سعودي عرب، مقامي شهرين ۽ غير ملڪين کي رياست مخالف سوشل ميڊيا اڪائونٽس کان هوشيار رهڻ جي هدايت

رياض :  سعودي پبلڪ پراسيڪيوشن پاران شهرين ۽ رهندڙ غير ملڪين کي سوشل ميڊيا تي رياست مخالف اڪائونٽس کان خبردار ڪندي چيو آهي ته ڪوڙي خبرن کي شيئر نه ڪيو وڃي. پبلڪ پراسيڪيوٽر جي تحت ڪم ڪندڙ ادارو انسداد انٿتهاپسندي چيو آهي ته سعودي مخالف اداري ۽ ماڻهن پاران ملڪ ۾ انتشار پکيرڻ لاءِ سوشل ميڊيا جي ذريعو بنائي رکيو آهي. اداري چيو آهي ته ٽويٽر، فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ سنب پنيٽ تي هزارين جعلي اڪائونٽ سعودي عرب جي خلاف فرضي ۽ من گهڙت خبرون پکيرن جو ڪم ڪندا آهن.