سنڌي صحافت ضابطه اخلاق جي ڪيتري پابندي ڪري ٿي؟: ليکڪ پروفيسر مرتضيٰ سيال

منهنجي ڪوشش رهي آهي ته ڪالم لاءِ اهڙن موضوعن جي چونڊ ڪجي جن تي گهٽ لکجي ٿو، صحافت جو شاگرد هئڻ جي ناتي صحافت جي رخن تي پڙهڻ، سکڻ ۽ سمجهڻ جي جستجو رهي آهي. پراڻا ڪتاب ۽ ڪاغذ ڏسندي منهنجي نظر صحافت جي آخري سال ۾ پنهنجي لکيل ريسرچ رپورٽ تي پئي جنهن ۾ ترقياتي صحافت، صحافتي ضابطه اخلاق ۽ ٻين ڪافي معاملن تي بحث ٿيل آهي، پڙهڻ کان پوءِ دل چاهيو ته اڄوڪي ڪالم ۾ سنڌي صحافت ۽ ان جي ذميوارين توڙي ضابطه اخلاق جي حوالي سان ڪجھه ڳالهيون پنهنجن پڙهندڙ دوستن سان به شيئر ڪرڻ گهرجن.

سنڌي صحافت ضابطه اخلاق جي ڪيتري پابندي ڪري ٿي، ان سوال تي غور ويچار ۽ ڇنڊ ڇاڻ کان اڳ اچو ته سنڌي صحافت جي تاريخ تي نظر وجهون.

سنڌي صحافت جي تاريخ جو پيرو کڻنداسين ته ان جا نشان ارڙهين صديءَ جي آخر کان ملندا، سنڌي صحافت جا بانيڪار سنڌي هندو هئا. انهن سنڌ جي مختلف شهرن مان صحافت ناما جاري ڪيا، ورهاڱي سبب سنڌي صحافت کي ڪافي نقصان پهتو، جنهن جو وڏو سبب پڙهيل ڳڙهيل ۽ مڊل ڪلاس سنڌي هندن جي لڏپلاڻ هئي. ورهاڱي کان پوءِ وڏي عرصي تائين هڪ خال رهيو. سنڌي صحافت ۽ اخبارن جي اوسر نئون دور 1951ع کان شروع ٿيو، وقت ۽ حالتن جي ڪري سنڌي صحافت ڏکيا ڏينهن به ڏٺا پر ان جو ارتقائي سفر جاري رهيو. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن اخباري دنيا ۾ ڪمپيوٽر جي انٽري ٿي ته سنڌي صحافت ۾ هڪ قسم جو انقلاب اچي ويو، ڪمپيوٽر جي ڪري سنڌي صحافت جو ڄڻ ته نئون جنم ٿيو.

هٿ واري ڪمپوزنگ سان اخبارن جي تياري ۾ وڌيڪ وقت ۽ ليبر جي ضرورت هوندي هئي، ساڳئي وقت مواد به گهٽ شايع ٿيندو هو پر ڪمپيوٽر جي ڪري نه رڳو وقت ۽ ليبر جي بچت ٿي پر پڙهندڙن کي وڌيڪ مواد به مليو، ساڳئي وقت اخبارن ۾ خوبصورت تبديليون به اچڻ شروع ٿيون، صفائي سُٺائي خوبصورت لي آئوٽ سان ويرائٽي سان اخبارن ۾ نکار اچي ويو.

سنڌي صحافت ۾ ڪمپيوٽر جي اچڻ کان پوءِ اڄ تائين واري عرصي ۾ سنڌي اخبارن ۾ تمام وڏيون ۽ سٺيون تبديليون آيون، شروع ۾ بٽر پيپر تي سڌا پرنٽ ڪڍي سائيز ۽ اسپيس مطابق پيسٽنگ ڪبي هئي، ان عمل ۾ ايترو ته انقلاب آيو جو اخبار هجي يا مئگزين پوري صفحي جي پيج ميڪنگ يا لي آئوٽ سيٽنگ ڪمپيوٽر تي ٿيڻ شروع ٿي، ان کان علاوه ٻي وڏي تبديلي اها آئي جو اڳ ۾ هڪ علائقي کان ٻئي علائقي خاص طور تي ڏورانهن علائقن تائين وقت سر اخبارون پهچائڻ هڪ وڏو مسئلو هو، جيڪو انٽرنيٽ واري سهولت ڏاڍو سولو ۽ تيز ڪري ڇڏيو. هاڻي ڪراچي يا حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ اخبارن جي پرنٽنگ ساڳئي وقت اسلام آباد، لاهور، سکر يا ٻين شهرن مان به ممڪن بڻجي وئي آهي. اهڙي طرح سج اڀرڻ سان ئي سڀئي اخبارون ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هڪ ئي وقت دستياب ٿي سگهن ٿيون. ميڊيا جي هن جديد دور ۾ هر انسان پنهنجي ڀر پاسي، ملڪي توڙي عالمي سطح جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو، سُڌ سَماءُ جا مختلف ذريعا اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تڪڙي ڄاڻ رسائڻ واري ڊوڙ ۾ شامل آهن، ان تيز ڊوڙ سبب هاڻي پوري دنيا هڪ ڳوٺ، هڪ پاڙو يا هڪ ويڙھو بڻجي وئي آهي، اهڙي طرح هن دور ۾ ڪا به اخبار علائقائي يا ريجنل نه رهي آهي. علائقائي ٻولين ۾ شايع ٿيندڙ اخبارون به انٽرنيٽ تي موجود آهن ۽ اهي پوري دنيا ۾ ڏٺيون ۽ پڙهيون وڃن ٿيون.

