سليڪٽرز ٻڌِي ڇڏن ! توهان جَي ٻن سالن جِي نه، پر 72 سالن جي محنت ضايع ٿيڻ واري آهي:مريم نواز ڪوئيٽا جلسي کي خطاب

ڪوئيٽا :  نواز ليگ جِي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته سليڪٽرز ٻڌِي ڇڏن! توهان جَي ٻن سالن جِي نه، پر 72 سالن جِي محنت ضايع ٿيڻ وارِي آهي. هاڻي عوامي حاڪميت جو سِج اُڀرڻ وارو آهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جو فيصلو اچڻ کانپوءِ سليڪٽيڊ ۽ سليڪٽرز کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. مريم نواز چيو ته سپريم ڪورٽ کي اپيل آهي ته جسٽس شوڪت عزيز صديقي سان به انصاف ڪيو وڃي، اسان مطالبو ڪريون ٿا ته ووٽ کي عزت ڏيو، رياست مٿان رياست قائم نه ڪريو ۽ جعلي حڪومتون ٺاهڻ بند ڪريو، ڪوئيٽا ۾ جلسي کي خطاب دوران مريم نواز چيو ته ووٽ کي عزت نه ملڻ ڪري هن وقت بلوچستان جي بدترين حالت آهي، صوبي ۾ اهڙي حڪومت ٺاهي ويندي آهي ، جنهن جِي ڏور عوام وٽ نه، پر ٻين جَي هٿن ۾ هوندي آهي، بلوچستان ۾ باپ نالي پارٽي ٺاهي اُن مان پيدا ٿيل ٻار کي وڏو وزير بڻايو ويو.