سعودي عرب ميزبان ويزه جاري ڪري ڇڏي

 رياض :- سعودي عرب اختيارين جو چوڻ آهي ته سڃي ملڪ ۾ پرڏيهي پنهجي مائٽن کي ” ميزبان ويزي “ تي گهرائي سگهن ٿا . سعودي نشرياتي اداري موجب سعودي حج ۽ عمره واري وزارت ۽ پاسپورٽ کاتي جو چوڻ آهي ته سعودي  ۾ رهندڙ پرڏيهين کي آن لائن سسٽم ” آبشر “ ذريعي پنهجي ذاتي ذميواري تي پنهجن مائٽن کي ميزبان ويزي تي گهرائڻ جي سهولت مهيا ڪئي آهي . پاسپورٽ ذريعي جو چوڻ آهي ته ميزبان ويزي تي ايندڙ سعودي عرب ۾ 90 ڏينهن تائين قيام ڪري سگهن ٿا . انهن کي سعودي عرب ۾ گهمڻ ڦرڻ جي آزادي آهي . هو چاهين ته انهن کي پنهجي گهر ۾ پڻ رهائي سگهن ٿا . يا هوٽل ۾ پڻ رهائي سگهن ٿا . پاسپورٽ کاتي جو چوڻ آهي ته” ميزبان ويزه “ سعودي شهرين جي شناختي ڪارڊ جڏهن ته پرڏيهي جي اقامي تي جاري ٿيندو . ويزي جي مدت ختم ٿيڻ تي ايندڙ شخص کي واپس موٽڻو پوندو .