سرمد سنڌي: واڪا ڪندي ووءِ صديون تولاءِ سنڌڙي : اختر آزاد ڏاهري

7مئي 1958ع تي ضلعي خيرپور جي تعلقي پريالوءَ جي ڌرتي تي پيدا ٿيل عبدالرحمان مغل لاءِ چون ٿا ته هو ننڍپڻ کان سر ۽ سنگيت سان دلي لڳاءُ ۽ گهري دلچسپي رکندو هو، ابل واھ جي ڪپن تي مال چارڻ دوران اڪثر پنهنجي منهن ڌنون جهونگاريندڙ ان البيلي عبدالرحمان مغل کي به شايد اها خبر ڪانه هئي ته سندس پهريون آڊيو ايلبم “چڱو چيٽن ۾ ملنداسين” سندس شخصيت کي مهان ڪلاڪار ثابت ڪندو. وري تنهن کانپوءِ جڏهن سندس سرن جي صدائن کي ڪوثر ٻرڙي ريڊيو ۽ سميع بلوچ ٽي وي تي متعارف ڪرايو، تڏهن عزت ۽ شھرت جي بلندين پهتل عبدالرحمان مغل کي سندس ذاتي واقفڪار ۽ يونيورسٽي جو ڊگري هولڊر انجنيئر ۽ مداح سرمد سنڌي جي نانءَ سان سڃاڻي رهيا هئا، سرمد سنڌي رڳو هڪ قومي راڳي ئي نه پر هو سنڌ ڌرتي جو هڪ عظيم مدبر ۽ سالار انقلاب هو. سائين جي ايم سيد کانپوءِ سرمد سنڌي جهڙو شايد ئي ڪو ٻيو مقبول هجي، جنهن سنڌ ۾ قومي سجاڳي جو ايترو روح ڦوڪيو هجي. ڪشمور کان ڪارونجهر تائين سنڌ جي ٿرن برن، واهڻ وستين، ريتن رسمن، ادبي تاريخي ورثن ۽ ڪل منظرن جي چاهتن جو اسير سرمد سنڌي پنهنجي ديس ۽ قوم لاء فڪري نظريعو رکندڙ ھڪ آدرشي انسان هو. سدائين لطيف جي نگري لاءِ خوبصورت خواب سانڍي پنهنجي ديس ۾ امن ۽ شانتي لاء پاڻ پتوڙيندو رهيو۔مسئلو ڪنهن پورهيت مزدور سان مل مالڪ جي جبر جي هجي۔يا جيل جي بند کولين ۾ زنجيرن سان جڪڙيل بيگناھ ضمير جي قيدي جو هجي۔پوتر ناري ڏانهن کڄندڙ ڪنهن پليد جي ميري اک جو هجي يا ڪنهن مسڪين هاري جي پڳ ۾ پوندڙ ظالم زميندار يا وڏيري جي ناپاڪ هٿ جو هجي، اتي هي ابن سنڌ پنهنجي مذاهمتي گيتن ذريعي ان شيطانيت جي ڪردارن کي عوامي اقتدار توڙي انصاف جي منصبن آڏو وائکو ڪري مظلومن جي وڪالت طور هر پاپي ۽ جابر تي غدار جا ليبل هڻندو رهيو ۽ سندس هر ايلبم رهزنن جي ڳل تي چماٽ بڻجي رليز ٿيندو هو. سرمد رڳو فن طور نه پر دلي طور ديس دشمن ۽ قوم دشمن سامراجي ۽ سندن ساٿارين کان باغي هو، کيس ڪاٽن پائي ڪروزرن ۾ چڙھندڙن بجاءِ چتيون لڳل قميض ۽ ٽوال يا انگوڇي جي گوڏ ۽ پيرن ۾ کرڪڻ پاتل پانڌيئڙا پنهنجا ۽ پيارا لڳندا هئا، ڇو ته هن ڄاتو ٿي ته جڏهن به سنڌ ۾ قومي غلامي جي زنجيرن کي ٽوڙڻ جو وقت آيو ته اهي مٽي هاڻو ميرو تن ۽ سون جهڙو اجرو من رکندڙ مسڪين ماڻھون پنهنجون جرئتون استعمال ڪري رت جا نذرانا ڏئي به پنهنجي قوم لاءِ جاڳرتا ۽ سجاڳي خاطر جدوجهد ڪئي، ان مقصد جي ڪاميابي لاءِ وقت به وقت مزدورن هارين ۽ شاگردن کي جدوجهد جي راھه تي روانو ڪرڻ لاءِ پنهنجي سرن جي صدائن ۾ بهادري۔