سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هڻي ويٺل هيڊ ماسترن جو سي ايم هائوس ڏانهن مارچ، پوليس سان چڪريون، گرفتاريون

ڪراچي ۾ مستقلي لاءِ ستن ڏينهن کان سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هڻي ويٺل هيڊ ماسترن جو سي ايم هائوس ڏانهن مارچ، پوليس سان چڪريون، پوليس جي اضافي نفري ۽ واٽر ڪينز به طلب ڪيا ويا، جڏهن ته پوليس طرفان گرفتاريون پڻ ڪيون ويون ۽ مظاهرين تي لٺبازي پڻ ڪئي وئي، مظاهرين جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت عدالتي فيصلي کي جواز بڻائي بيروزگار ڪرڻ گهري ٿي، نوٽيس ورتو وڃي.