سنڌ اسيمبلي جو اجلاس، شاگردن تنظيمن تي پابندي خلاف گڏيل قرارداد منظور

ڪراچي:- سنڌ اسيمبلي ۾ شاگرد تنظمين تي پابندي خلاف قرارداد گڏيل طور تي منظور ڪئي وئي. ايوان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي علاج جون مڪمل سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل جي خلاف ڪنري ۾ مبينا غير ذميواراڻا رويي خلاف قرارداد به منظور ڪئي وئي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ شاگرد تنظيمن تان پابندي کڻڻ جي لاءِ پيپلزپارٽي جي ميمبر ندا کهڙو قرارداد پيش ڪئي، جنهن تي اپوزيشن به حمايت ڪئي. سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته شاگرد تنظيمن تي 1983ع کان پابندي جو مقصد جمهوريت جو ڳلو دٻائڻ آهي. سڌ سماءَ واري صوبائي وزير سعيد غني قرارداد جي گڏيل منظوري کي تاريخي قرار ڏيندي چيو ته سنڌ پهريون صوبو آهي جتي شاگرد تنظيمن تي لاڳو ڊگهي پابندي کڻڻ جي شروعات ڪئي ويندي. اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي ميمبر سعديه جاويد اڳوڻي صدر آصف زرداري جي صحت متعلق تحفظات جي قرارداد پيش ڪئي، جنهن کي متفقه طور منظور ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٽرين حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي جنازي نماز وقت ڪنري ۾ اپوزيشن ميمبر حليم عادل شيخ جي مبينا غير ذميواراڻي رويي خلاف برهان چانڊيو قرارداد پيش ڪئي، جنهن تي ڪجهه اپوزيشن ميمبرن گوڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته قرارداد کي منظور ڪيو ويو.