سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچيءَ جي گڏجاڻي

سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچيءَ جي گڏجاڻي  سائين گل حسن لاکي جي جڳھ، ڪئنٽ ريلوي اسٽيش ڪراچيءَ ۾ سائين عبدالغفور کتريءَ جي صدارت ۾ ٿي گُذري، ھن گڏجاڻيءَ ۾ اشفاق ميمڻ سنڌ ڄي نياڻي ڀيڻ نمرتا جي المناڪ قتل واري واقعي خلاف ھڪ احتجاجي نظم پيش ڪيو، جڏھن تہ سارنگ جويي ”سنڌ ۾ وڌندڙ انتھاپسندي ۽ سنڌ جو روشن مستقبل“ جي عنوان تي تاثراتي مضمون پڙھيو، سائين گل حسن لاکي وقت ۽ زندگيءَ جي اھميت تي نظم پيش ڪيو ۽ آخر ۾ امين جويي ”ڌنئورا ھڱوراڻي ماڙيون“ ماڳ تي تحقيقي مقالو پيش ڪيو، جنھن تي سمورن شامل ٿيل دوستن، جن ۾: مظفر ميمڻ، سائين لطيف ميمڻ، ياسين جھلڻ، زاھد کوسي، جُنيد آزاد، نويد مگسي، فقير جبل سنڌي، آصف علي شر، آچر خاصخيلي، صداقت شيخ، مڪيش ڪمار، بابو چنداڻي ۽ ٻين سمورن اسمن تي تفصيلي ۽ تنقيدي راءِ پيش ڪندي چيو تہ، ” اشفاق ميمڻ جو نظم سنڌ جي ان ذھين ۽ بھادر نياڻيءَ جي قتل تي احتجاج آھي، پر ان سان گڏ سندس نظم ۾ نمرتا جي جيئڻ جي تمنا کي ظاھر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ ھوءَ سنڌوءَ جي ڇوليءَ ۾، لطيف جي ٻوليءَ ۾، سچل جي گھڙوليءَ ۾، ھنگلاج ۾ ۽ ڪينجھر ۾ جيئڻ ٿي چاھي ۽ ھوءَ پُرامن ۽ آزاد سنڌ ۾ جيئڻ ٿي چاھي. ھي نظم ھڪ ڀيٽا آھي سنڌ جي ان اڏول نياڻيءَ کي جيڪا غريبن سان محبت ڪندي ھُئي.“
ان کان پوءِ سارنگ جويي جي مضمون تي سمورن دوستن ڳالھائيندي چيو تہ، ”سارنگ ھن مضمون ۾ رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي ويانا ڪانفرنس ۾ ڪيل ان اھم تقرير ڏانھن ڌيان ڇڪايو آھي، جنھن ۾ سائين جي ايم سيد عالمي دنيا کي خبردار ڪيو ھو تہ اڄ جيڪو اوھان سويت يونين کي ٽوڙڻ لاءِ ھن خطي اندر طالبانن کي پئدا ڪري مذھبي انتھاپسنديءَ جو ٻِجُ ڇَٽي رھيا آھيو، سُڀاڻي اھو وڌي وڻ ٿيندو ۽ جنھن مان سڄي دنيا کي خطرو لاحق ٿيندو، سو اھا ڳالھ اڄ سئو سيڪڙو سچ ثابت ٿي آھي، جنھن جا تازا مثال سموري دنيا سميت ھن خطي اندر مذھب، فرقي، نسل، ۽ توھين رسالت جي نالي ۾ انسانن جو ٿيندڙ قتل عام، عبادتگاھن، مندرن، ڪليسائن، مسجدن، امام بارگاھن ۽ درگاھن تي ٿيندڙ حملا وغيرہ آھن. ھن مضمون جي آخر ۾ سارنگ انھي انتھاپسنديءَ ۽ جھالت مان ٻاھر نڪرڻ لاءِ رياستي پروٽوڪول ۾ ھلندڙ انتھاپسنديءَ کي ھٿي ڏيندڙ مدرسن جي ڄار کي ختم ڪرڻ، مُدي خارج نصاب کي ختم ڪري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي بنياد تي نئون نصاب جوڙي تعليم ڏيڻ سان گڏ انتھاپسنديءَ کي ھٿي ڏيندڙ حافظ سعيد، ميان مٺو ۽ سرھندي پير کي دھشتگرد قرار ڏئي انھن کي گرفتار ڪري سيڪيولر نظام کي ھٿي ڏيڻ ۽ غلام قومن کي آزادي ڏيارڻ جا حل ڏسيا آھن، جيڪي وڏي اھميت رکن ٿا.“
ان کان پوءِ گل حسن لاکي جي نظم ”وقت جي اُڏار“ تي دوستن ڳالھائيندي چيو تہ، ”گل حسن لاکي ھن نظم ذريعي اسان کي زندگيءَ جي اھميت سان گڏ وقت جي اھميت کان واقف ڪيو آھي، جيڪا قوم وقت جو قدر نہ ڪندي آھي، اھا ھميشہ لاءِ پوئتي رھجي ويندي آھي، ان ڪري اسان کي وقت جو قدر ڪري وقت سان گڏ ھلڻ گھرجي، سندس نظم پُختو ۽ وزن تي پورو آھي.“
آخر ۾ امين جويي جي تحقيقي مضمون تي دوستن ڳالھائيندي چيو تہ، ” امين جويي حيدرآباد ويجھو ٽنڊي فضل ۾ واقع ڪلھوڙا دور جي ان تاريخي ماڳ تي 4 ڀيرا پاڻ وڃي، نہ صرف ان ماڳ تي موجود مسجدن، مقبرن جون ماپون ورتيون آھن، پر ان سان گڏ تحقيق جا سمورا لوازمات پورا ڪندي ان ماڳ بابت مختلف ڪتابن جا حوالا ڏئي ۽ پنھنجي مشاھدي آڌار ان جي حقيقي دور جو تعين ڪيو آھي، پر ان سان گڏ آرڪيالاجي کاتي پاران لڳرايل بورڊن تي لکيل غلط تاريخ جي نشاندھي پڻ ڪئي آھي ۽ گڏوگڏ ان ماڳ تي ٿيل ناقص ڪم ڏانھن پڻ ڌيان ڇڪايو آھي ۽ آخر ۾ ڏاڍا ڪارائتا رايا ڏنا آھن، جن ۾ بچيل ماڳ کي چوديواري ڏني وڃي، اتي ھڪ ميوزيم ٺھرايو وڃي، سياحت کي ھٿي ڏني وڃي ۽ اتي ھڪ چوڪيدار ۽ ھڪ گائيڊ مقرر ڪري بنيادي سھولتون ڏنيون وڃن وغيرہ. امين جو ھي تحقيقي مضمون انتھائي ڪارائتو ۽ وقتائتو آھي.“
آخر ۾ صدارتي راءِ ڏيندي سائين عبدالغفور کتري ڳالھائيندي چيو تہ، ”ھي نوجوان امين ۽ سارنگ سنڌ جي تاريخ تي ڏاڍو سُٺو ڪم ڪن پيا، پر آئون کين گُذارش ڪندس تہ سنڌ جي دل ڪراچيءَ جي تاريخي ماڳن تي پڻ ڪم ڪن ۽ انھن کي بچائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪن، خاص طور تي مورڙي ۽ ان جي ڀائرن جون قبرون آھن يا ڊالميا وٽ چاڪر رند جي قبر آھي، جيڪو انگريزن خلاف وڙھيو ھئو.