سنڌ اسيمبلي جو اجلاس، گهوٽڪي جي مندر ۾ ڀڃ ڊاهه خلاف ٺهراءُ منظور

ڪراچي :- سنڌ اسيمبلي گهوٽڪي جي مندر ۾ ڀڃ ڊاهه خلاف ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو، جڏهن ته جي ڊي اي ايم پي عارف مصطفيٰ جتوئي پاران اسيمبلي  ميمبرن جي گاڏين تي ايم پي اي جون پليٽون لڳائڻ وارو خانگي بل ايوان ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ايوان ۾ موجود ميمبرن خانگي بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو آهي.  ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي تعليمي معيار ۽ نصاب وارو ترميمي خانگي بل ايوان ۾ تعارف لاءِ پيش ڪيو جنهن کي  سليڪٽ ڪميٽي حوالي ڪيو ويو آهي. ايم پي اي نند ڪمار صوبي ۾ رهندڙ اقليتن جي عبادتگاهن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ بابت ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪيو. تفصيل موجب: سنڌ اسيمبلي  جي اجلاس دوران پي ٽي آءِ ايم پي اي خرم شيرزمان پراڊڪشن آرڊر وسيلي ايوان ۾ ايندڙ ميمبرن جي معاملي تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته صوبائي وزير مڪيش ڪمار ۽ حڪومتي مميبرن گوڙ شروع ڪري ڏنو،جنهن تي اسپيڪر خرم شير زمان جي مائيڪ بند ڪرائي ڇڏي، جي ڊي ايم پي اي نند ڪمار پاران گهوٽڪي جي ايس ايس ڊي مندر ۾ ڀڃ ڊاهه واري واقعي خلاف ۽ سنڌ ۾ اقليتن جي عبادت گاهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ بابت ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو، جي ڊي ايم پي اي عارف مصطفيٰ جتوئي پاران  عارف مصطفيٰ جتوئي پاران اسيمبلي کي گاڏين تي ايم پي اي واري نمبر پليٽ لڳائڻ جي اجازت ڏيڻ وارو خانگي بل اڪثريت سان رد ڪيو ويو، اجلاس ۾ متحده ايم پي اي رعنا انصار پاران پيش ڪيل سنڌ تعليم معيار ۽ نصاب ترميمي خانگي  بل سليڪٽ ڪيمٽي حوالي ڪيو ويو.