلي ڪارڊ هئا جن تي مقتولن سان انصاف ڪرڻ جا مطالبا لکيل هئا. جڏهن ته ڪارڪن ”پوليس گردي نامنظور، هاف فرائي، فل فرائي بند ڪريو، جبري مذهب تبديلي نامنظور، مهڪ ڪماري کي آزاد ڪريو“ جا نعرا هڻي رهيا هئا. سکر پريس ڪلب ٻاهران ريلي کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته، سنڌ هٽلر، ميسولني ۽ فرعون جي دور مان گذري پيو، سڄي سنڌ اندر پوليس قانون ۽ انساني حقن جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا آهن، هاف فرائي ۽ فل فرائي جهڙن غيرانساني اصطلاحن هيٺ پوليس عدالتن کان مٿانهان قتل ڪري رهي آهي، هڪ مهيني اندر ڪراچي ۾ نائين درجي جي شاگرد سهيل مغيري، ٺٽي ۾ پورهيت رمضان سمون، قمبر ۾ سهڻل گوپانگ ۽  شڪارپور ۾ شهري سعيد جکرو کي جڙتو پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو ۽ دڪاندار محمد حسن تيغاڻي کي جڙتو مقابلي ۾ اپاهج بڻايو ويو آهي. هن چيو ته ڊي آئي جيز، ايس ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز کي ڪنهن ۽ ڪهڙي قانون تحت اختيار ڏنا آهن ته اهي شهرين کي کنڀي جڙتو مقابلن ۾ مارين ۽ اپاهج بڻائن. رياض چانڊيو چيو ته، سنڌ ۾ حڪمران ڌر جي غنڊا راڄ آهي، سچ لکندڙ ۽ ڳالهائيندڙ صحافين لاءِ سنڌ جي ڌرتي تنگ ڪئي وئي آهي، محرابپور جي بهادر صحافي عزيز ميمڻ کي قتل ڪرايو ويو ۽ سکر سميت سنڌ جي مختلف شهرن جي صحافين خلاف دهشتگردي قلم هيٺ 49 کان مٿي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي انتها تي آهي. هندو نياڻين کي اغوا ڪري کانئن جبري طور مذهب تبديل ڪرايو پيو وڃي. جيڪب آباد جي مهڪ ڪماري پاران وارثن ڏانهن وڃڻ جو بيان ڏيڻ باوجود عدالت پاران غيرقانوني طور کيس ٻن سالن لاءِ چائلڊ پروٽيڪشن جي نالي سرڪاري تحويل ۾ رکڻ جو فيصلو ڏنو ويو. جسم چيئرمين چيو ته، سنڌ جا هڪ ڪروڙ ماڻهو ڪاري ڪامڻ ۾ مبتلا آهن،  ڪئنسر ۽ ايڊز جهڙن مرضن سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ٿر کان قمبر تائين غربت، بک ۽ بدحالي ۾ مرندڙ ٻارڙا عالم سڳورن کي ياد نه آهن، اهي مهڪ ڪماري کي جيئڻ نه ٿا ڏين ۽ ان کي ٻن ورهين جي نظربندي ڏياري ڇڏي آهي.  مذهب جا نام نهاد ٺيڪيدار ۽ عالم سڳورا انهن اشوز تي ڳالهائڻ بدران هندو نياڻين جي جبري مذهب تبديلي تي زور ڏئي بيٺا آهن. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي اونداهي جي دور ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پر سنڌ جا ماڻهو روشني ۽ انصاف ۾ رهڻ چاهين ٿا. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي قومپرست ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان کي غدار بڻائڻ بند ڪيو وڃي، سنڌ جي ماڻهن کي بکن ۽ بيمارين ۾ مارڻ بند ڪيو وڃي. هڪ طرف سنڌ جي ماڻهن کي بندوق ذريعي ماريو پيو وڃي ته ٻئي طرف بک، بدحالي، مُلن ۽ ڪرپٽ حڪمرانن ذريعي سنڌين کي ماريو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي درياهه، تيل، گئس ۽ ٻين وسيلن سان خوشحال زندگي گذارڻ چاهين ٿا. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو عدم تحفظ جا شڪار آهن، سنڌ ۾ لاقانونيت، جبري مذهب تبديلي، صحافين ۽ شهرين کي مارڻ درياهه ۽ وسيلن تي قبضي ۽ پوليس گردي خلاف پهرين مارچ تي جسم پاران وَر شهر کان ٺٽي تائين ريلي ڪڍي ويندي. ريلي کي مرڪزي اڳواڻن عابد حيدري، ممتاز بروهي، ايڊووڪيٽ سجاد سولنگي، اسد سومرو، عمران منگي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.