سعودي عرب ۾ ٿيندڙ ڪنسرٽ کي آمريڪي ڳائڻي نڪي مناج ملتوي ڪري ڇڏيو

NEW YORK, NY - OCTOBER 15: Rapper Nicki Minaj attends TIDAL X: 1015 on October 15, 2016 in New York City. (Photo by Brad Barket/Getty Images for TIDAL)

رياض :-  آمريڪي سماجي تنظيم طرفان نڪي مناج جي نالي سان کليل خط لکي سعودي عرب ۾ پرفارمنس نه ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو.خط ۾ چيو ويو هو ته سعودي عرب ۾ صنفي فرق ملي ٿو ان لاءِ ڪنسرٽ نه ڪريو جنهن کانپوءِ نڪي مناج جدي ۾ پنهنجو ميوزڪ ڪنسرت نه ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته عورتن سان ناانصافي ٿيندڙن سان گڏ آهيان ان الءِ ڪنسرٽ نه ڪنديس.ٻئي طرف اڃان تائين اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته ڪنسرٽ ۾ آمريڪي ڊي جي اسٽيو اوڪي ۽ برطانوي راڳي ليام پائن پرفارم ڪندا يا نه، ان ميوزڪ فيسٽيول ۾ 6 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جي مردن ۽ عورتن کي اچڻ جي اجازت هوندي ۽ فيسٽيول ۾ شراب سميت هر قسم جو نشنو آڻڻ تي پابندي هوندي، فيسٽيول ۾ شرڪت ڪندڙ عورتن کي سعودي عرب جي روايتن موجب پڙدو ڪرڻو پوندو.