سموري سنڌ جي شهرن جي حالت خوفناڪ آهي ,اڌ کان وڌيڪ آبادي پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهي : قيصر بنگالي

ڪراچي := سموري سنڌ جي شهرن جي حالت خوفناڪ آهي، لاڙڪاڻو جي صورتحال ته شرمندگي جو مُک ڪارڻ آهي، ڪراچي کي به الڳ ڪري نٿو ڏسي سگهجي، نامياري معاشي ماهر قيصر بنگالي چيو آهي ته سنڌ ۾ عوامي خدمت جو ڪوبه وجود نه آهي، صوبي ۾ اڌ کان وڌيڪ آبادي پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهي ۽ گندگي کي ٺڪاڻي لڳائڻ جو ڪوبه نظام نه هجڻ سبب فضائي گدلاڻ پيدا ٿئي ٿي، سمورن شهرن ۾ عوامي ٽرانسپورٽ جو به ڪو وجود ناهي، ڪراچي ميٽروپوليٽن شهر ۽ ملڪ جو معاشي مرڪز هجڻ باوجود شهر جو اڌ کان وڌيڪ حصو 11هين صدي جو نظر اچي رهيو آهي، 500 هزار سال اڳ موهن جو دڙو ۾ ماڻهن وٽ پاڻي ۽ نيڪال جو مربوط نظام هو، هاڻي لاڙڪاڻو ۾ هر هنڌ گندگي نظراچي رهي آهي، صوبائي حڪومت کي اهي مسئلا حل ڪرڻا پوندا، پاڪستان ۾ مڪاني نظام بابت سيمينار کي خطاب دوران قيصر بنگالي چيو ته ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي، گندگي پاڻي جو نيڪال، گندگي، بجلي ۽ ٽرانسپورٽ جا مسئلا نه هجڻ گهرجن، اهي سمورا معاملا ڪنهن هڪ اداري جي اختيار ۾ به نه آهن.