سنڌو سڀيتا ۽ موهن جو دڙو: ليکڪ استاد لغاري

سنڌو تهذيب جي مشهور ماڳ مڪانن کي روبرو ڏسڻ جي خيال سان، پنج مارچ سال 2020ع بروز خميس تي، منهنجو “موهن جو دڙو” تي وڃڻ ٿيو. مون سا گڏ منهنجو لائق فرزند محترم اياز علي لغاري صاحب به ساڻ هيو. خوش نصيبي چئجي، جو سنڌو سڀيتا جي هن مشهور ماڳ تي قدم رکندي ئي، اسان کي اتي جو هڪ مهربان ماڻهو، مشهور سنڌي اديب، محقق، مورخ ۽ آرڪيالاجيءَ جو ڄاڻو، محترم شيخ جاويد علي سنڌي صاحب ملي ويو. جنهن اسان کي هن مشهور ماڳ جو هر هڪ حصو، چڱيءَ طرح سان گھمايو ۽ هر هڪ حصي بابت، چڱي چوکي ڄاڻ به ڏني. انهيءَ وچ ۾ ڊي جي ڪلچر محترم منظور احمد ڪناسرو صاحب سان به فون تي ڳالهه ٻول ٿي، جنهن اسان جي اخلاقي سپوٽ ڪئي، ته اسان جي دل درياهه ٿي ويئي.جنهن جاءِ تي موهن جو دڙو موجود آهي، اُتي ٻه ٽي ڀيرا شهر آباد ٿيا ۽ وري وري برباد ٿيا. هن دڙي جي کوٽائيءَ مان معلوم ٿئي ٿو، ته سنڌو درياءَ جي ڪپ تي، هڪ تمام وڏو، وسيع ۽ وشال واريءَ جو دڙو وجود رکندو هيو، جنهن تي هزارين سال اڳ هڪ شهر آباد ٿيو. اهو شهر وبائي بيمارين، زلزلن ۽ ٻين مصيبتن اچڻ جي ڪري، برباد ٿيو، ته ان جي مٿان وارِي وري ويئي. هزارين سالن کان پوءِ، ڪا ٻي قوم آئي، جنهن هن دڙي کي خالي، خوبصورت ۽ خلاصو ڏسي، ان جي مٿان ٻيو شهر آباد ڪيو. ٻي قوم کي اها خبر ئي ڪو نه هئي، ته هن دڙي جي هيٺان به ڪو شهر دفن ٿيل آهي. البت وري جو زلزلا، آفتون ۽ قدرتي مصيبتون آيون، ته ٻيو دفعو آباد ٿيل اهو شهر به پُورجي ويو، جنهن کي به هزارين سال گذري ويا. وري جو ٽين قوم آئي، ته انهيءَ قوم به ساڳيءَ وانگر، آزاد، آسودو ۽ عاليشان دڙو پيل ڏسي، ان جي مٿان هڪڙو شهر آباد ڪيو. هن قوم کي به اها خبر ڪو نه هئي، ته هن دڙي جي هيٺان، ڪي اڳ ۾ ٻه ٻيا شهر پُوريل آهن.

 هن ٽين قوم کي، اسين “دراوڙ” جي لقب سان ياد ڪندا آهيون. هي قوم آرين جي اچڻ کان اڳ ۾، هتي آباد هوندي هئي. هي قوم گوشت نه کائيندي هئي، گناهه نه ڪندي هئي ۽ پاپ کان پري ڀڄندي هئي. هنن جو گذارو گاهه جي گَونچن، گلن، پنن، ڦرين، ٻجن، سبزين، اناج، ميوات، ماکي، مکڻ ۽ کير وغيره تي هوندو هيو. جڏهن ٻيا ماڻهو انگ اگھاڙا رهندا هئا، تڏهن هي ماڻهو بدن ڍڪيندا هئا. جڏهن ٻيا ماڻهو تَنَ تي وڻن جا پن ۽ ڇوڏا ٻڌي هلندا هئا، تڏهن هي ماڻهو ڪپاهه مان اُڻيل خوبصورت ڪپڙا پائيندا هئا. جڏهن ٻيا ماڻهو ٻرن ۽ غارن ۾ رهندا هئا، تڏهن هي ماڻهو پڪين سِرن سان جوڙيل جاين، ماڙين ۽ محلاتن ۾ ويٺل هوندا هئا. اسان کي تاريخ ۾ پڙهايو وڃي ٿو، ته موهن دو دڙو پنج هزار سال پراڻو آهي. البت اها تاريخي روايت اسم تصغير تي مبني آهي، ته جيئن سنڌو سڀيتا جي تاريخ، تهذيب ۽ تمدن کي گھڻو گھٽائي پيش ڪري سگھجي. موهن جي دڙي يا دراوڙ ديس جي تاريخ، لڳ ڀڳ ٽيهه کان پنجٽيهه هزار سال پراڻي آهي.

 وقت چوي “آئون بادشاهه”. ڳالھ ٿا ڪن، ته هڪ بزرگ شخص جو، ڪنهن آباد شهر ۾ اچڻ ٿيو. شهر جا ماڻهو ڏاڍا مِحنتي، مُحبتي ۽ آسودا هئا. بزرگ شهر مان واپس وڃڻ لڳو، ته ماڻهن چيو “چاچا! ترسي پئو”. انهن کي چيائين “جڏهن ٻي ساعت ايندس ته ترسي پوندس”. بزرگ جڏهن ٻي ساعت اُتي آيو، ته ان جاءِ تي شهر موجود نه هيو، صرف ٺڪراٺو پيل هيو، جتان ماڻهو قيمتي ڪوڏ، ٺڪريون ۽ سِڪا ڳولي رهيا هئا. ماڻهن کان پڇيائين، “هتي هڪ شهر آباد هيو، ان جو ڇا ٿيو؟”ماڻهن چيو “اسان سوين سالن کان، هتي هي ٺڪراٺو پيل ڏٺو آهي، اسان کي شهر بابت ڪائي ڄاڻ ڪانهي”. بزرگ واپس وڃڻ لڳو، ته ماڻهن چيو “چاچا! ترسي پئو”. انهن کي چيائين، ته “جڏهن ٻي ساعت ايندس ته ترسي پوندس”. بزرگ جڏهن ٽين ساعت اتي آيو، ته ان جاءِ تي ٺڪراٺو موجود نه هيو، بلڪهِ هڪ رڻ پٽ ۽ بيابان موجود هيو، جتي قافلي وارا اوٺار آرامي هيا. قافلي وارن کان پڇيائين “هتي هڪ ٺڪراٺو پيل هوندو هيو، ان جو ڇا ٿيو؟”. قافلي وارن چيو “اسان هزارين سالن کان هتي هي رڻ پٽ ۽ بيابان ڏٺو آهي، اسان کي ٺڪراٺي بابت ڪائي ڄاڻ ڪانهي”. بزرگ واپس وڃڻ لڳو، ته قافلي وارن چيو “چاچا! ترسي پئو”. انهن کي چيائين “جڏهن ٻي ساعت ايندس ته ترسي پوندس”. بزرگ جڏهن چوٿين ساعت اتي آيو، ته ان جاءِ تي رڻ پٽ ۽ بيابان موجود نه هيو، بلڪهِ سمنڊ جو پاڻي موجون ماري رهيو هو، جنهن ۾ ماڻهن مڇيون پئي ماريون. ماڻهن کان پڇيائين، ته “هتي هڪ رڻ پٽ ۽ بيابان موجود هيو، ان جو ڇا ٿيو؟”. ماڻهن چيو “اسان ۽ اسان جي وڏڙن، هتي هزارين سالن کان مڇيون پئي ماريون آهن، اسان کي ڪنهن رڻ پٽ يا بيابان جي باري ۾ ڪائي ڄاڻ ڪانهي”. اهڙيءَ ريت قدرت جي طرفان، قومن ۽ تهذيبن جي ارتقا ۽ ڀڃ ڊاھه جو سلسلو، سوين، هزارين، لکين بلڪه ڪروڙين سالن کان وٺي هلندڙ آهي ۽ هميشه هلندو رهندو.

 بچپن ۾ بسن ۾ سفر ڪندا هئاسين. هڪ انڌڙو ۽ نابين شخص، جيڪو ذات جو ڀيل هيو، سندس نالو غالبن “ڪستورو” هيو. چيچڪ (ماتا) جي بيماريءَ سببان، ٻنهيءَ اکين جي ماڻڪين ۾، سفيد ڦُلا صاف صاف ڏسڻ ۾ ايندا هئا. اهو پينو فقير بسن ۾ چڙهي، ساڄي هٿ جي اشهد آڱر اُڀي ڪري، خيرات جي لاءِ صدائون هڻندو هيو. مسافرن کي مائل ڪرڻ جي لاءِ، شاهه جي رسالي جو هڪ خاص بيت پڙهندو هيو، ته ماڻهو خيرات ڏيڻ جي لاءِ ضرور آماده ٿيندا هئا. اهو بيت مون کي اڄ به ذرا ذرا ياد آهي، جيڪو پڙهندڙن جي دلچسپيءَ خاطر، هتي پيش ڪجي ٿو.

 قادر تون، ڪريم تون، توکي چارو ناهه چوڻ،

وسندڙ شهر ويران ڪرين، وسائين واهڻ،

ڪن کي ٻيڪ نه بخشين ٻڪري، ڪن کي ڌڻي! ڏين تون ڌڻ،

ڪن کي دعوا نه ڏين دمڙي، ڪن کي مالڪ! ڏين تون مڻ،

ڪن کي پالين پالڪين ۾، ڪن کان پينهائين پاهڻ،

تيلانهين تاهڻ، ڏڪن لڱ لطيف چئي.

انهيءَ بيت جي ٻين سٽ، يعني “وسندڙ شهر ويران ڪرين، وسائين واهڻ” تي غور ڪجي ٿو، ته يڪدم “موهن جو دڙو” ياد اچي وڃي ٿو. موهن جي دڙي جي گمنام ويرانيءَ جو اندازو، انهيءَ ڳالهه مان به لڳائي سگھجي ٿو، ته ڦٽل دڙي جي چِيڪي ۽ وارياسِي گاڏڙ مٽيءَ جي ملبي مان، انساني عضون جون هڏڙيون، ڀُڪ ٿيل ۽ چڪناچور حالت ۾، ظاهر ظهور پيل آهن، جيڪي اکين سان ڏسي ۽ پرکي سگھجن ٿيون. آرين هتي اچي گھوڙا ڊوڙايا، بلوا برپا ڪيا، باهيون ڏنيون، جنگيون جوٽيون ۽ انياءُ ڪيا، جن جو تفصيلي احوال تاريخن ۾ ملي ٿو. منهنجي هيءَ هڪ ننڍڙي تحرير، شيخ اياز جي هيٺين شعر تي اختتام پذير ٿئي ٿي، ته “هڪ پوئين ويڙھه به اچڻي آ ۽ مون کي وڙهندي مرڻو آ، پر منهنجي ڌرتي بچڻي آ”.