سنڌ امڙ جي سلامتي ۽ بقا لاءِ عدم تشدد جي بنياد تي پرامن جدوجهد جاري رکندس: صنعان قريشي

ڪراچي (رپورٽ : وحيد سنڌي) سنڌ جي ورهاڱي خلاف ”پيغام سنڌ مارچ“ ۾ شرڪت ڪندڙن ڪراچي سنڌ آهي جا نعرا هڻي رد ڪيو.ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان قريشي مارچ کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ فقط سنڌين جي آهي، سنڌ ۾ رهندڙ جيڪو به ماڻهو پاڻ کي ڌرتي جو پٽ سمجهي ٿو ته اسين هن کي پنهنجو ڀاءُ سمجهون ٿا، جيڪو سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪندو ته رهبر سائين جي ايم سيد ۽ شهيد بابا بشير خان قريشي جا وارث ڪنهن به صورت اهو برداشت ڪو نه ڪندا.هن وڌيڪ چيو ته پيغام سنڌ مارچ شهيد بشير خان جي جدوجهد جو تسلسل ۽ تاريخ جو پڙاڏو آهي، اڄ ڪراچي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن جو پهچڻ اهو ثابت ڪري ٿو ته سنڌ جا وارث ۽ مالڪ فقط سنڌي آهن، اڄ قوم سموري دنيا کي واضح پيغام ڏنو آهي ته سنڌي هڪ قوم آهن ۽ سنڌ جي آزادي ممڪن آهي.سندس چوڻ هو ته مان منصور جو آواز بڻجي شهيد مخدوم بلاول، شهيد دولهه درياءُ خان، شهيد شاهه عنايت، شهيد بشير خان جي للڪار بڻجي سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ واٽ تي هلندي سنڌ امڙ جي سلامتي ۽ بقا لاءِ عدم تشدد جي بنياد تي پرامن جدوجهد جاري رکندس، ڇو جو منهنجي ذهن ۾ جي ايم سيد جو فڪر ۽ رڳن ۾ شهيد بشير خان قريشي جو رت شامل آهي.صنعان قريشي چيو ته پيغام سنڌ لکين سنڌين جي معرفت اردو آبادي تي واضح ڪري ٿو ته هو ورهاڱي دوران پنهنجي ڌرتي تان تڙي ڪڍيا ويا، توهان کي سنڌ امڙ بنا ڪنهن فرق جي پناهه ڏني، اسين چئون ٿا توهان کي سنڌ جي وارثن سان گڏ بنا ڪنهن فرق ۽ ويڇي جي رهڻو پوندو، اهي سنڌ جي وحدت خلاف سازشون ڪندڙ ٽولي کان ڌار ٿي سندن گهيرو ڪن.امجد مهيسر چيو ته سنڌ هڪ آهي، هڪ رهندي، جناح پور ۽ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪندڙن اڳيان اسان ڀت آهيون.الاهي بخش بڪڪ چيو ته اسان جن کي پناهه ڏني انهن کي هاڻ سنڌي ٿي رهڻو پوندو.جسقم ترجمان ديدار شام چيو ته سنڌي قوم اڄ هزارن جي انگ ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو گڏ ٿي اهو فيصلو ڏنو آهي ته سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ رهندي.ناياب سرڪش چيو ته اسين پنهنجو سر ڏئي ۽ وٺي ته سگهون ٿا پر ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ٿيڻ نه ڏينداسين.