سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ جي وهڪرن ۾ لاٿ شروع, پاڻي وهڪرو هڪ هزار ڪيوسڪ گهٽجڻ باوجود وڏي ٻوڏ برقرار

ڪراچي :- سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ جي وهڪرن ۾ لاٿ شروع، گڊو وٽ 24 ڪلاڪن دوران پاڻي وهڪرو هڪ هزار ڪيوسڪ گهٽجڻ باوجود وڏي ٻوڏ برقرار، گڊو بئراج وٽ سنڌو ۾ مٿانهون وهڪرو 5 لک 69 هزار 570 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 5 لک 54 هزار 650 ڪيوسڪ رڪارڊ، درياهي پاڻي ۾ چاڙهه بعد گڊو، ڪشمور، سکر، لاڙڪاڻو، شڪارپور ۽ خيرپور ضلعي جو ڪچو ٻڏي ويو آهي، ماڻهو پڪي طرف پنهنجي مدد پاڻ تحت اچي رهيا آهن.