جرئت غيرت ۽ بلند حوصلن جهڙا هٿيار سپلائي ڪندو رهيو. توڙي جو سندس لکين مداحن جيان مان به سندس مداح ۽ هو منهنجي آئيڊيل ڪلاڪار رهيو آھي پر منهنجي ساڻس فقط پهرين ۽ آخري ملاقات ٿي سگهي، جڏهن هو شاهپورجهانيان ۾ سماجي ڀلائي واري تنظيم مهراڻ سوشل ويلفيئر جي هڪ سالياني پروگرام “جشن مهراڻ” ۾ آيو هو جتي کيس روبرو ڏسي ۽ ملي سگهيو هئس. سرمد ڀريل جسامت ۽ منهن ۾ قدرتي نور ۽ ڪامريڊي اسٽائل وارو ڳڀرو هو ۽ ان پروگرام ۾ جڏهن مهمان خاص مقامي ايم۔پي۔اي۔ڊاڪٽر بهادر ڏاهري جي  جي فرمائش تي ۽ پنڊال ۾ ويٺل هزارين ماڻھن جي تاڙين جي برسات ۾ قومي گيت “ڪات منهنجي ڪنڌ تي آئون ڪڏندو اچان چوندو اچان” کي پنهنجي جوشيلي سرن جي ورکا ۾ وکيريو ته ايئن لڳو ته جيئن سرمد نه پر سنڌ پاڻ ڳائي رهي هجي۔ سرمد معصوم صورت واري هڪ بيخوف شخصيت هئي ۽ هو پنهنجي ارادن جهڙي مضبوط دل رکندڙ ارڏو انسان به هو ۔ جنهن چيو وڃي ٿو ته قومي انقلابي گيت نه چوڻ لاء ڪيترائي ڪارندا ڪي چٺيون لکي ته ڪي فونون ڪري انقلابي گيت ڳائڻ بند ڪر ورنه! تنهنجو آواز هميشه لاءِ بند ڪنداسين“ جهڙين ڌمڪين باوجود پنهنجي قومي مسئلي تان دستبردار ٿي جهڪڻ بجاءِ مضبوط ارادي سان قائم بيهي ڪسجڻ کي ترجيح ڏيندو رهيو. پر افسوس! جو سندس زندگي کي چئلينج ڪندڙ ڪو ڪارندو ته سندس وار به ونگو ڪري نه سگهيو پر ٻه دفعا اسانجي محبوب کي مهلت ڏيندڙ روڊ حادثي واري موت کيس ٽئين دفعي هميشه لاء پاڻ سان گڏ کڻي ويو۔۽ پوء ! پوءِ سرمد سنڌي لکين ديس واسين جي لڙڪن جي وسڪاري ۽ اڇنگارن جي گونج ۾ ان ساڳي مقدس خاڪ واري خمير جي ڀاڪرن ۾ ابدي ننڊ سمهي پيو جنهن مان جنم ورتو هئائين۔ اڄ قبرستان جي پرخاموش فضا ۾ قبر اندر واريء جي ٿڌي سونڌيء تي ابدي ننڊ ستل سرمد انمول هيري جيان اسان کان وڃائجي ضرور ويو آھي۔پر شھرت جي بلندين تي پهتل سرمد ڪڏهن زوال پذير نٿو ٿي سگهي ۔ سندس مهان يادون ۽ آواز تاء قيامت قائم رهندو۔سندس ڳايل قومي انقلابي گيت موجوده توڙي ايندڙ نسلن جي رهنمائي ڪندا رهندا ۽ پختو يقين آھ ته ضرور هڪ ڏينهن سندس درس ورتل ديشي سرمد جو اڌورو رهجي ويل خواب ساڀيان ڪندا۔ ۽ سرمد سنڌي پوء به پنهنجي مداحن جي دلين۔ڪيسٽن جي پٽين ۽ تاريخ جي ورقن ۾ ھميشه زنده رهندو.