سنڌي نوجوانن ۾ خود ڪشيءَ جو لاڙو: ليکڪ نور احمد ميمڻ

ويجهڙائيءَ ۾ سنڌ اندر نوجوانن جي خود ڪشيءَ جا ڪيترائي واقعا سامهون آيا آهن. هونئن ته اهي سڀ واقعا ڏکائيندڙ آهن پر انهن ۾ سياسي ڪارڪنن جي خود ڪشي ذهن کي وڌيڪ جنجهوڙيندڙ آهي. اهو ان لحاظ کان ته ڪالهه تائين جيڪي سياسي ڪارڪن هڪ هزار سالن تائين وڙهڻ جا وچن ڪندا وتندا هئا. جنهن ڳالهه کي هو ايمان جي حد تائين مڃيندا هئا ان نظريي لاءِ ڏک ڏاکڙا ۽ صعوبتون برداشت ڪرڻ انهن جي خمير ۾ شامل هو. ان مقصد جي لاءِ پنهنجو مال ۽ پنهنجي جان گهوري وٺڻ ته معمول جي ڳالهه هئي، پر پنهنجا ٻار ۽ ابو امان فدا ڪرڻ جي امنگ به قائم هوندي هئي ۽ نظريي جي جوت جلائي رکڻ تي پنهنجون جوانيون جلائي رکبيون هيون. پوءِ هي ڪهڙو ڦيرو آيو جو حوصلا پست بڻجي ويا ۽ وچن ٽٽي پيا، آدرش اڏامي ويا ۽ مقصديت مٽيءَ ۾ ملي ويئي. اهو مسئلو ايترو ننڍڙو به نه آهي جو اسان انهيءَ کان اکيون ٻوٽي ويهي رهون يا انهيءَ کي يڪسر نظرانداز ڪري ڇڏيون. اسان جي ايندڙ نسلن جو جياپو، انهن جي اميد، انهن جي عزت ۽ وقار واري زندگي جيئڻ جو تعلق هن مسئلي سان آهي. ان ڪري هن مسئلي ۾ نوجوانن جي خودڪش اقدام تي گهريلو جوازن ڳولهڻ جي بجاءِ پوري ايمانداريءَ سان انهن ڪارڻن جي نشاندهي ڪرڻي پوندي جن سوچن جو سڄو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو آهي. ان کان پوءِ انهن نوجوانن کي ان ڌٻڻ مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي. هي عجيب رويو ۽ منطق آهي ته اسان اهڙي قدم کي نوجوانن جي جرئت سڏي ڪري ان جا جواز پيدا ڪندا وتون ۽ ان جا مٿاڇرا سماجي ڪارڻ ٻڌائي پنهنجي جان خلاصي ڪري وٺون پر ان جي خاتمي لاءِ ڪي به علمي ۽ عملي طرح سنجيده قدم نه کڻون. خودڪشيءَ کان علاوه به اسان جي سماج ۾ هينئر ويڳاڻپ، زندگيءَ کان بيزاري ۽ زندگيءَ جو بي مقصد تصور موجوده سنڌ جي نوجوانن جو وڏو مسئلو بڻيل آهي. انهيءَ ڪري نه صرف خود ڪشيءَ جي مسئلي تي ويهي ڳڻ ڳوت ڪرڻ جي ضرورت آهي. پر سماج ۾ ڪيترائي ئي منفي رجحان پيدا ٿيندا پيا وڃن. اسان جو معاشرتي نظام تباهه ٿيندو پيو وڃي. جهگڙا، نفرتون ۽ دشمنيون پنهنجي چوٽ تي چڙهيل آهن. انسانن ڏانهن رويا حيوانن وارا به نه رهيا آهن. جنهن کي جتي ڌڪ ڪڍي وٺڻ جي گنجائش ملي ٿي اتي وهائي ڪڍجي ٿو. جيڪڏهن اهو ڌڪ ڪنهن طبعي هٿيار سان وهائي ڪڍڻ جي گنجائش ناهي ته پوءِ زبان ۽ دماغ جي تلوار سان به ان جي ڪا ڪسر ڇڏي نٿي وڃي. جيڪڏهن جاني نقصان نٿو پهچائي سگهجي ته پوءِ مالي ۽ نفسياتي نقصان پهچائڻ جي ڪا ڪسر باقي نٿي ڇڏي وڃي. فصل کي نقصان پهچائڻ، جانورن کي زهر ڏئي ڇڏڻ، جانور بي زبانو فصل ۾ اچي ويو ته ان کي اڌ مئو ڪري ڇڏڻ ۽ ان جون ڄنگهون ڪٽي ڇڏڻ ته معمول جي ڳالهه آهي پر جيڪڏهن ڪو ٻارڙو فصل مان معصوميت يا نادانيءَ سان ڪجهه پٽي وجهي ٿو ته ان کي به سخت عذابن مان گذاريو وڃي ٿو. اهڙي سنڌ اڳ ۾ ڪڏهن به ڏٺي ۽ ٻڌي نه وئي هئي. ويدن واري آسماني صحيفن سلهاڙيل سنڌ جنهن هڙاپا، موئن جي دڙي ۽ مهر ڳڙهه جهڙيون امن ۽ سلامتيءَ واريون شاهڪار تهذيبون وجود ۾ آنديون هيون. جنهن حضرت محمد ﷺ جي امن ۽ سلامتيءَ واري پيغام کي پنهنجي تاجرن جي ذريعي ان دور ۾ ئي اکين تي رکيو هو. جنهن اسلام جي اخلاقي ۽ سڌاري جي نظام کي تصوف جي مشقن سان سنڌين جي خمير ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو. اڄ ان سنڌ جو نوجوان ويڳاڻپ جي هڪ وڏي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل نظر اچي ٿو. حالت هي آهي جو هينئر تصوف جي ورثي جي مالڪ سنڌ جي نوجوانن آڏو ڪل جو ته تصور ئي ناپيد آهي پر پاڻ کي “جز” ۾ به قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هو “تون ئي تون” جي گس کان اڻواقف خود ڪشيءَ جي نگريءَ ۾ پهتل آهي جو اتي پهچي ماڻهو چوي ٿو ته جڏهن هينئر زندگيءَ جي سڀني مسئلن تي منهنجي “مان” حاوي آهي ته موت جي مسئلي تي به فطري قانونن جي بجاءِ منهنجي مرضي ۽ منهنجي “مان” جو عمل دخل هجي.
هي سڄي صورتحال گهمي ڦري اسان کي هن نتيجي تي آڻي بيهاري ٿي ته سنڌ ۾ اعلى انساني فڪر، نظريي، نصب العين ۽ مقصدن جو ڏياٽيون اجهامي رهيون آهن. ٻين لفظن ۾ هينئر سنڌ ۾ قومي سطح تي فڪري بحران آهي. ان بحران جتي زندگي جي باري ويڳاڻپ ۽ بيزاري جي لاڙن کي اڀاريو آهي، اتي زندگيءَ جي بي مقصد ۽ اجائي هئڻ جي تصور ۽ ان جي لاءِ منفي قدرن کي سگهارو بڻايو آهي، ان ڪري نفسا نفسي، ذات پرستي، حسد، مَ سهائپ، دشمني ۽ انتقام ته پنهنجي چوٽن تي چڙهيل پر ٻين کي هرو ڀرو ايذائڻ جو عمل به روايت واري حيثيت اختيار ڪندو پيو وڃي. ٽالپرن جي قبضي کان وٺي سنڌ جي مٿان لڳاتار اڍائي سؤ سالن جي غلاميءَ سنڌ جي روح کي رهڙي هاڻي ڄڀون ڪڍندڙ باهه جي مٿان بيهاري ڇڏيو آهي. اڍائي سؤ سالن جي هن پوئين ڊگهي عرصي ۾ پاڻ نه ڪنهن حقيقي آزاديءَ مان گذري سگهياسين، نه ڪنهن انقلاب کي پنهنجو قوم جو مقدر بڻائي سگهياسين. رياست ان سڄي عرصي ۾ پاڻ وٽ رهي ڪانه. جي نالي ماتر حڪمراني ملي ته ان ۾ قوم جي تقدير بدلائڻ جو نه ڪنهن اختيار هو ۽ نه حقيقي وزن هو. بحرانن جي وَر چڙهيل قوم جڏهن فڪري بحرانن جو شڪار ٿيندي آهي ته ان وقت وحدت پاره پاره ٿي ويندي آهي. قوم جي بجاءِ ماڻهن جو هجوم ۽ انبوهه باقي رهجي ويندو آهي. ان وقت سڌاري جون انفرادي توڻي اجتماعي ڪوششون سرد پئجي وڃن ٿيون ۽ ويڳاڻپ ڇانئجي وڃي ٿي.
سنڌ جو فڪري بحران ڇا آهي؟ ان فڪري بحران جي ابتدا ڪٿان ٿي، ان اڀامندڙ باهه ۾ وڌيڪ ٻارڻ جو ڪم ڪنهن سرانجام ڪنهن ڏنو؟ جيستائين ان مسئلي جي چٽائي ٿي اسان جي سامهون نٿي اچي، تيستائين ان بحران مان نڪرڻ واسطي اسان لاءِ ڪابه واٽ نروار نه ٿيندي.
ڪنهن به ڊگهي تفصيل ۾ وڃڻ جي بجاءِ ٿورن لفظن ۾ ان بحران جا ذميدار اهي بيهن ٿا جيڪي قومي ۽ سماجي، اخلاقي ۽ نفسياتي ضابطن جا ٽوڙيندڙ آهن. منڍ دنيا کان وٺي آسماني/ الاهياتي مذهب انساني سوسائٽيءَ لاءِ سڀ کان موثر ضابطو رهيا آهن. پيغمبرن انسانيت جي اعليٰ قدرن کي سگهارو رکڻ لاءِ وري وري محنت ڪئي ۽ ان مقصد لاءِ وڏيون وڏيون قربانيون ڏنيون. طاقت ۽ سرڪشيءَ جي زور تي حڪمرانن ۽ سرڪشن انسانن کي غلام بڻائي پنهنجي اقتدار کي سگهارو رکڻ ۽ ڊيگهه ڏيڻ جي لاءِ انسانيت سوز عذابن ۾ پئي وڌو ته اهو پيغمبرن جو قبيلو ئي هو جنهن انسانن لاءِ وڙهي قربانيون ڏئي ان ظلم ۽ استحصال جي جڪڙ مان ماڻهو کي آجو پئي ڪرايو. پيغمبرن کانپوءِ سماج سڌارڪ (مصلح) ماڻهن غلامي، استحصال ۽ جبر جي نظام کي چيلينج پئي ڪيو ۽ ان غلاميءَ جي نتيجي ۾ سماج اندر پيدا ٿيل ويڳاڻپ ۽ اخلاقي زوال جي خاتمي لاءِ جدوجهد ۽ سڌارن ذريعي ڪوششون پئي ڪيون. سنڌ ۾ اهڙن ئي سڌارڪن ۽ مصلحن جي تسلسل ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ذريعي جيڪا شخصيت سازي ۽ سماج سازيءَ جي سوشل ريفارميشن ڪئي، ٽالپرن جي قبضي ان جي تسلسل کي ڦٽائي ڇڏيو. لڳاتار غلامي ۽ غاصب حڪمرانن جي لاءِ ڀاڙيتو ڪردار ادا ڪندڙ قوتون تبديليءَ جي سڀني ڪوششن آڏو بند ٻڌڻ ۾ ڪامياب رهنديون آيون. مذهب انهن سڌارڪ ڪوششن جو هتي بنياد هو. ان ضابطي کان ڍلائيءَ حاصل ڪرڻ جي لاءِ شعوري ۽ لاشعوري طور تي جيڪي هتي ڪوششون ٿيون آهن، ان جو مثال سڄي ننڍي کنڊ جي قومن ۾ نٿو ملي. هونئن ته ٽالپرن جي دور کان وٺي هتي جاگيرداري، پيري، مريدي، وڏيرڪي نظام ۽ ذات پات جي نظام هيٺ عام ماڻهن کي جاهل رکي انهن کي مسلمانيءَ جي حقيقي ديني شعور کان وانجهو بڻائي کين انسانيت جي لاءِ متوازن نظام جي ڪنهن به ضابطي کان آجو رکيو ويو آهي. ليڪن گذريل ٽن ڏهاڪن کان سنڌ جي پڙهيل لکيل طبقن کي به شعوري طور ڪنهن به ضابطي کان آجو ڪرڻ جون بيحد ڏکائيندڙ ڪوششون سامهون آيون آهن. قومپرست ۽ ترقي پسند تحريڪن جون بنياد ئي هن ڳالهه تي رکيو پئي ويو ته انسان کي زندگيءَ ۾ ڪنهن به دين جي ضرورت نه آهي. مذهب ماڻهوءَ لاءِ رجعت پسنديءَ جي علامت آهي ۽ اهو استحصال ۽ فساد جو ذريعو آهي وغيره. پوءِ انهيءَ لاءِ ٿيندڙ بحثن ۾ خدا به هڪ خيال آهي، ماڻهو حيوان ۽ باندر مان بدلجي ماڻهو بڻيو آهي، زندگي خلقڻهار جو منصوبو ڪونهي ۽ جوابدهيءَ جو ڪوبه نظام ڪونهي وغيره. سڄي ترقي پسند تحريڪ جو بنياد انهيءَ پرچار تي رکيو ويو ته سياسي نظريا، فڪري بحث ۽ ادبي لکتون انهن موضوعن تي هلندڙ هيون. جيڪو وڌيڪ ان موضوع تي لکي پيو اها ان جي ترقي پسنديءَ جي وڏي علامت هئي. پويان ٽي ڏهاڪا سنڌ جي نوجوانن کي اهڙن نظرين جي پرچار جا تحريڪن ۽ لکت جي صورت ۾ مليا. خاص طور تي تعليمي ادارن ۾ شاگرد انهيءَ پرچار جو هدف هئا.
هينئر ان ڪوشش وڃي هڻي هنڌ ڪيو آهي ۽ ان جا نتيجا اسان جي سامهون آهن. تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ جڏهن اهي نوجوان پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ پئي آيا ته اتي انهن جا رويا به شاگرديءَ واري زماني جي سوچ پٽاندڙ رهيا. ماڻهو حيوان ۽ بندر جي ترقي يافته شڪل آهي، سو ان جي احترام، ان جو ليکو لهڻو، ان جي خدمت ۽ ان سان وابستگي الله جي اشرف المخلوقات واري انسان جي نه هئي. وري ان جو استحصال ٿئي ۽ ان جو حق پائمال ٿئي ته ان جي جوابدهي جو تصور به ڪونه هو ۽ ان جي سزا هن دنيا ۾ مڪافات جي صورت ۾، ۽ آخرت ۾ سخت عذاب جو تصور به ڪونه هو. ان ڪري ماڻهوءَ جي حيثيت کل ۽ گوشت جي هڪ روبوٽڪ جسم جي هئي، جنهن سان جيڪا به ناانصافي ممڪن هئي سا انهن لاءِ مباح هئي. فرد جي باري ۾ اهو رويو اسان جي سڄي سماج کي نهوڙي ويو. دين اسلام صدين کان هتي جي ماڻهن لاءِ زندگيءَ سان انسيت ۽ ان جي بامقصد هئڻ جي سڀ کان وڏي علامت بڻيل هو. ان جي هيڏي ساري اخلاقي ۽ سماجي ضابطي کان سنڌ جي نسلن کي رڳو وانجهو ڪرڻ جون ڪوششون آخر ڪنهن جي خدمت هئي جيڪا سنڌ جي آجپي جي اصطلاحن جي اوٽ ۾ ڏني پئي وئي. سوشلزم پنهنجي اصل جوهر ۾ انساني زندگيءَ جي معاشي مسئلي تي هڪ سگهارو نظريو هو ۽ نظرياتي جدوجهد لاءِ ماڻهن واسطي هڪ وڏي وٿ بڻيل هو. ان حوالي سان به ماڻهن ۾ زندگيءَ کي خوبصورت بنائڻ جي امنگ ۽ جاکوڙ پيدا ٿيل هئي. ليڪن اقتصادي برابريءَ جي اهڙي علمبردار نظريي سوشلزم کان به هتان جي ماڻهن کي بيزار ڪيو ويو. ڪجهه ماڻهن سوشلزم جي نظريي کي زميني حقيقتن کان ڪٽي محض ڪتابي جدلياتي تصورن سان ڳنڍي ان سان چريءَ وارو عشق ڪري ان کي چٽي چٽي ماريو ۽ ڪجهه ماڻهن ان جي بنيادن کي ئي بلڊوز ڪيو. ويتر جو روس ۾ تبديلي آئي ته اها امنگ به اجهامي ويئي ۽ پوءِ پڙهيل لکيل اهو طبقو جيڪو شاگرديءَ وارو عرصو ٽپي عملي زندگيءَ ۾ داخل ٿي چڪو هو تنهن زندگيءَ کي کائڻ پيئڻ، عيش عشرت ۽ کانچاگيريءَ کي پنهنجو اصول ۽ آدرش بڻائي ورتو. هوڏانهن سياسي ڪارڪنن مان هڪڙا سياسي ڏنڊن سان ڪمائي جي واٽ تي لڳي ويا ۽ ٻيا سياسي ڌنڌي بازيءَ سان جيئڻ کي جنبي ويا. اهڙي طرح عام ماڻهوءَ کي اتي ئي ڀٽڪيل ڇڏيو ويو ۽ سوسائٽيءَ جي مادي توڙي اخلاقي ڊولپمينٽ جون ڪي به سگهاريون ڪوششون عمل ۾ نه اچي سگهيون.
اسان جو تعليمي نظام انگريز دور جي باقيات ۾ جيئن جو تيئن هلندو آيو ۽ ان ۾ تربيتي نظام جي بلڪل کوٽ هئي. پاڪستان ٺهندي ان جي ابتدائي سالن ۾ استادن پنهنجي شخصي ڪوششن ۽ اڳڀرائيءَ سان ڪنهن حد تائين ان تربيتي نظام جي کوٽ کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ستر جي ڏهاڪي کانپوءِ تعليمي سرشتو آهستي آهستي سياسي طور ڀرتي ٿيل ويڳاڻپ ورتل ماڻهن جي وَر چڙهندو ويو جيڪو تربيت ۽ سڌاري جي تصور توڻي هنر کان خالي هو. رياستي سطح تي قومي ڪلچر کي تعليمي نظام ذريعي هٿي وٺائڻ جو ڪم پاڪستان جي رياست انهيءَ ڪري ناڪام رهي جو پاڪستان چئن قومن جو وفاق هو ۽ هر قوم کي پنهنجي قومي ڪلچر سان نوجوانن جي تربيت جا موقعا پڻ پاڪستان جي طاقتور ڌرين کي پنهنجي عزائم جي لاءِ خطرناڪ لڳندا رهيا.
والدين جو تربيتي ڪردار به انهن جي مصروف معاشي سرگرمين جي ڪري سگهارو نه رهيو ۽ جيڪو ڪم شاگرد تنظيمون يا فڪري تحريڪون نوجوانن کي ڪنهن وڏي آدرشي نظريي ۽ انقلابن جي امنگ ۽ جاکوڙ سان سلهاڙي رکنديون هيون، انهن سڀني عنصرن گڏجي نوجوانن ۾ خودڪشيءَ جي لاڙي کي سگهارو ڪيو آهي.
خودڪشيءَ جي رجحانن کي روڪيندڙ ڳالهين ۾ اهم عنصر دين جي اوريجنل تعليم جو آهي. جنهن جي مٿان هينئر پيشه ور مذهبي طقبن مفادن جا غلاف چاڙهي ڇڏيا آهن. اسان جي سڄاڻ ماڻهن کي انهن غلافن لاهڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي. دين اسلام زندگيءَ کي به حق قرار ڏئي ٿو ۽ آخرت کي به حق قرار ڏئي ٿو. ليڪن ملان جو مذهب دنيا کي باطل ۽ ڍونڍ سڏي ٿو. ساڳي ڳالهه وجوديت پسند به ڪن ٿا ته زندگي اجائي آهي، انهيءَ ڪري زندگيءَ جي باري ۾ ٻنهي جي پرچار جي روڪٿام ٿيڻ گهرجي ۽ اهو ڪم دنيا جي حق هجڻ وارا عالم ۽ سڌارڪ ڪري سگهن ٿا. جڏهن رياست به اسان جي ماڻهن جي مالڪيءَ لاءِ سچي ڪونهي ته پوءِ اها سڄي ذميواري اسان جي انهن ساڃاهه وند ۽ سڌارڪ ماڻهن جي مٿان اچي پوي ٿي جيڪي نئين سنڌ اڏڻ لاءِ آفاقي نظرين ۽ اعليٰ انساني قدرن سان نئين نسل لاءِ روشني جي مشعل ٻارڻ جو اتساهه رکن ٿا.
اسان کي هاڻي دين اسلام جي باري ۾ پنهنجي پراڻي متعصب ۽ روايتي سوچ تي نظرثاني ڪرڻي پوندي. هينئر سڄي دنيا ۾ قرآن حڪيم جي تعليم کي بنياد بڻائي دين اسلام جي اوريجنل تعليم جو علمي طور تي وڏو اڀار ٿي رهيو آهي. مسخ ٿيل مذهبي پيشه وريت ۽ دين جي نالي تي دهشتگرديءَ ۽ انتهاپسنديءَ وارا لاڙا ۽ سازشون نابود ٿي رهيون آهن. اُن وقت اسان پنهنجي ماڻهن جي ان وڏي اڪثريت جيڪا دين اسلام سان پنهنجو جذباتي لڳاءَ رکي ٿي. ان جي صحيح رخ متعين ٿيڻ ۾ انهن جا مددگار ٿيون ته جيئن ڀلائي لاءِ ٿيندڙ انهن وسيع ڪوششن مان اسان جا ماڻهو به بهره ور ٿي سگهن.
عام ماڻهن جو دين اسلام سان ته فطري لڳاءُ هتي صدين کان قائم رهيو آهي، ليڪن دين اسلام جي اهڙي ملاڻڪي تعبير جيڪا جاهلاڻي عقيدن جي ڪري مذهبي پيشه وريت جو سهارو بڻبي هجي، ان کان ماڻهو هونئن ئي نسورو بيزار رهيا آهن. اهو اسان جو الميو آهي ته سنڌ ۾ تاريخي طرح موثر توحيد پرست انسان دوست پسمنظر هجڻ جي باوجود اسلام جي ان توحيد پرست ۽ انسان دوست فڪر جو سڌارڪ ڪم، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ وقت جي ضرورت ۽ تقاضائن جي مطابق نه ٿي سگهيو آهي. جنهن ڪري عوام ته ٺهيو پر پڙهيل طبقي جو به اسلام سان شعوري ۽ فڪري ڳانڍاپو قائم نه ٿي سگهيو. ڇاڪاڻ ته اهوئي پڙهيل طبقو عام انساني سوسائٽيءَ تي اثر مرتب ڪري سگهڻ جي پوزيشن ۾ هو، تنهن ڪري ان خال جي ڪري اسلام دشمن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن کي به هتي موقعو ملي ويو ته هو پنهنجي سياسي عمل يا تحريرن ذريعي اسلام دشمنيءَ جي فڪر کي عام ڪري وٺن.
گذريل ٽيهه سال اسان جي سنڌ انهن ڳڻ ڳڻين چند ماڻهن جي ذهني خرافات جي صليب تي لٽڪيل رهي آهي، نتيجي ۾ جيڪو هيستائين سنڌ جو نقصان ٿيو آهي تنهن جو ازالي جون عام حالتون گنجائش به نٿيون ڏيکارن. هن وقت نوجوانن ۾ هڪ وڏو تعداد اهڙو به آهي جيڪو بهتريءَ جو هڪ وري موقعو حاصل ڪرڻ جي خواهش ۾ آهي. اهي خاموشيءَ سان پنهنجي اصل دشمن ۽ ان جي گهري ۽ ڳوڙهي خطرناڪيءَ جو مشاهدو ڪري رهيا آهن، جنهن سان لازمي طرح منجهن انهن دوست نما دشمنن جي خلاف ڪرڀ پيدا ٿي رهي آهي. اهو وقت هينئر پري ڪونهي جو ويڳاڻپ جي مخالف حقيقي انسان دوست وطن پرستن جو هڪ وڏي تحريڪ جي عملي صورت ۾ رد عمل نروار ٿي سامهون ايندو. موجوده صورتحال ۾ ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته موجوده نسلن جي آڏو ويجهڙائي واري دور جون اهي تاريخي ۽ تحريڪي حقيقتون چٽيون ڪري سامهون آنديون وڃن ته جيئن انهن جي لاءِ پاڻ سنڀالڻ وارو عمل قوم جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ بچائڻ لاءِ وقتائتو قدم ثابت ٿئي.
(1998ع جي سنڌ فورم ۾ ڇپيل)