سنڌوءَ جو ڪچو ٻڏڻ کانپوءِ مختلف واقعن ۾ 6 ڄڻا ٻڏي فوت

حيدرآباد :- سنڌو درياءَ ۾ چاڙهه ۽ ڪچو ٻڏڻ کانپوءِ ٻيڙي ڪلٽي ٿيڻ سميت مختلف واقعن ۾ معصوم ٻارڙي، 4 نينگرن سميت 6 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا آهن. رپورٽ موجب گذريل ڏينهن چڪ ڀرسان ڪچي واري علائقي ڳوٺ ساماڻو جي وانڍ ڀرسان کير ۽ ماڻھن سان ڀريل ٻيڙي وزن وڌي وڃڻ سبب اونڌي ٿي پئي، جنهن ۾ جتوئي برادري جي اڪبر جتوئي جو 6 مهينن جو معصوم ٻارڙو طيب ٻڏي ويو، جڏھن ته ٻيڙي ۾ ويٺل عورتن ۽ ٻين معصوم ٻارڙن کي ميربحرن بچائي ورتو، ٻيڙي ۾ رکيل کير جا دٻا ۽ هڪ موٽر سائيڪل پڻ لڙھي وئي، ٻڌايو پيو وڃي ته درياءَ ۾ لاڳيتو پاڻيءَ جي چاڙھ سبب زميني رستا بند هئڻ ڪري ڳوٺاڻا شهر طرف ٻيڙي رستي اچي رهيا هئا ته اوچتو ٻيڙي اوور لوڊ هئڻ ڪري ڪلٽي ٿي پئي، جنهن سبب جاني ۽ مالي نقصان ٿي ويو، آخري اطلاعن تائين معصوم ٻارڙي جو لاش هٿ اچي نه سگهيو هو، لاش هٿ ڪرڻ لاءِ ڳوٺاڻن پاران ٽوبا گهرائي ڳولا ڪئي پئي وڃي، رابطو ڪرڻ تي ڳوٺاڻن چيو ته سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي چاڙھ سبب اسان ڪجھه ڏينهن کان پاڻي ۾ ڦاٿل آهيون، سرڪار پاران هن مهل تائين ٻيڙين توڙي ٻئي ڪنهن به قسم جي سهولت ناهي ڏني وئي ۽ نه وري ڪنهن جي مدد ڪئي وئي آهي، جنهن جي ڪري شھر ڏانهن اچڻ وڃڻ لاءِ تمام گهڻو پريشان آهيون. ٻئي طرف چڪ لڳ محمدآباغ جي ڪچي واري علائقي ۾ پاڻي ۾ چاڙهه اچي ويو، پاڻي ڪچي ۾ رهندڙ ماڻهن جي گهرن وٽ پهچي ويو، ٻوڏ واري پاڻيءَ ۾ وهنجندي پير ترڪڻ سبب معصوم نينگر 7 ورهين جو صفيع الله پٽ سيف الله سولنگي پاڻيءَ جي کڏ ۾ ڪري پيو اتي موجود ٻين ٻارڙن گهر ڀاتين کي اطلاع ڏنو جن واقعي واري هنڌ پهچي 2 ڪلاڪن جي ڪوششن کان پوءِ نينگر جو لاش هٿ ڪري ورتو.  لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو جڏهن ته امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا. هوڏانهن راضيديرو لڳ ڪچي جي ڳوٺ محبوب ڪلھوڙو ۾  سنڌو درياءَ جي چاڙھ سبب وهي آيل پاڻي جي ڪري گھارو ڪراس ڪندي ٻه نينگر 9 ورهين جو حامد ڪلهوڙو ولد اڪرم ڪلهوڙو 7 ورهين جو فرحان ڪلهوڙو ولد رجب علي ڪلهوڙو ٻڏي فوت ٿي ويا.  نينگر ڳوٺ ٻاهران ٻئي ڳوٺ علي نواز ڪلهوڙو ڏانهن گھارو ڪراس ڪري وڃي رهيا هئا ته ٻڏي ويا. ڳوٺاڻن نينگرن کي گھاري مان لڙھندو ڏسي ٻاهر ڪڍيو لاڙڪاڻو اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن نينگرن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. حامد ۽ فرحان ڪلهوڙو جا لاش گھر ۾ پھچڻ تي ڪهرام مچي ويو۔سندن امڙن کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا. ٻئي طرف پنوعاقل ڀرسان سومرا پھنواري پتڻ وٽ سنڌو درياھ مان ٻيڙي ذريعي ڳوٺ ويندڙ پرائمري استاد اياز سومرو وچ درياھ ۾ ٻيڙي مان ڪرڻ سبب ٻڏي ويو، مقامي ڳوٺاڻن ۽ ٽوٻن پاران لاش جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، 18 ڪلاڪ گذرڻ باوجود لاش ھٿ نه اچي سگھيو، مقامي ماڻھن موجب درياھ ۾ سيلابي پاڻي جي چاڙھ سبب لاش ڳولڻ ۾ سخت مشڪلات پيش اچي رھي آھي، جڏھن ته انتظاميا طرفان ڪا به مدد نه ڪئي ويئي آھي، آخري اطلاعن تائين لاش ھٿ اچي نه سگھيو آھي. رضا ڳوٺ ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آھي ته نوجوان اياز سومرو ڪراچي ۾ رھندو ھو ڳوٺ گھمڻ آيو ۽ ٻيڙي مان پير ترڪڻ سبب درياھ ۾ ڪري پيو، لاش جي ڳولا لاءِ مقامي ٽوٻن سان گڏ نيوي جا ٽوٻا به گھرايا آھن. جلد لاش ھٿ ڪري وٺنداسين. ٻئي طرف قاضي احمد لڳ ڪچي جي ڳوٺ حمزو خان جتوئي جي رھواسي سيد اڪبر علي شاھ جو معصوم پٽ 12 ورهين جو اطھر شاھ  مال چاريندي ٻوڏ جي پاڻي ۾ وھنجڻ دوران ٻڏي فوت ٿي ويو معصوم نينگر جي ٻڏي فوت ٿيڻ جي خبر پوڻ تي ڳوٺ جو چڱو مڙس اڳوڻو يوسي ناظم رئيس ڪمال خان جتوئي نينگر جا وارث ۽ ٻيا ڳوٺاڻا وڏي انگ ۾ پھچي ويا ۽ ٻيڙي گھرائي وئي. معصوم نينگر جو لاش پاڻي مان ڪڍي ٻيڙي ذريعي ٻاھر آندو ويو.  نينگر جو لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو