سنڌ امڙ جو ورهاڱو ٿيڻ نه ڏينداسين، ڌرتيءَ جا سوداگر اسيمبلين ۾ ويٺا آهن: قادر مگسي

ملير:-  ايس ٽي پي جو ڪراچي سنڌ آهي، امن مارچ ملير جي مختلف علائقن پپري، رزاق آباد، ڀينس ڪالوني، لٺ بستي، جمعه حمايتي ڳوٺ، عبدالله ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ پهچڻ تي قافلي جو شاندار استقبال، قافلي تي گلن ورکاءَ، ڪراچي ۽ ملير جي عوام قافلي جي زبردست آجيان ڪري رهي آهي، اسان چاهيون ٿا ته سنڌ جو آواز ڪراچي جي گهٽي گهٽي ۾ وڃي، سنڌ مان جيڪي ماڻهو اسيمبلي ۾ ويا آهن اهي نااهل آهن، انهن جي نااهلي سبب سنڌ جي وحدت خلاف صوبائي قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ٿي رهيا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن پپري، رزاق آباد، ليبر اسڪوائر ۽ ٻين علائقن ۾ عوام کي خطاب ڪندي ڪيو، ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ايم ڪيو ايم جهڙي غدار تنظيم کي تحريڪ انصاف جو سربراهه ملڪ جو وزيراعظم نفيس سڏي ٿو، دهشتگردن کي نفيس سڏڻ ڪراچي جي عوام سان ناانصافي آهي، اسان سنڌ جو گڏيل قومي آواز، سنڌ جي بقاءَ ۽ سلامتي جو پيغام کڻي ڪراچي جي گهٽي گهٽي ۾ وڃي رهيا آهيون ۽ ماڻهن کي ٻڌايون پيا ته ڌرتي ماءُ آهي ان جو ورهاڱو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي، اهڙي ڳالهه ڪندڙن کي اسان برداشت نٿا ڪري سگهون، هن چيو ته سنڌ جا سوداگر سنڌ اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي ۾ ويٺا آهن، اهڙا ماڻهو جيستائين ووٽ وٺي اسيمبلي ۾ ايندا رهندا، تيستائين سنڌ خلاف سازشون ڪندڙن جا منهن بند نه ٿيندا، جڏهن سنڌ تبديل ٿي ۽ سنڌ پرست ماڻهو چونڊجي اسيمبلين ۾ پهچندا ته پوءِ ڪنهن کي به طاقت نه ٿيندي ته هو سنڌ کي ورهائڻ جي اسيمبلين ۾ ڳالهه ڪن، هن چيو ته 3 نومبر تي لکين ماڻهو جن ۾ عورتون، مرد ٻار شامل هوندا اهي ڦوهارا چوڪ تي پهچي اهو پيغام ڏيندا ته سنڌ جي وحدت خلاف ڪابه سازش قبول نه ڪئي ويندي، سنڌ ماءُ آهي، ماءُ جو ورهاڱو ٿيڻ نه ڏينداسين، ايم ڪيو ايم جي لساني سوچ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي سموريون ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن کي هن ريلي ذريعي پيغام ڏئي رهيا آهيون ته سنڌ ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن کي سنڌ کي ماءُ سمجهڻ گهرجي، ان کان اڳ ڪراچي سنڌ آهي امن مارچ پپري، رزاق آباد، ڀينس ڪالوني، ليبر اسڪوائر ۽ ٻين علائقن ۾ پهچڻ تي قافلي تي گلن جي ورکا سان شاندار آجيان ڪئي وئي، جڏهن ته ان موقعي تي ايس ٽي پي اڳواڻ گلزار سومرو، ڄام فتاح سميجو، هوت خان گاڏهي، حميد ميمڻ، الطاف جسڪاڻي، حيدر ملاح ۽ ٻيا پڻ شامل هئا.