سرحد لڳ خوفناڪ حادثو، هڪ ئي ڪٽنب جي ٽن ڀاتين سميت 4 فوت، 3 زخمي

سرحد/ گهوٽڪي:-  سرحد موٽروي ايم 5 بيٽ وٽ دردناڪ حادثو پيش آيو جنهن ۾ هڪ ئي خاندان جي ٽن ڀاتين  سميت چار بخش سندس نياڻي مائي راشده، عبدالمالڪ ۽ ڪار ڊرائيور مظهر علي فوت ٿي ويا جڏهن ته ٽي ڄڻا ستن سالن جي نينگري عابده، مائي ساجده، عزيزانن سخت زخمي ٿي پيا جنهن کي پوليس گھوٽڪي جي اسپتال نيو ويو. موٽروي پوليس جي نااهلي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان روڊ تي بيٺل خراب ڪوچ کي نه هٽايو ويو جنهن جي ڪري ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ڪار بيٺل ڪوچ سان ٽڪرائجي ڪوچ جي پوئين حصي ۾ اندر هلي وئي، ٻن ڪلاڪن کانپوءِ موٽروي پوليس ڳري مشين گھرائي لاش کي ڪار مان ڪڍيو ويو، فوري طور تي اطلاع ڏيڻ باوجود موٽروي توڙي سرحد پوليس واقعي واري هنڌ دير پهتي جنهن جي ڪري زخمين کي ڪوچ مان ڪڍڻ ڏکيو ٿي پيو ۽ گھڻي رت وهڻ سبب گھڻو جاني نقصان ٿيو هوڏانهن ضروري ڪاروائي کانپوءِ فوتين جا لاش سندس وارثن جي حُالي ڪيا ويا، وارثن جو چوڻ هو ته فوت ٿي ويندڙ ڪراچي ۾ مزدوري جي سلسلي ۾ ويل هئا ۽ هاڻي هو عيد ڪرڻ پنهنجي اباڻي ڳوٺ نرليوالا ضلع راجنپور پنجاب اچي رهيا هئا ته هي حادثو پيش آيو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو، هوڏانهن موٽروي پوليس بيٽ 5 پنهنجو موقف ڏيندي چيو ته حادثو ڪار ڊرائيور کي ننڊ اچڻ سبب ٿيو آهي.