جيتوڻيڪ اڄوڪي دور ۾ صحافت “مشن” گهٽ  “انڊسٽري” وڌيڪ آهي ۽ ڪجھه دوست ته صحافت جي مشن هئڻ واري ڳالھه کي مدي خارج سمجهن ٿا پر صحافت واري انڊسٽري مان مشن واري عنصر کي مڪمل طور تي نه ته ختم ڪري سگهجي ٿو نه ئي رد ڪري سگهجي ٿو. حقيقت ۾ صحافت ۽ اخبارون پنهنجي ساک تڏهن ئي ٺاهي ۽ قائم رکي سگهنديون، جڏهن سماج جي سامهون پنهنجو مشن وارو ڪردار واضح رکنديون ڇالاءِ ته بنيادي طور سُٺي ساک منافعي کان وڌيڪ سگهاري ۽ قيمتي آهي.

هاڻي اچون ٿا صحافت جي ضابطه اخلاق واري پاسي، سنڌي صحافت يا اخبارن جي حوالي سان جيڪا اهم کوٽ شدت سان محسوس ٿيندي آهي اها آهي پروفيشنل اخلاقيات. هونئن ته زندگيءَ جي هر شعبي ۾ اخلاقي قدرن ۽ ذميوارين جو خيال رکڻ تمام ضروري آهي پر صحافت ۾ ان جو پورائو پهريون اصول هئڻ گهرجي. پاليسي کان ويندي اشوز ۽ خبرن جي ٽريٽمينٽ تائين پازيٽو ايپروچ رکڻ، مجموعي طور اڻ ڌُريو رهڻ ۽ ڪا به خبر شايع ڪرڻ کان اڳ ان جي صحت جي جاچ ڪنهن به اخبار جي اهم ۽ بنيادي فرضن ۾ شامل آهي. انهن بنيادي ڳالهين جو خيال نه رکڻ سان سماج کي تمام گهڻو نقصان پهچي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح پنهنجين پروفيشنل ۽ اخلاقي ذميوارين جو پورائو نه ڪندڙ اخبارن کي سماج جو آئينو نه ٿو چئي سگهجي، صحافتي پروفيشن سان لاڳاپيل ماڻهن کي لفظن جي حُرمت جو ادراڪ هئڻ تمام ضروري آهي.

سماج ۾ اخبارن توڙي سُڌ سَماءُ جي ذريعن جو وڏو ۽ اهم ڪردار هوندو آهي، ان تناظر ۾ اسان جون سنڌي اخبارون مجموعي طور تي ڪٿي بيٺيون آهن؟ ان تي غور ۽ فڪر ڪرڻ جي تمام گھڻي ضرورت آهي. سنڌي اخبارن کي اڃان به ڪافي چئلينج سامهون آهن ۽ جيتوڻيڪ تبديليءَ جي عمل کي ڪو به فُل اسٽاپ ڪونهي پر اڃان بهتري جي تمام گهڻي ضرورت آهي. ٻولي، پاليسي توڙي خبرن جي ٽريٽمينٽ ۾ وڌيڪ ڌيان، محنت ۽ ذميواري جي ضرورت آهي. ساڳئي وقت سنڌي صحافت ۾ ضابطه اخلاق، تحقيق ۽ سکيا وارو پاسو ڪافي حد تائين ڪمزور آهي، ان جا ٻيا به ڪافي سبب ٿي سگهن ٿا پر منهنجي خيال ۾ بنيادي سبب صحافت واري تعليم جو نه هئڻ آهي. سنڌي صحافت کي سئو فيصد پروفيشنل، سائنٽيفڪ، بئلينس، اڻ ڌُريو ۽ پڙهندڙن جي گهرجن مطابق بڻائڻ لاءِ ضابطه اخلاق، تحقيق ۽ سکيا واري معاملي تي تمام گهڻو ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

صحافتي ضابطه اخلاق ڪيترين ئي ڏکيائين جھڙوڪ مفادن جي ٽڪراءُ ۾ صحافين کي ڪنهن به اخلاقي مونجهاري دوران مدد فراهم ڪن ٿا، اهي ضابطا صحافين کي پنهنجي پروفيشنل ڪم ڪار دوران پنهنجو پاڻ کي نظرداري ۽ خود دُرستگي لاءِ هڪ طريقه ڪار فراهم ڪن ٿا.تحقيق ان ڪري اهم ۽ ضروري آهي جو ڪنهن به اطلاع يا خبر جي باري ۾ جيستائين مڪمل طرح سان تحقيق ڪري ان جي صحت جي باري ۾ پوري طرح يقين نٿو ڪري وٺجي اوسيتائين قانوني توڙي اخلاقي طور تي ان خبر کي شايع ڪري نٿو سگهجي. اهڙي طرح سکيا کان سواءِ به ڪو صحافي پنهنجون پيشيوراڻيون ذميواريون اثرائتي نموني سر انجام نٿو ڏئي سگهي. اسان جي سنڌي اخبارن پاران صحافين جي سکيا واري حوالي سان ڪي به اُپاءُ نه پيا ورتا وڃن. رپورٽر کي سندس دلچسپي جي مدنظر ڪا به ذميواري يا بيٽ ڏيڻ کان اڳ ان کي گهٽ ۾ گهٽ بنيادي معلومات ۽ سکيا ڏيڻ انتهائي ضروري آهي، ڇو ته اخبار نويسي يا رپورٽنگ تمام وڏي ذميواري وارو ڪم آهي ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي غير ذميواري اخبار جي پاليسي ۽ ساک کي داغدار بڻائي سگهي ٿي.