سلامتي ڪائونسل جي ميمبر ملڪن جو ترڪي کان شام ۾ فوجي ڪاروائي روڪڻ جو مطالبو

نيويارڪ : گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبر پنج يورپي ملڪن ترڪي کان مطالبو ڪيو آهي ته هو فوري طور تي شام ۾ ڪرد فورسز خلاف جاري ڪاروائي روڪي ڇڏي. سلامتي ڪائونسل جي ٻن مستقل ميمبرن فرانس ۽ برطانيا ۽ ٽن غير مستقل ميمبر ملڪن جرمني، بيلجيئم ۽ پولينڊ گذريل ڏينهن هڪ هنگامي اجلاس کانپوءِ گڏيل بيان جاري ڪيو آهي. ان ۾ انهن چيو آهي ته اسانکي شام جي اتر اوڀر واري علائقي ۾ ترڪ فوج جي ڪاروائي تي ڳڻتي آهي. هنن ترڪي کان مطالبو ڪيو آهي ته هو شامي جمهوري فورسز (ايس ڊي ايف) خلاف هڪ طرفه ڪاروائي فوري طور تي روڪي ڇڏي.