سماجي رابطن وارين اهم ويب سائٽس گوگل، فيس بوڪ ۽ ٽوئيٽر پاڪستان ۾ پنهنجي سروس بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

اسلام آباد :- سماجي رابطن وارين اهم ويب سائٽس گوگل، فيس بوڪ ۽ ٽوئيٽر پاڪستان ۾ پنهنجي سروس بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي، جنهن بعد پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت وفاقي ڪابينا پاران سوشل ميڊيا بابت پاس ڪيل نئين قانون تي عملدرآمد پڻ روڪي ڇڏيو آهي ان حوالي سان وفاقي حڪومت سوشل ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جوڙيل قانون تي مشاورت بابت ڪاميٽي جوڙي آهي، مشاورتي ڪاميٽي جو چيئرمين پي ٽي اي جو سربراهه عامر عظيم باجوه هوندو، ڪاميٽي ۾ قانون واري وفاقي وزارت جو نمائندو ڊاڪٽر ارسلان خالد، انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري، پي ٽي آءِ اڳواڻ بيريسٽر علي ظفر سميت انفارميشن ٽيڪنالاجي جو ايڊيشنل سيڪريٽري شامل هوندا، ڪاميٽي ۾ ٽيڪنالاجي سان تعلق رکندڙ ڪمپنين جي نمائندن ۽ سول سوسائٽي جي تنظيمن جي نمائندن کي به شامل ڪيو ويندو، ڪاميٽي کي سوشل ميڊيا ڪنٽرول ڪرڻ بابت قانون تي مشاورت لاءِ 2 مهينن جو وقت هوندو، ان دوران سوشل ميڊيا قانون تي پنهنجي حتمي سفارشون وفاقي حڪومت وٽ جمع ڪرايون وينديون. ذريعن موجب گوگل، فيس بوڪ ۽ ٽوئيٽر انتظاميا سميت ٻين سوشل ڪمپنين پاڪستان ۾ پنهنجي سروس بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني، ان سلسلي ۾ ايشيائي انٽرنيٽ ڪوليشن گروپ وزيراعظم کي خط لکيو جنهن ۾ چيو ويو ته سوشل ميڊيا جو نئون قانون مشڪل آهي،ان سان عام صارف ۽ ڪاروباري ماڻهو متاثر ٿيندا، فيس بوڪ ۽ ٽوئيٽر بند ٿيڻ سان 70 ملين صارفين متاثر ٿيندا. ذريعن موجب حڪومت اهڙي خط کانپوءِ سوشل ميڊيا قانون تي عملدرآمد کي روڪي ڇڏيو، آءِ ٽي وزارت پاران چيو ويو آهي ته حڪومت سوشل ميڊيا قانون تي نظرثاني ۽ مشاورت لاءِ ڪاميٽي جوڙي وئي.