سنڌ اندر بيروزگاري کان تنگ اچي ٽن نوجوانن آپگهات ڪري ڇڏيو

سامارو : ڳوٺ نواب عزيز ٽالپر ۾ 20 ورهين جي نوجوان ويرو پٽ ڏانو ڪولهي زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش ڪئي. جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقه اسپتال سامارو ته ڊاڪٽرن کيس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ضروري ڪارروائين بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن ٻانڌي وارڊ 2 جي رھواسي 27 ورھين جي نوجوان نويد علي غوري گھرو پريشاني کان تنگ اچي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي ڊاسوڙي ٿاڻي جي حد ۾ 30 ورهين جي نوجوان دليپ ڀيل بيروزگاري کان تنگ اچي ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. وارھ شھر جي ميرن جي ڪوٽ محلي ۾ بجلي جي کليل تار ۾ ھٿ لڳڻ سبب 3 ورهين جو معصوم نينگر ٻانهون پٽ عبدالله مغيري فوت ٿي ويو. ڪنري جي ڳوٺ شمس الدين جوڻيجو ۾ چار سالا ٻارڙو گوويند ولد ساجن ڀيل گھر جي اندر پاڻي جي بالٽي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو.