سنڌوءَ تي ڊيم جو وري رينگٽ: پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور:- پنجاب اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبر مومِنه وحيد پاران سنڌو درياهه تي دَيا مر ڀاشا ڊيم جِي اڏاوت بابت ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ وفاقي سرڪار جَي فيصلي جِي حمايت ڪئي وئي. ٺهراءَ جي متن موجب، دَيا مر ڀاشا ڊيم جِي اڏاوت سان چار هزار 5 سئو ميگا واٽ بجلي پيدا ٿي سگهندي. ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ڊيم ذريعي 12 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي سگهندي. ٺهراءَ جي متن موجب، ديامر ڀاشا ڊيم جي تعمير سان تربيلا ڊيم جي زندگي به 35 سال وڌي ويندي. ٺهراءَ موجب، ديامر ڀاشا ڊيم جي اڏاوت سان 16 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي روزگار به ملي سگهندو. پنجاب اسيمبلي ديامر ڀاشا ڊيم جي اڏاوت لاءِ ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو..