سنڌي ادب جو وڏو نالو حميد سنڌيءَ ۽ يادگيريون

حميد سنڌيءَ جي شخصيت سان منھنجون اڻ وسرندڙ يادون لاڳاپيل آھن. مونکي ياد آھي تہ مان شاھ لطيف يونيورسٽيءَ ۾ ريگيولر بي ايس سي (اسٽيٽسٽڪس) ڪندي سوچيو تہ ڇو نہ ايم بي اي MBA ۾ داخلا وٺان ڇو تہ انھن ڏينھن ۾ MBA وارن جي وڏي کپت ھئي. فارم ڀرجڻ کانپوءِ مان يونيورسٽي ھر ھفتي چڪر ھڻندو ھوس تہ متان ٽيسٽ جي تاريخ گذري نہ وڃي، انھن ڏينھن ۾ موبائل فون ڪونہ ھيو ۽ ڳوٺ ۾ بہ فون جي سھوليت نہ ھئي. ٽيسٽ جي تاريخ کانپوءِ مان تياري ڪئي. پر ٽيسٽ واري ڏھاڙي کان ٽي چار ڏينھن اڳ مونکي سخت بخار ۽ مٿي ۾ سور ٿي پيو ۽ الٽيون اچڻ لڳيون. ساڳي وقت منھنجي پريشاني بہ وڌڻ لڳي. مان اھڙي حالت ۾ بہ اپٽيٽيوڊ ٽيسٽ ڏيڻ ويس جنھن ۾ سوين شاگرد شامل ٿيا. مون دل ۾ سوچيو تہ ھيڏي بخار ۾ الائي ڪيئن ٽيسٽ ڪئي اٿم جو ھوش ئي نہ ھيو ۽ اميد لاھي ويٺم تہ ھيترن شاگردن ۾ مان بيماري دوران ٽيسٽ ڏيندي متان ناڪام ٿي وڃان. ڳوٺ واپسيءَ ۾ طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ سبب سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ھليو آيس، ڪراچيءَ ۾ مختلف ٽيسٽون ٿيون ۽ علاج ھليو.
ان دوران پويان ٽيسٽ جا نتيجا آيا ۽ نوٽيس بورڊ تي ڪامياب شاگردن جي لسٽ لڳائي وئي انھن کي فيس جمع ڪرائڻ جي تاريخ ڏني وئي. فيس جمع ڪرائڻ جي تاريخ گذري وئي ۽ مونکي خبر ئي نہ پئي. ھڪ رات اسان جي دوست سراج الدين ميمڻ کي سندس ڀاءُ منور فون ڪئي تہ سليمان وساڻ ڪمال ڪري ڇڏيو جو ٽيسٽ جي نتيجن ۾ پھريون نمبر آيو . سراج صاحب چس تہ ھو تہ علاج لاءِ ھتي ڪراچي آيل آھي. ان تي منور چيس تہ اڄ تہ فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ھئي. انھن ڏينھن ۾ MBA سيلف فناسنگ تحت ٿيندي ھئي ۽ ڳري فيس جمع ڪرائڻي پوندي ھئي. سراج سڌو اسان وٽ آيو ۽ اچي سڄو احوال ڏنائين. مان وڌيڪ مايوس ٿيس ڇو تہ ھڪ تہ فيس جمع ڪرائڻ جي تاريخ گذري چُڪي ھئي ۽ ٻيو تہ ان وقت ايترو جلدي فيس جا پئسا گڏ ڪرڻ پڻ مشڪل ھيو. پر دوستن بشمول سراج ميمڻ ۽ ماما تاج محمد وساڻ ٻئي ڏينھن فيس جا پئسا ڪٺي ڪري ڏنا ۽ مان رات جو ئي خيرپور لاءِ روانو ٿيس.
صبح جو خيرپور پھچي تيار ٿي يونيورسٽي آيس ۽ بزنس ايڊمنسٽريشن سيڪشن جي اڪائونٽ وارن کي ايلاز ڪيم تہ فيس جمع ڪرائڻ لاءِ ووچر جاري ڪن، پر ھنن انڪار ڪري ڇڏيو، ڇو تہ تاريخ گذري وڃڻ سبب ھنن ويٽنگ لسٽ لڳائي ٻيل شاگردن کي فيس جمع ڪرائڻ جو چئي ڇڏيو ھو. مان پريشان حال ٿي اسان جي مرحوم دوست ضمير حسين وساڻ جي آفيس ويس تہ مدد ڪري. ھو انھن ڏينھن ۾ سوئي گيس آفيس خيرپور ۾ آفيسر مقرر ھيو. ھو مونسان گڏ بزنس ايڊمنسٽريش جي چيئرمين شاھ محمد لھراڻي صاحب سان ملڻ لاءِ پنج ھٽي خيرپور ۾ سندس گهر تي ھليو. مان کيس بيماري جو ٻڌايو ۽ اسپتالن جا بل پڻ ڏيکاريا. لھراڻي صاحب سخت ايڊمنسٽريٽر ھيو جنھن بعد ۾ اسان جي وڏي تربيت ڪئي پر ان وقت اسان کي ٻاھران ئي واپس ڪري ڇڏيو ۽ مونکي ڇنڊ بہ پٽيائين تہ تون ھڪ ڪيئرليس قسم جو شاگرد آھين جنھن کي ذميواري جو احساس ئي ناھي تہ پروفيشنل ڊگرين ۾ ڪا ڪوتاھي ناھي ڪبي. ھن چيو تہ مقرر سيٽون ڀرجي ويون آھن ڇو تہ ھو اڳ ئي ويٽنگ لسٽ وارن کي ووچر جاري ڪري چُڪا آھن. ھاڻي مايوس ٿي واپس موٽيس ۽ ڳوٺ وڃڻ لاءِ بس اسٽاپ تي بيٺس. سامھون پي سي او تي نظر پئي تہ مقرر رقم ڀري ڪراچي ماما تاج محمد کي حال احوال ڏنم. جنھن چيو تہ ھڪ دفعو وساڻ ھائوس خيرپور وڃي رحيم بخش وساڻ صاحب سان ملان. محترم رحيم بخش وساڻ ھڪ درياء دل ۽ وڏو ماڻھو ھو، جنھن جي يار ويسي ڪيترن ئي بالا آفيسرن ۽ سياسي ماڻھن سان ھوندي ھئي. مونکي ھوشيار ھجڻ ڪري ڀائيندو ھيو. سڌو وڃي ساڻس مليس ۽ کيس سڄو حوال ڪيم. وساڻ صاحب ان وقت ئي وائيس چانسلر حميد سنڌي صاحب سان ڳالھايو جنھن کيس مونکي ساڻس ملڻ لاءِ چيو. وساڻ صاحب ڪارڊ تي پڻ ٻہ اکر لکي ڏنا ۽ مان شام جو چئين وڳي اتان سڌو يونيورسٽيءَ ويس. وي سي جي PA سا مليس جنھن فون ملائي حميد صاحب سان ڳالھايو ۽ پوءِ مونکي ويھڻ جو چيو. مان مسلسل ھلڻ ڪري ۽ بيماري ڪري ٿڪجي پيو ھوس. ٿوري دير کانپوءِ حميد صاحب اندر گهرايو. اندر ويس تہ قداور ۽ پر رعب شخصيت جو مالڪ حميد سنڌي صاحب فل سوٽ ۾ اٿي بيھي مليو ۽ حال احوال ورتائين. مان کيس سڀ ڪجه ٻڌايو ۽ اسپتال جون رسيدون، ڊاڪٽرن جون لکيل ٽيسٽون ۽ پرچا پڻ ڏيکاريا ۽ پنھنجي مجبوري ٻڌايم. ھن چيو تہ جي سيٽون ڀرجي ويون آھن تہ ھو ڪجه بہ نہ ڪري سگهندو. مان کيس عرض ڪيو تہ مان ٽيسٽ ۾ ٽاپ ڪيو آھي، جيڪڏھن مونکي داخلا نہ ملي تہ اھا مونسان زيادتي ھوندي. ھن پي اي کي فون ڪري ميرٽ لسٽ گهرائي پڪ ڪرڻ چاھي. لسٽ ھٿ ۾ کڻندي مُرڪيو ۽ چيائين تہ ھا اھا تہ ھڪ ذھين شاگرد سان زيادتي ليکبي … پوءِ رسول بخش شيخ صاحب کي فون ڪيائين تہ ھن نوجوان کي ضايع نہ ڪجي ۽ اوھان کيس داخلا لاءِ ووچر جاري ڪرايو.
مان اٿي سندن مھرباني مڃي پاڻ منھنجو ھٿ پنھنجي ھٿ ۾ مضبوطيءَ سان پڪڙيندي لوڏيو ۽ چيائين تہ اميد تہ تون مايوس نہ ڪندين ۽ وعدو ڪر تہ ايم بي اي ۾ پڻ ٽاپ ڪري ڏيکاريندين ….. پوءِ مان وڃي پڙھائيءَ کي لڳم … ڪجه عرصي بعد ھن کي وي سي جي نوڪري تان ھٽايو ويو ۽ شادي شھيد ۾ يونيورسٽيء جي عمارت جو ڪيس مٿس ھليو، اھو ھڪ الڳ معاملو جنھن تي ٻئي ھنڌ بحث ڪبو ….. مان ايم بي اي ۾ ٽاپ ڪندي گولڊ ميڊل حاصل ڪيو ۽ ڪراچي اچي نوڪري کي لڳس. سالن پڄاڻان منھنجي حيدرآباد ۾ حميد سنڌي صاحب سان ڪنھن ادبي گڏجاڻيءَ ۾ ملاقات ٿي ۽ مان کيس ياد ڏياريو تہ اوھان جيڪا مھرباني ڪئي ۽ واعدو ورتو ھو مان ان کي پاڻي ڏيندي ٽاپ ڪيو … پر کيس اھو سڀ ياد ڪونہ ھيو …. پر مان ڪيئن ٿو وساري سگهان ان ڳالھ کي ….
