سنڌي ميڊيا گروپ جي محبوب عباسي جي پٽ تي حملو: ميئر وسيم اختر جي پٽ خلاف ڪيس داخل

ڪراچي :- ڪراچي جي ميئر وسيم اختر جو پٽ غنڊا گرديءَ تي لهي آيو،ساٿين سان گڏ سنڌي ميڊيا گروپ جي چيئرمين محبوب عباسي جي پٽ حسنين حيدر تي سخت تشدد ڪيائون.نيو ايئير نائيٽ تيڊفينس فيز 8 ۾ پئٽرول پمپ تي ڊبل ڪيبن تي سوار گارڊ هوائي فائرنگ ڪئي،جنهن بابت پڇا ڪرڻ تي سنڌي ميڊيا گروپ جي چيئرمين محبوب عباسي جي پٽ حسنين حيدر کي مارڪٽ ڪئي وئي. پوليس حسنين حيدر جي فرياد تي ميئر وسيم جي پٽ تيمور خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.ٻي طرف سنڌ ميڊيا سينٽر آڏو سياسي، سماجي ۽ صحافين احتجاجي مظاھرو ڪيو.ان موقعي تي اڳواڻن سائين بخش بنگلاڻي، ولي احمد راجپر، سعيد لکڻ  ۽ ٻين چيو ته ڪراچي ۾ ھڪ تنظيم 3 ڏھاڪن کان دھشتگردي ڪندي اچي ٿي ڪجهه وقفي بعد ڪراچي ۾ ھڪ ڀيرو وري ٻيھر دھشتگردن ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آھن ان جو ثبوت ميڊيا گروپ جي سرواڻ محبوب عباسي جي پٽ حسنين حيدر عباسي تي ڪراچي ميئر وسيم جي پٽ تيمور وسيم جي طرفان قاتلاڻو حملو ڪرڻ آھي ھنن وڌيڪ چيو ته ميئر ڪراچي جي تنظيم جي آزاد صحافت تي حملي جي پراڻي روايت آهي آزاد صحافت تي ھر دفعي وانگر حملا ٿيندا آهن ھنن چيف جسٽس سنڌ ـ وزيراعلي سنڌ ـ آئي جي سنڌ ۽ وس وارن ادارن کان گھر ڪئي ته ڪراچي ميئر وسيم اختر جي پٽ تيمور وسيم کي گرفتار ڪري ان جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.