سنٿيا رچيءَ پاران گيلانيءَ کي 12 ڪروڙ ڏنڊ جو نوٽيس جاري

اسلام آباد :- آمريڪي عورت سنٿيا رچي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلانيءَ کي 12 ڪروڙ رپيه ڏنڊ جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. سنٿيا ڊي رچي ناصر عظيم خان ايڊووڪيٽ ذريعي قانوني نوٽيس اڳوڻي وزيراعظم کي موڪليو آهي. سنٿيا ڊي رچي پنهنجي نوٽيس ۾ لکيو ته يوسف رضا گيلاني 2011ع ۾ رحمان ملڪ سان گڏجي کيس هيسايو،  هاڻي ڪوڙا الزام هڻي سندس ساک کي نقصان پهچائي رهيو آهي. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي پ پ ميڊيا سيل ذريعي کيس هيسايو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته کيس قومي ۽ عالمي سطح تي بدنام ڪيو ويو،  يوسف رضا گيلاني پنهنجي الزامن تي معافي وٺي ۽ 12 ڪروڙ رپيه ڏنڊ ادا ڪري. سنٿيا ڊي رچي قانوني نوٽيس ۾ وڌيڪ چيو ته يوسف رضا گيلاني 14 ڏينهن ۾ پنهنجي الزامن تي معافي نه ورتي ته قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي