سنڌوءِ تي سنڌ بئراج اڏڻ لاءِ سنڌ ۽ وفاق ۾ اتفاق

ڪراچي : سنڌوءِ تي سنڌ بئراج اڏڻ لاءِ سنڌ ۽ وفاق ۾ اتفاق، پراجيڪٽ جي فزيبلٽي ۽ قاعدن توڙي ضابطن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي حوالي سان ڪاميٽي جوڙڻ جو فيصلو، ان ڏس ۾ ڪالهه سي ايم هائوس ۾ وفاقي حڪومت جي هڪ وفد پاڻي وسيلن بابت وفاقي وزير فيصل واوڊا جي سربراهي ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾واپڊا چيئرمين ليفٽينٽ جنرل (رٽائرڊ) ايم حسين بريفنگ ڏيندي چيو ته سمنڊ کان 45 ڪلوميٽر مٿي هڪ بئراج تعمير ڪرڻ چاهيون ٿا، جنهن جي ساڄي پاسي هڪ ڪئنال گهوڙا ٻاري کان گهاري تائين ۽ کاٻي پاسي سجاول کان گولاڙچي تائين ڪئنال تعمير ڪرايو ويندو، بئراج وٽ ريزوائر ٺاهڻ سان 3 ايم اي ايف پاڻي علائقي ۾ موجود رهندو، 2021ع کان انهي منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويندو، جنهن جي فزيبلٽي رپورٽ سيپٽمبر 2020ع تائين مڪمل ٿي ويندي، 160 ڪلو ميٽرن تائين ٻوڏ جو پاڻي رکڻ جي گنجائش وارو هي ريزوائر 12 ميٽر مٿانهون هوندو، هي پراجيڪٽ نه رڳو علائقي جي زمين آباد ڪندو پر مٺو پاڻي به مهيا ٿي سگهندو ان کانسواءِ زمين جو پاڻي ( جر) به مٺو ٿي ويندو، جنهن تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه وڃڻ سان سمنڊ اڳتي وڌي رهيو آهي، جنهن سبب ڊيلٽا تي موسمي تبديلي جو گهرو اثر ٿي رهيو آهي، بئراج ٺهڻ کانپوءِ پاڻي ڍنڍ جي شڪل اختيار ڪري بيهندو، جنهن سان سم ۽ ڪلر جا مسئلا ٿيندا، هن چيو ته فزيبلٽي ۾ اهو به ڏٺو وڃي ته انهي بئراج جي ٺهڻ سان جيڪي ماڻهو متاثر ٿيندا، انهن کي معاوضو ڪيئن ملندو؟ ان موقعي تي وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو ته انهي منصوبي جي حوالي سان سنڌ حڪومت کي هر معاملي تي آن بورڊ ( اعتماد) ورتو ويندو، انهي رٿا سان سنڌ جي پڇڙي وارن علائقن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو، پاڻي جي ماهر ادريس راجپوت چيو ته سنڌ جو 1970ع ۾ انهي بئراج جي حوالي سان منصوبو هو، جنهن سان سمنڊ جي پاڻي کي به روڪي پئي سگهياسين، اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر ڪريم خواجا چيو ته انهي منصوبي سان جيڪي مقامي ماڻهو متاثر ٿيندا، انهن جي حوالي سان به حڪمت عملي جوڙي وڃي، جنهن تي وڏي وزير چيو ته پراجيڪٽ جي حوالي سان مقامي ماڻهن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو،هن چيو ته گهوڙا ٻاري کان گهاري بدران ڀنڀور تائين ڪئنال ٺاهيو وڃي ته انهي جو پاڻي ڪراچي وارن جي به ڪم اچي سگهي ٿو، جڏهن ته سجاول کان گولاڙچي بدران ٿر تائين ڪينال پهچايو وڃي ته ٿر جي ماڻهن کي فائدوٿيندو، ، اجلاس ۾ وفاق ۽ سنڌ پاران منصوبي جي حوالي سان نگران ڪاميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن ۾ وفاق ۽ سنڌ جا نمائندا شامل هوندا.