سعودي ۾ به ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا، فصلن کي نقصان

رياض:- سعودي عرب ۾ ماڪڙن حملو ڪري ڇڏيو. العريبيه نيوز مطابق سعودي ماحوليات واري وزارت چيو  آهي ته نجران ۾ ماڪڙن حملو ڪري ڇڏيو . هي ايندڙ ٻن مهينن تائين جاري رهڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته ماڪڙن حملو ڪري جنگهن ۽ ٻنين کي گهڻو نقصان پهچايو آهي. نجران بلدياتي انتظاميه طرفان ماڪڙ جي خاتمي لاءِ شهر جي روڊن تي اسپري مهم شروع ڪئي وئي آهي. انتظاميه پاران شهرن تي زور ڏنو آهي ته هو ڪنهن به ماڪڙ کي کائڻ سان گريز ڪن. ڇو ته هو زهريلي ڪيڙي مار دوائن سان آلوده آهن.