سنڌيءَ سوڌو ٻين ٻولين کي قوميءَ جو درجو ڏيڻ لاءِ بل قومي اسيمبليءَ ۾ پيش

اسلام آباد:-  سنڌي ٻولي سميت 7 ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ آئين ۾ ترميم جو بل پيش. بل ن ليگ ميمبر کيئل داس ڪوهستاني سنڌي، پنجابي، پشتو، بلوچي، سرائيڪي، براهوي ۽ هندڪو ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ لاءِ آئين جي آرٽيڪل 251 ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو. جيڪو وڌيڪ غور لاءِ لاڳاپيل ڪميٽي حوالي ڪيو ويو، مجموعي طور آئين ۽ مختلف قانونن ۾ ترميمن جا 16 بل پيش ڪيا ويا، اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم واري بل ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جي جنرل سيٽن تي 25 سيڪڙو ٽڪيٽون عورت اميدوارن کي ڏنيون وڃن، جڏهن ته پارٽي جي 50 سيڪڙو مرڪزي توڙي مقامي عهدن تي عورت اڳواڻن کي مقرر ڪيو وڃي. سمورا بل لاڳيل ڪميٽين حوالي ڪيا ويا.