سرنواري ۾ ڪڻڪ جا لابارا، زرعي مشينريءَ ٿري ماروئڙن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو

سرنواري :- سرنواري ۽ ڀر پاسي  ۾ ڪڻڪ جو فصل تيار ٿي ويو, ٿر جا غريب پورھيت ماڻھو پيٽ گذر ڪرڻ لاء سرنواري ۽ ڀر پاسي جي مختلف علاقن جي سوين ڳوٺن ۾ پھچي ويا, ٿر جي غريب ماڻھن بئراجي علائقن ڏانھن رخ ڪيو آھي سرنواري ۽ ڀرپاسي ۾ ڪڻڪ جو آڳاٽو فصل تيار ٿي ويو آھي, ھن ڀيري به ٿر ۾ ڪيترن ئي سالن کان برساتون نه پوڻ ڪري ڇتو ڏڪار ھئڻ ڪري ٿر جي ڏڪار سٽيل رھواسين پاران ڪڻڪ جي فصل لھڻ ۾ وڏيون اميدون ھونديون آھن ڪڻڪ جي لاباري لاء نوان ڏاٽا ٺھرائڻ سان گڏ ڪڻڪ جي ول کڻڻ لاء ڪاٺ جون ٻيانيون ۽ ٻيو سامان پڻ تيار ڪرائي کڻي آيا آھن, جڏھن ته سرنواري ۽ ڀر پاسي جي زميندارن پاران تڪڙو فصل کڻڻ لاء لاھيارن کان لابارو لھرائڻ توڙي ڏاندن ذريعي ڪڻڪ ڳھرائڻ بجاء ڪڻڪ جي ڪٽائي مشين ذريعي ڪري ۽  ٿريشر سان ڪڻڪ ڪڍرائي نئين ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ موڪلي پئي وڃي اھڙي صورتحال ۾ ٿر مان آيل سوين خاندانن جن جو گذر سفر ڪڻڪ جي لابارن تي ھوندو آھي اھي بيروزگار بڻجي ويا آھن, ان سلسلي ۾ ھتان جي سڄاڻ ڌرين مطالبو ڪيو آھي ته ڪڻڪ جي پورھتين لاھيارن کي متبادل روزگار فراھم ڪرڻ لاء حڪومت پاران ڪوششون ورتيون وڃن