سعودي عرب ۾ رشوت تي جج کي 20 سال قيد، 7 لک ريال ڏنڊ

مدينو شريف :- مديني شريف جي هڪ عدالت رشوت وٺڻ ۽ سرڪاري دستاويزن ۾ جعلسازيءَ جو الزام ثابت ٿيڻ تي مديني شريف جي هڪ جج کي 20 سال قيد ۽ 7 لک ريال ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي. سعودي اخبار جي رپورٽ مطابق جج کي 4 سال اڳ آزاد ڪيو ويو هو جڏهن ته نيون حقيقتون سامهون اچڻ تي معاملو انصاف واري وزارت جي حوالي ڪيو ويو. جج ۽ ان جي گروپ تي الزام هو ته هنن سرڪاري دستاويزن ۽ ملڪيت نامن ۾ جعلسازي ڪري مخالف ڌرين هٿان زمين وڪرو ڪئي هئي. اها رقم هڪ سيڙپڪار ۽ جج جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي وئي هئي.