اڄ حميد سنڌي صاحب اسان ۾ موجود ناھي رھيو پر ھو مون کان ڪڏھن نہ وسرندو جيسين مان زندھ آھيان ۽ منھنجو دماغ سوچيندو رھندو.
حميد سنڌيءَ جو پورو نالو عبدالحميد ميمڻ آهي. پاڻ 12 آڪٽوبر 1939ع ۾ نوشهروفيروز ۾ اسماعيل ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. حميد سنڌي بي اي ايڪنامڪس (اسپيشل سبجيڪٽ ايگريڪلچر ايڪنامڪس)، ايم اي ايڪنامڪس، ايل ايل بي، هائر ايجوڪيشن ايڊمنسٽريشن مانچسٽر يونيورسٽي (يو ڪي) مان ڪئي.
61- 1960ع ڌاري وليج ايڊ کاتي ۾ پبلسٽي آفيسر مقرر ٿيو، جنهن بعد مختلف ڪوآپريٽوِ توڙي ڪمرشل بئنڪن ۾ 1966ع تائين آفيسر ۽ مئنيجر طور ڪم ڪيائين. 1966ع کان 1970ع واري عرصي ۾ وڪالت ڪيائين. بعد ۾ هن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ امتحاني ڪنٽرولر، رجسٽرار
۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر (سنڌالاجي) طور خدمتون سرانجام ڏنيون. ڪجهه عرصو تعليم کاتي ۾ ڊائريڪٽر ڪاليجز، پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي پرنسپال طور ذميواريون سنڀاليائين. ملازمت دوران علمي ادبي ڪم به جاري رکندو آيو ۽ ڪهاڻين لکڻ سان گڏ پنهنجي قائم ڪيل ’بزم روح رهاڻ‘ جي پليٽ فارم تان ادبي گڏجاڻيون، مشاعرا وغيره منعقد ڪندو رهيو. ادبي مخزن ’روح رهاڻ‘ جاري ڪيائين، ان سان گڏ ’مارئي‘ ۽ ’لطيف ڊائجسٽ‘ جو ايڊيٽر ۽ ’نئين زندگي‘ مخزن جو صلاحڪار به رهيو آهي. سندس انتظامي تجربي کي آڏو رکندي حڪومت کيس سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام۽ پوءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو. انهيءَ پد تي 1995ع تائين رهيو. 1996ع ۾ ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم؛ 1997ع کان 1998ع تائين سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو چيئرمئن ۽ 1997ع کان 1998ع تائين سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو چيئرمئن رهيو.
حميد سنڌي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ، مالياتي ڪميٽي ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو ميمبر به رهيو. تعليمي بورڊ سکر؛ حيدرآباد؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شوري؛ پبلڪ اسڪول سکر؛ فيڊرل سوشل ايڪشن پروگرام اسلام آباد؛ سنڌ ڪائونسل آف اسڪائوٽس وغيره جي انتظامي بورڊن جو ميمبر ۽ سچل اڪيڊمي خيرپور جو چيئرمئن به رهيو آهي.
حميد سنڌي صاحب سنڌي ڪھاڻيءَ جو وڏو نانءُ آھي. سندس پھرين ڪهاڻي (ڪارو رت) ٽه ماهي مهراڻ ۾ ڇپي، ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ سندس پهريون ڪهاڻي جو ڪتاب (سيمي) 1958 ۾ زندگي پبليڪيشن طرفان ڇپيو.
حميد سنڌيءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾:
(1) سيمي (ڪهاڻين جو مجموعو)، (2) اداس واديون (ڪهاڻيون: ٻه ڇاپا)، (3) ويريون (ڪهاڻيون: ٽي ڇاپا)، (4) راڻا جي رجپوت (ڪهاڻيون: ٻه ڇاپا)، (5) جاڳ به تنهنجي جيءَ سان (ڪهاڻيون)، (6) سوني زنجير (جاپاني لوڪ ڪهاڻين جو ترجمو)، (7) سوکي ڌرتي (اردوءَ ۾ ڪهاڻيون)، (8) آري اچين شال (سچل سرمست تي تحقيقي مقالا، ترتيب)، (9) مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون (ترتيب) (10) درد ونديءَ جو ديس (11) ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون شامل آهن. ان کانسواءِ هر سال شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۾ مختلف سُرن تي پيش ٿيل تحقيقي مقالن جو مرتب رهيو آهي، انهيءَ سلسلي ۾: (1) سر ليلا چنيــسـر، (2) سـر گهاتـو، (3) سـر ڪـاموڏ، (4) سر مارئي، (5) سر ڪاپائتي، (6) سر بلاول، (7) سر رامڪلي، (8) سر کاهوڙي، (9) سر ڪارايل، (10) سر بروو، (11) سر سارنگ وغيره ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهن.
روح رهاڻ‘ مخزن جاري ڪرڻ کان سواءِ ’بزم روح رهاڻ‘ جون محفلون منعقد ڪندو رهيو.