سنڌو درياهه ۾ چاڙهه، گڊو بئراج وٽ مٿانهين درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر، ڪچو ٻڏي ويو

ڪراچي : سنڌو درياهه ۾ گڊو بئراج وٽ پاڻي جا وهڪرا 5 لک ڪيوسڪ کان وڌي ويا، مٿانهين درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر، سکر وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ جا وهڪرا، ڪوٽڙي بئراج وٽ معمول جا وهڪرا، ڪچي ٻڏي ويو، ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ، بندن تي سخت دٻاءُ. آبپاشي کاتي جي انگن اکرن مطابق گڊو بئراج جو مٿانهون وهڪرو 5 لک 14 هزار 743 ڪيوسڪ ٿي ويو آهي، جڏهن ته هيٺانهون وهڪرو 4 لک 89 هزار 728 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. سکر بئراج وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ آهي، جتي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 4 لک 27 هزار 250 ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 90 هزار 900 ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو. ڪوٽڙي بئراج وٽ اڃا معمول جا وهڪرا آهن، جتي مٿانهون وهڪرو هڪ لک 98 هزار 166 ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 94 هزار 746 ڪيوسڪ آهي. آبپاشي کاتي موجب ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جا وهڪرا 2 لک ڪيوسڪ کان وڌندا ته هيٺانهين درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي ويندي. هوڏانهن گمبٽ وٽ درياهه ۾ لڳاتار چاڙهه کان پوءِ 10 کان وڌيڪ ڳوٺ خانڻ ناريجو،ڳوٺ محمد عثمان ناريجو،ڳوٺ امام بخش شنڀاڻي،ڳوٺ محمد بچل ناريجو،ڳوٺ آچر جتوئي،ڳوٺ محمد صديق ناريجو،ڳوٺ حاجي مولا بخش ناريجو، ڳوٺ عبدالرحمان ڪلهوڙو پاڻي جي گھيري ۾ اچي ويا آهن. پيرجوڳوٺ ويجهو درياهه ۾ چاڙهه بعد ڪنگري جو ڪچو 80 سيڪڙو پاڻي هيٺ اچي ويو آهي ۽ وڌيڪ ڪيتيرائي ڳوٺ ۽ فصل ٻڏي ويا آهن. ميرپور ماٿيلو وٽ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ کانپوءِ گهوٽڪي جو ڪچو ٻڏي ويو آهي ۽ پاڻي شينڪ بند کي پائڻ لڳو آهي، صورتحال جي جائزي لاءِ صوبائي وزيرن عبدالباري پتافي ۽ ڄام اڪرام ڌاريجو بندن جا ڌار ڌار دورا ڪيا. سجاول ڀرسان سنڌو درياهه ۾ چاڙھ اچڻ ڪري منارڪي بند تي پاڻي جو دٻاءُ وڌي ويو آهي ۽ بچاءُ بند جو 200 فوٽن کان مٿي ايپران کاڌ ٿيڻ ڪري ڪمزورٿي ويو آهي، جنهن ڪري گهاري لڳڻ جو خدشو ٿي پيو آهي.