سردارن مان حياتي کي خطرو آهي، قتل ٿيڻ جي پرواهه نه آهي، ظالمن خلاف آخري ساهه تائين قانوني ويڙهه جاري رکنديس:اُمِ رباب

دادو : دادو جي ڪرمنل ڪورٽ ۾ اُم رباب جي والد سوڌو ٽن ڀاتين جي قتل ڪيس تي ٻڌڻي دوران پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو سوڌو ٻيا جوابدار پيش، جوابدارن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ڪيس ۾ آجا قرار ڏنل جوابدارن خلاف ڪيس نٿو هلائي سگهجي، عدالت جوابدارن جي وڪيل کي لکت ۾ درخواست ڏيڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، اُمِ رباب چيو آهي ته اڪيلي سر پنهنجي گهرڀاتين جي قتل کي انصاف ڏيارڻ ۽ سردارن خلاف قانوني جنگ وڙهي رهي آهيان، سردارن مان حياتي کي خطرو آهي، قتل ٿيڻ جي پرواهه نه آهي، ظالمن خلاف آخري ساهه تائين قانوني ويڙهه جاري رکنديس، عدالتن مان انصاف جي اُميد اٿئون، سُپريم ڪورٽ اُمِ رباب جي ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو، عدالت حڪم ڏنو آهي ته ڊي آءِ جي حيدرآباد جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت آڏو رپورٽ پيش ڪري، ڊي آءِ جي حيدرآباد کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي طور پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي