سنڌو درياءَ جي قدرتي تيز وهڪري کي ڪتب آڻي اسان هزارين ميگاواٽ بجلي ٺاهي سگهون ٿا: عمر ايوب خان

اسلام آباد :-  توانائي واري وزير عمر ايوب خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ پن بجلي واري شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ جا ڪافي موقعا موجود آهن، سنڌو درياءَ جي قدرتي تيز وهڪري کي ڪتب آڻي اسان هزارين ميگاواٽ بجلي ٺاهي سگهون ٿا. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر فرانس جي سفير مارڪ بيريٽي سان ملاقات ۾ ڪئي. وفاقي وزير فرانسيسي سفير کي ملڪ ۾ توانائيءَ واري شعبي ۾ مختلف شعبن بابت ڄاڻ ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ نين متبادل توانائي پاليسي ٺاهي رهي آهي جيڪا 75 سيڪڙو توانائي ملڪي وسيلن مان پيدا ڪرڻ جي راهه جو تعين ڪندي. هن چيو ته لائيٽ لائين صارفين ۽ عام ماڻهوءَ کي مهانگائي جي بار کان محفوظ رکڻ لاءِ 300 يونٽن تائين بجلي جي صارفين لاءِ ڪو اضافو ناهي ڪيو ويو. فرانسيسي سفير چيو ته فرانس جون ڪيتريون ئي ڪمپنيون پاڪستان ۾ توانائيءَ واري شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيون آهن. هن چيو ته فرانسيسي ڪمپنيون توانائي واري شعبي ۾ خاص دلچسپي ڏيکاري رهيون آهن.